تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

غربت هڪ گهاڻو آھي

ويهين صديءَ جي جديد ليکڪه “ورجينا وولف” جنهن جي کاتي ۾ Mrs. Dalloway جهڙو شاهڪار ناول آهي، سا جيتوڻيڪ کائڻ پيئڻ جي شوقين ڪونه هئي پر هڪ دفعي جڏهن سندس آڏو هن جو پسنديده کاڌو رکيو ويو ته هن کاڌي جي خوشبو مان مزو وٺندي هي لفظ چيا هئا ته: One can not think well, Love well, sleep well if one not eat well. ڪوبه نه سٺي طرح سوچي سگهي ٿو، نه پيار ڪري سگهي ٿو، نه چڱيءَ ريت سمهي سگهي ٿو جيڪڏهن هو چڱيءَ ريت کائي نٿو سگهي، پر ورجينا وولف ان وقت ان حقيقت کي شايد وساري ويٺي هئي ته کاڌو هر ڪنهن جي نصيب ۾ لکيل ناهي هوندو، آدم جو اولاد خوراڪ جي گهٽتائي جو شڪار آهي، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اها کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي، اها غربت، اها بک، بدحالي ڇا واقعي سندن نصيب آهي؟ ان ڏس ۾ نيلسن منڊيلا تمام بهترين ڳالهه ڪئي هئي ته: “غربت ڪو حادثو ناهي، ڪنهن غلامي يا رنگ جي فرق جيان بلڪه اها ته ماڻهن جي ايجاد آهي ۽ ان کي ماڻهو ئي پنهنجي عمل سان ختم به ڪري سگهن ٿا.”
حقيقت به اها آهي ته زمين تي جيڪڏهن حقدارن کي سندن حق ملندو رهي، محنتن جو مناسب اجورو ملندو رهي، انصاف ٿيندو رهي ته غربت مڪمل طور تي نه سهي پر گهڻي قدر گهٽجي ويندي. ڪيترائي انگ ڍڪجي ويندا، ڪيترائي بکايل پيٽ ڀرجي ويندا. خليل جبران هڪ هنڌ لکيو هو ته: جڏهن ڪنهن بکايل کان پڇيو ويو ته، ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيا؟ ته بکايل وراڻيو “چار مانيون” پر اڄ تائين غربت جي ڪنهن خطي ۾ گهٽتائي آئي آهي؟ توڙي جو دنيا ۾ هر سال 16 آڪٽوبر تي غربت  جي خاتمي جو ڏينهن International Day for the Eradication of Poverty ملهايو ويندو آهي پر فرق ڪوبه ڪونه پيو آهي. اسان جي ملڪ اندر موجوده حڪومت مهانگائيءَ ۾ پراڻن سڀني رڪارڊن کي پوئتي ڇڏيندي غربت جي شرح کي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي. هونئن ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي سموري تاريخ ۾ ڪنهن به پارٽيءَ غربت جي تناسب کي ڪِرڻ نه ڏنو آهي، بلڪه ويتر وڌايو ئي آهي. ويجهڙ ۾ نيب ۾ هلندڙ ڪيسن تي تمام وقتائتو تبصرو ڪندي ڪنهن لکيو هو ته، “جنهن ڏينهن منهنجي ملڪ ۾ 476 ارب روپين کان وٺي 1825 ارب روپين جي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا هئا، ان ڏينهن به غربت سبب مزدور جو ٻار ڳاڙهن مرچن سان سڪل ماني چٻاڙي رهيو هو.” اهو ئي هن ديس جو درد آهي، جنهن ۾ ڊگهي داستان کي شعر جي ٻن سٽن ۾ هڪ شاعر هيئن سهيڙيو هو ته:
يهان موت سب پر آتي هي
زندگي صرف چند خاندانون پر
سنڌ جا ڪيترائي علائقا اڄ به سڪل مانيءَ جي ٽڪر لاءِ سڪي رهيا آهن. جڏهن ته اها ئي بک ۽ غربت پنهنجي پيٽ مان ڏوهن جهڙي موذي مرض کي به پيدا ڪندي آهي، ڇو ته بکيو ماڻهو پيٽ پالڻ لاءِ ڪٿي نه ڪٿي ته جهڙپون ڏيندو. ارسطو چيو هو ته، “غربت هر ڏوهه جي ماءُ آهي.” غربت جي ڪک مان ڪيترائي ڏوهه جنم وٺي سماج کي سينواري رهيا آهن، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي جو اسان جي ڪنهن به حاڪم وٽ غربت جي خاتمي جو ڪو به سنجيده پروگرام نه آهي، پوءِ اهي حڪمران اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري سان ووٽ وٺي حڪومت جوڙيندڙ هجن، يا “ووٽ ڪو عزت دو” جي نعري وارن جي حڪومت هجي وري هاڻي “تبديلي” وارن جي حڪومت آهي، ڪنهن وٽ به غربت جي خاتمي جو ڪوبه حل موجود نه آهي، مهانگائيءَ جو ڪو ٽوڙ ڪونه آهي.
نه خنجر اٺي گا نه تلوار ان سي
يه بازو ميري آزمائي هوئي هين !
بک ۽ غربت هر خواب جا بخيا اڊيڙي ڇڏيندي آهي، پوءِ ماڻهو زندگي جيئڻ نه لڳندو آهي، بس زندگي کي گذارڻ لڳندو آهي. ڪنفيوشس دنيا ۾ وڌندڙ غربت جو ذميوار ملڪن جي حڪمرانن کي قرار ڏيندي لکيو هو ته: In a country well governed poverty in some thing to be ashamed پر هتي ڪنهن کي به غربت ۽ مهانگائي تي ڪا شرمساري ڪونهي. غربت پيرسن ماڻهن کان سڪون ڦري وٺي ٿي، غربت جيڪا نوجوانن کان زندگي سان سرشار نغما ڦري وٺي ٿي، غربت ته ٻارڙن کان سندن معصوم شرارتون ڦري وٺي ٿي. اهي انگل به ڪو نٿا ڪن، ڳڀي جي ڳولا ۾ پريشان رهن ٿا.
غربت ني سکا دي هي ميري بچون ڪو تهذيب
سهمي هوئي رهتي هين شرارت نهين ڪرتي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *