تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

عيد جون خوشيون ۽ مهانگائي جو طوفان

مذهبي ڏينهن خوشين سان گڏ ڪجهه سبق ڏيڻ لاءِ به هوندا آهن ،انهن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ حڪومتون عوام لاءِ آسانيون ۽ سهولتون پيدا ڪنديون آهن ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي عقيدي مطابق اهي ڏينهن ملهائي سگهي ۽ پيغام الاهي تي عمل ڪري سگهي. سرڪاري طور ادارن ۾ موڪليون ڪيون وينديون آهن،عام استعمال جي شيون سستيون ڪيون وينديون آهن جيئن هر ڪو پنهنجي وس آهر سولائي سان اهي شيون خريد ڪري پنهنجي ۽ خاندان جي خواهشن ۽ خوشين کي پورو ڪري سگهي. پر اسان وٽ نظام جي ناڪاره هجڻ جي مصيبت ڪري اهڙا خوشين جا ڏينهن به ماڻهو پريشاني ۾ گذاري ڇڏيندو آهي،منافعي خور انهن مذهبي ڏينهن کان به نه مڙندا آهن عام استعمال جون شيون ٻيڻيون ٽيڻيون مهانگيون ڪري ڇڏيندا آهن ۽ نظام انهن کي ايئن ڪرڻ کان روڪڻ ۾ بلڪل بيوس ۽ لاچار هوندو آهي يا انهن سان ٻٽ بڻيل هوندو آهي ۽ سڄو بار اچي عام ماڻهو جي ڪلهن تي پوندو آهي.
اڄ عيد جو ڀلارو ڏينهن آهي، قرباني جي عيد وارو ڏينهن جنهن جو سبق ۽ درس ئي اهو آهي ته پنهنجي پياري ۾ پياري شيءَ قربان ڪري پنهنجي پالڻهار جي خوشنودي حاصل ڪجي.پر انهي ڏينهن جي اچڻ کان اڳ ئي منافعي خورن مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي، ٽماٽن سميت عام استعمال جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، کنڊ ته وڃي 100 رپيا ڪلو تي پهتي آهي، جنهن جي قيمت 70 رپيا في ڪلو هجڻ گهرجي. شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق هن هفتي ۾ مجموعي طور 31 سيڪڙو مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي.انهي مهانگي ٿيل شين ۾ اهي شيون شامل آهن جن جو عام ماڻهو جي زندگي سان روز جو واسطو آهي انهن شين ۾ بصر ،اٽو،پٽاٽاشامل آهن جن کانسواءِ عوام جو ڪو ويلو گذارو ڪرڻ ئي مشڪل آهي.اڳ ئي ڪورونا جي ڪري ماڻهن جي روزگار جا ذريعا ڏينهون ڏينهن سوڙها ٿي رهيا آهن ،ماڻهن جون نوڪريون ختم ٿي رهيون آهن اهڙي صورتحال ۾ مهانگائي جو طوفان انهن کان جيئڻ جون سڀ واٽون بند ڪري رهيو آهي پر اسان وٽ انهن قيمتن تي ڪنٽرول جي نالي تي قائم ڪيل ادارا پنهنجو ڪو ڪردار ادا ڪندي نظر نه ٿا اچن،ماڻهن کي سرڪاري طور رليف ڏيڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ته قائم ٿيل آهن پر انهن تائين پهچ ڪجهه سيڪڙو ماڻهن جي مس آهي ۽ مٿان وري انهن اسٽورز تي اڪثر ڪري اهي عام استعمال جون شيون هونديون ئي ناهن جنهن ڪري انهن جو هجڻ يا نه هجڻ عوام لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.اڃان انهي مهانگائي مان عوام جي جان آجي نه ٿي آهي ته مٿان وري سرڪار هڪ ٻيو پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزارت ڏانهن سمري تيار ڪري موڪلي وئي آهي جيڪڏهن سرڪار ان جي منظوري ڏني ته پوءِ 7 رپيا في ليٽر پيٽرول مهانگو ٿي ويندو ،جيڪڏهن پيٽرول جون قيمتون وڌيون ته ان سان پاڻمرادو ڪراين کان وٺي عام استعمال جي شين جي قيمتن ۾ واڌارو ٿي ويندو.حڪمرانن جي عوام کان لاپرواهي ۽ انتظاميا جي غير فعال هجڻ ڪري منافعي خورن کي عوام جو رت چوسڻ جو موقعو ٿو ملي ،لڳي ٿو هن عيد تي به عوام ٻنهي هٿن سان لٽبو ۽ انهن منافعي خورن کان ڪير بچائڻ وارو به نه هوندو.
اسان جا حڪمران عام ڏينهن ۾ ته عوام کي ڪي سهولتون ڏيڻ کان رهيا پر اهڙن ڀلارن ڏينهن تي به انهن جي مذهبي خوشين کي خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.اسان سمجهون ٿا ته اها رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ،عام استعمال جي شين جي پاڻمرادو وڌندڙ قيمتن تي نظر رکڻ انتظاميا جي ذميواري آهي،جيڪڏهن ڪير پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو ته ان جي سزا عوام کي ملي ٿي،تنهن ڪري ضروري آهي ته حڪومت قيمتن تي ڪنٽرول جو ڪو اهڙو مڪيننزم جوڙي جو ڪنهن به منافعي خور ۽ ذخيره اندوز کي عوام کي ڦرڻ جو اختيار نه ملي ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سرڪاري رٽ نظر اچي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *