تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

غريبن جي پروگرام مان فائدو وٺندڙ آفيسر ۽ انھن جا خاندان

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ان مقصد لاءِ قائم ڪيو ويو ھو ته جيڪي غريب، پورھيت ۽ بي سھارا عورتون آھن انھن جي مالي مدد، ڪفالت ڪري سگھجي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ويٺل آفيسرن ميرٽ سان گڏوگڏ سفارش ۽ پنھنجا نوازي تحت به وڏي فھرست تيار ڪئي، سنڌ اندر پهريان ايف آءِ اي ڪراچي جي ٽيم ان سموري عمل جي انڪوائري ڪري رهي هئي، جنهن ۾ سکر، حيدرآباد، ميرپوخاص توڙي شهيد بينظير آباد ڊويزن جي سرڪلز آفيسون ساڻن سهڪار ڪري رهيون هيون، جنھن بعد فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سنڌ زون 2 جي آفيس مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جي صحي سان ايف آءِ اي سکر، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص سرڪلز ڏانهن ليٽر جاري ڪيو ويو ته شهيد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ ايف آءِ اي جي لاڳاپيل سرڪلز جي 17 کان 20 هين گريڊ جي آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ڄاڻايل چئني سرڪلز کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فائدو حاصل ڪندڙ آفيسرن توڙي مستحق ڄاڻائي رقم حاصل ڪندڙ انهن جي گهروارين سميت خاندان جي ڀاتين جا سمورو رڪارڊ مهيا ڪيو، ڄاڻايل سرڪلز طرفان صحت، تعليم، زراعت توڙي مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ انهن آفيسرن ڏانهن نوٽيس اماڻيا ويا جن پنهنجي گهروارين کي مستحق ڄاڻائي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم حاصل ڪئي آهي، اهڙي طرح ئي ايف آءِ اي سکر طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ 375 آفيسرن ڏانهن نوٽيس جاري ڪيا ويا، نوٽيس ملڻ کان پوءِ صحت، تعليم، زراعت، پوليس توڙي ٻين کاتن جي آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، جن پاران نالو ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ حاصل ڪيل فائدي واري رقم واپس ڪرڻ وارو سلسلو پڻ جاري آهي، ھن وقت تائين ايف آءِ اي جي ذريعن موجب 5 ڪروڙ روپيا رڪوري ڪئي وئي آھي. ايف آءِ اي طرفان سرڪلز کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فائدو حاصل ڪندڙن جون جيڪي لسٽون مهيا ڪيون ويون آهن، ان ۾ 17 کان 20 هين گريڊ جي آفيسرن جا نالا، مستحق ڄاڻايل سندن گهروارين جا نالا، قومي شاختي ڪارڊ نمبر، جتان رقم حاصل ٿي ان سينٽر جو نالو، ضلعو، تعلقو، يونين ڪائونسل، ڳوٺ ۽ موبائيل نمبر به لسٽ ۾ موجود آھن، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ ڪافي آفيسر عورتون پاڻ به شامل آهن جن جون پگهارون هڪ لک تائين يا وري وڌيڪ آهن پر ان باوجود پئسن جي حوس ۽ لالچ جي ڪري انهن پاڻ کي مستحق ڄاڻائي رقمون حاصل ڪيون آهن، جن جي الڳ لسٽ ايف آءِ اي سرڪلز کي اماڻي وئي آهي، حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ٻئي مرحلي ۾ اختيارين جي حڪم تحت فائدو حاصل ڪندڙ 280 کان وڌيڪ ذميوارن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آھن، جن مان اڪثريت گرفتاريءَ کان بچڻ جي لاءِ ضمانت به ڪرائي ورتي آھي. ان سلسلي ۾ گھڻي رخي انڪوائري به ھلندڙ آھي جنھن ۾ اھي به انڪشاف ٿيا آھن ته فائدو حاصل ڪندڙن ۾ ھڪ ايس ايس پي جي امڙ به شامل آھي، ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر سطح جي آفيسر، تعليمي کاتي ۾ 20 گريڊ جي استادن جي وڏي انگ، ھيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪٽر، پاپوليشن اينڊ ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن سميت مختلف اھم پوسٽن تي مقرر کاتن جي آفيسرن جون گھرواريون توڙيون ٻيون خاندان جون عورتون به شامل آھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *