تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

عيد ۽ هڪ شاعريءَ جي ڪتاب جو احوال

منهن اونداهي ۾ مارننگ واڪ لاءِ گهران نڪتم، شاهي باغ ۾ واڪ ڪري، وڻن ٽڻن سان ڳالهائي، پکين سان دعا سلام ڪري، موٽ ڪيم. دڳ تي گانو “جب هم جوان هونگي، جاني ڪهان هونگي؟” جهونگاريندي، جهومندو آيم. لتا منگيشڪر ۽ شبير ڪمار جي آواز ۾، آنند بخشي جي سادن، سهڻن لفظن ۾ واهه جو آر ڊي برمن سرن جو ساهه وڌو آهي. موسيقي سازن جي شاعري هوندي آهي. آر ڊي برمن صاحب وڏو سگهارو موسيقار هو. هن گانن ۾ وائلن جو استعمال اهڙو شاهه ڪاريگريءَ سان ڪيو آهي جو سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ٻڌي اڻ تارو هجي، ترندو اچي.
عيد جو ڏينهن هو. ڇتي ڪتي جهڙي گرمي ڪانو سان گڏ ماڻهوءَ جي اک به ڪڍي رهي هئي. الف شاهه شهيد جي مزار وٽان لنگهندي، منهنجي نظر ميدان تي پئي، جتي هڪ خفتي پنهنجو اصيل ڪڪڙ ڪڇ ۾ کڻي، کيس پيار مان ٻچڪران ڏئي رهيو هو. اهو ڏسي مون کي سنڌ جهڙي گرم علائقي لاطيني آمريڪا واسي ليکڪ گبرائيل گارشيا مارڪيز جي شاهڪار ڊگهي ڪهاڻي “ڪرنل ڏانهن ڪوئي خط نٿو لکي” ۽ بادل جماليءَ جي سٺي ڪهاڻي “خفتي” ياد آيون. مارڪيز جي ڪهاڻي، سنڌيءَ ۾ ميهڙ جي مينديءَ جهڙي شاعر اسحاق راهيءَ جي سدوري ڏوهٽي ۽ شاعر رحمت سومرو، ترجمو سٺي نموني ڪئي آهي. سٺي ٽائٽل سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي. ڪڪڙ جي حوالي سان گرامو فون تي وڄندڙ جيوڻي ٻائي جي آواز ۾ پراڻو رڪارڊ به ياد آيو.
“نه مار منهنجي ڪڪڙ کي، حرام زادي تون!”
مان ڀنڀرڪي مهل گهر پڳم. گهرڀاتي خوابن جي دنيا ۾ هيا. مون فرج مان پاڻيءَ جي ٿڌي بوتل ڪڍي، پاڻيءَ ۾ مٺائي ملائي، گلاس ۾ بيئر وانگر ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳم. قرار ٿي ويا. جهٽ کانپوءِ بک ستايو. ڍٻل کڻي، انب سان کائيندي، جوهيءَ جي درويش ۽ تمام سٺي شاعر لياقت علي لياقت جي غزل جو مطلع ياد آيو.
چنڊ توکان چٽو ڪٿي آهي،
انب توکان مٺو ڪٿي آهي.
هانو تي ٻل ٿيو. نرمل پل ٿيو. سگريٽ دکائي، سرور ۾ جنت جو سير ڪرڻ لڳم. چانهه جي ٻاڙ لڳي. چپل لاهي، بورچي خاني ۾ اچي، ڪيٽليءَ ۾ چانهه ٺاهيم، پر ٿيل پيالو چانهه جو پي ڪري، رکيم مس ته چهچٽو مچي ويو. ٻار ننڊ مان اٿيا هيا. وڻ تي جهرڪيون پڻ چون چون ڪرڻ لڳيون. گهر ٻهڪي پيو. من مهڪي پيو. سچ پچ گهر زائفن ۽ ٻارن کانسواءِ قبرستان جي ڪنڊ ۾ پيل خالي دلي وانگر هوندو آهي.منهنجا نيڪ صالح پٽڙا تڙ ٻڙ ڪري، نوان ويس وڳا پائي، سينگارجي عيد نماز پڙهڻ ويا. پاڻ جڏهن من گهري، سجدو ڪيون ته زمين تي ستارا ٺهي وڃن.
مان ٺهي سنبري، هٽ تان سگريٽ وٺي موٽيم. گهران ٻڌايائون سائين نثار احمد سومرو عيد مبارڪ ڏئي ويو. خرچي نه ڏئي ويو. فرزند ارجمند موٽيا. عيد مليا. اولا لهي ويا. سڀني کي هوند سارو خرچي ڏنم. خوش ٿي ويا. مان ٿورو چڪر ڏيڻ لاءِ گهران نڪتم. گهٽيءَ ۾ ڪجهه پاڙيسري قرب سان عيد مليا، ڪن ڏسي منهن سڄايو. مسجد ڀرسان چوواٽي تي بيهي سوچيم ڪاڏي وڃان؟ سڀ لڏي ويا. ڪاريهر وارا ڪک ڇڏي ويا. شڪارپور مان خوشبو واري منهن چلڪائيندڙ ڪريم نڪري وئي. خالي شيشي هٿ ۾ آهي!
مون سائين نثار ڏانهن آءُ ڪئي. جيءَ سان جيءُ ڪبو آهي. هو گفتي جو گوهر، لائق استاد، ڪلاسيڪل ماڻهو ۽ ڄاڻ جو خزانو. ڀٽا محلا، ڪرن در وڃي گهر جو در کڙڪايو مانس. هن جو سدورو ۽ سهڻو پٽ عامر احمد نڪتو. پاٻوهه مان عيد مليو. سائين نثار احمد مٽن مائٽن ڏي ويل هو. عامر ميان ويهڻ، چانهه پيئڻ جو زور ڀريو پر مان سندس مهرباني مڃي هلي پيم جو سائينءَ کانسواءِ مٺي چانهه به ڦڪي لڳي ها.
مان سڏ پنڌ تي رهندڙ سنگتي محمد آزاد جوکيو ڏانهن وک وڌائي. هو سند باد جهازيءَ وانگر سدائين گهر کان ٻاهر. اتان واپس ورندي، سڙڪ تي پڳم ته بائيڪ اڳيان بيهاري، شاگرد محترم غوث بخش چانگ، اڪير سان عيد مليو. زوريءَ ڳڙهي ياسين موڙ وٽ پٺاڻ جي هوٽل تي وٺي اچي چانهه پيئاريائين. پٺاڻ جي چانهه ايڏي ڳوري جو ماڻهو ساندهه روز پيئي ته مهيني اندر ٽپڙ ٽيشن تي رکي، صنم وانگر تاڙيون وڄائي. ڪچڙي منجهند جو گهر آيم. گرمي وئل جي هئي. ماني ملي. سال کانپوءِ ٻاڪرو گوشت وٽو ڀريل مليو ته ڏاڍي خوشي ٿي. پاڻ جهڙي وچولي طبقي جي ماڻهو کي اهو گوشت مدي جي تپ مهل، ڊاڪٽر جي چوڻ تي ملندو آهي، ڪنهن وليمي ۾ يا ٻاڪري عيد تي. ماني نشو هوندي آهي. کائي، آهليم ته ننڊ جو گهيرٽ اچي ويو. سڀ مينهون وڪڻي جو سمهي پيم ته شام جو اٿيم، چانهه ملي. انگلئنڊ جي بادشاهه جارج اٺين وانگر پي ڪري، ميز تي رکيل ڪتابن کي ڏٺم. بينا مسرور جي شاعريءَ جو ڪتاب “تون ئي منهنجو محور آن” کنيم. ڪجهه ڏينهن اڳ شاعر دوست سجاد مهر ريل جي دٻي ۾ ڏئي ويو هو. بيدل مسرور بدويءَ شڪارپور جي ڪجهه دوستن لاءِ اعزازي ڪاپيون هن ڏانهن ٽپال رستي موڪليون هيون. وقت وقت جي ڳالهه آهي. پاڪستان ٽيلي ويزن جو سنهري دور هو. هڪ چئنل هو. چڱا ڀلا ڪتر ٿيندا هيا. پروڊيوسر صاحبان شهنشاهه سمجهندا هيا. بيدل صاحب پروڊيوسر ڇا ٿيو پر لڳي ويس. نڪ تي مک ويهڻ نه ڏئي. شڪارپور واسي دوستن کان طوطي وانگر اکيون ڦيري وڃي. اسان به چئون الله خوش رکيس. رٽائرڊ ماڻهوءَ جو کير به ٻلي پي ويندي آهي. اسان جا دلبر رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ شراب جي خالي بوتل وانگر ٿي ويندا آهن. سونهاريون رکي، حج ڪري، نوان ٿي، مسجد وسائيندا آهن.
بيدل مسرور بدوي ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ ۾ لچڪ آندي. هاڻي نياز نوڙت آئي اٿس. اڳي سينڍ ئي نه ڏيندو هو. فيس بڪ عجب دنيا آهي. ڪتاب آيو. بيدل مسرور پوسٽ تي رکيو. مبارڪن جا ٽڙڪا لڳي ويا. ڳڻپ کان ٻاهر لائيڪ ٿي ويا. ٻي پوسٽ رکيائين. “ڏوڪڙ موڪليو. ڪتاب روانو ڪبو” همراهه ايئن کسڪي ويا، جيئن جج صاحب جي اچڻ سان اسڪول ۾ ڪچهري ڪندڙ استاد صاحبان ڪلاسن ڏي آءُ ڪندا آهن.
ڪتاب ۾ پبلشر جي نوٽ کانپوءِ بيدل صاحب جا ٻه مضمون آهن. اهي پڙهڻ سان ايئن ٿو لڳي، ليکڪ بدران گهرواريءَ سان پيار ڪندڙ سٺي مڙس لکيا آهن. پهرئين ۾ هن ذاتي ۽ اداڪاري واري پاسي تي لکيو آهي. ان ۾ وڌاءُ آهي. وس پڄي آسڪر ايوارڊ ڏياريس. جڏهن ته سچ اهو آهي، بينا ٺيڪ ٺاڪ اداڪاره هئي. هن جي ڀيٽ ۾ سڪينه سمون، غزل صديق ۽ فضيلا قاضي برجستيون ۽ سگهاريون هيون.
شاعري ۽ موسيقي، اهي وڏا فن آهن، جيڪي زائفان جي وس جا ناهن. عورتن جي اندروني احساسن ۽ جذبن جو ڀرپور نموني شاعريءَ ۾ اظهار مرد شاعرن شاهه ڪاريگريءَ سان ڪيو آهي. ڀٽائي صاحب جي شاعري ڪمال آهي. هندوستاني ۽ پاڪستاني فلمن ۾ هيروئن جي ڏکن، سکن، وڇوڙي ۽ ٻين موضوعن تي پڻ شاعرن عورتن جي احساسن تي ڇا ته شاعري لکي آهي! عجب آهي!
بيدل مسرور بدوي بينا جي شاعري جي سري سان لکيو آهي. اهو به قصيدو آهي.
سنڌي ادب ۾ ناول، ڪهاڻي ۾ عورتن پاڻ ملهايو آهي. سنڌي شاعرائن ۾ ڪنهن پاڻ نه موکيو آهي. ڪجهه ڪجهه غزل يا سٽون چڱيون ملن ٿيون. اهي ته ڪئسٽي شاعرن وٽ به ملنديون. بينا مسرور جي شاعري ڪو خاص متاثر ڪونه ٿي ڪري. هڪ نظم جو عنوان اٿس “آڌي ڇٽي” ان ۾ احساس آهن. عنوان اردو، اسان وٽ ان لاءِ سٺو لفظ رسيس آهي. ان کي وڏي اديب بيدل به نه ٺاهي سگهيو جو رسيس لکي ها.
عورت شاعرائن سدائين مذڪر ٿي لکيو آهي. مرکان شيخڻ کان ويندي روبينا ابڙو تائين ڪنهن به مئونث ٿي نه لکيو آهي. بينا مسرور واحد شاعره آهي جنهن جا ڪجهه نظم مئونث بڻجي لکيل آهن. “مان تنها ناهيان” “اظهار” نظم مئونث ٿي لکيل آهن. جيڪي شڪ ۾ پڙهندڙ کي وجهن ٿا. صفا ڪو ٻيو ڪتاب نه هجي، ته هي ڪتاب هڪ ڀيرو پڙهي سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.

One Response to عيد ۽ هڪ شاعريءَ جي ڪتاب جو احوال

  1. رزاق سهتو says:

    بهترين ليک..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *