تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

عورت بااختيار ته سماج خوشحال

دنيا جون عورتون ڪٿان کان ڪٿي  پهتيون آهن هر اداري ۾ بااختيار ٿي ڪم ڪري رهيون آهن ڳوٺن کان شهرن تائين ننڍي ڪاروبار کان وڏي ڪاروبار تائين پنهنجو ڪم ڪار بهترين انداز ۾ سرانجام ڏيئي رهيون آهن  پنهنجي خاندان   ۽ پنهنجون گهرجون سولائي سان پوريون ڪري رهيون آهن. جڏهن ڪو به فرد پاڻ ڪمائي ڪجهه پنهنجي گهر ۽ پاڻ تي خرچ ڪري ٿو ته کيس خيال اچي  ٿو ته هو ڪنهن تي بار ناهي، هو ڪجهه ڪري سگهي ٿو سندس وجود بي معنيٰ ناهي، کيس پنهنجو وجود بامقصد لڳي ٿو. 
پر ان جي ابتڙ اسان جي ڏيھه جون عورتون اڄ به گهريلو تشدد  مان جند آجي ناهن ڪرائي سگهيون انهن جي تقدير جا فيصلا اوطاقن ۽ مردن جي هٿن ۾ آهن.  هو رڳو گهر جي  ڪم ڪار جون مشينون تصور ڪيون وينديون آهن بنا اجرت ۽ بنا ٻه  ٻول خوشي جا ملڻ جي روئينديون به آهن ته جيئنديون به آهن، سندن جا به ڪي خواب، خواهشون ۽ خوشيون آهن هو به جيئڻ چاهين ٿيون پنهنجي پيرن تي بيهڻ چاهين ٿيون پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان جي سماج ۾ رهندڙ هر فرد محسوس ڪندو ته عورت رڳو مرد کي راضي ڪرڻ، ٻار سنڀالڻ، گهر يا زمين جو ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ پيدا ناهي ٿي.  عورت  مرد جي قدم سان قدم ملائي اڳتي هلي وڌي سگهي ٿي خاندان جي مددگار ٿي سگهي ٿي. تاريخ گواهه آهي ته عورت پنهنجي گهر جي مردن سان ملي ڪري گهر جون ذميواريون بهترين نموني ادا ڪري سگهي ٿي پوءِ اها عورت شهر جي هجي يا ڳوٺ جي، جتي جتي عورت کي موقعا مليا آهن ان  ثابت ڪيو آهي ته هو ڪنهن کان گهٽ ناهي، پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ هڪ ته سماجي مسئلن جا انبار آهن ٻيو غربت ايتري آهي جو گهر جو رڌڻو هلڻ مشڪل ٿي ويو آهي مٿان قبائلي سوچون وڃن پيون وڌنڌيون جنهن مطابق عورت کي تعليم ڏيارجي ته ڇو؟، عورت نوڪري ڪري ڇا ڪندي؟ عورت ڳوٺن يا شهرن ۾ ننڍو وڏو واپار ڪري ڇا ڪندي؟ عورت جو ڪم گهر سنڀالڻ آهي جيڪو هو ڪري رهي آهي. هتان جي سماج جي ڪجهه ماڻهن کي ڇڏي باقي جي  سوچ اها آهي ته عورت ته مطلب مرد جي غيرت. مطلب مرد جي طاقت رڳو عورت جي غيرت تي ختم ٿئي ٿي ، ڇا غيرت رڳو مرد کي آهي؟ عورت کي ناهي؟ ايئن بلڪل ناهي هر انسان کي پنهنجي، پنهنجي عزت جو خيال رکڻ اچي ٿو سو به بهترين نموني، عورت ته گهر جي طاقت آهي، سگهڙ عورت پنهنجن گهرن ۾ گنديون گندولا، ڀرت، تڏا، پنڊيون الائي جي ڪيترا هٿ جا ڀرت ڀري گهر جي سونهن ۾ اضافو ڪنديون آهن. هن غربت جي صورتحال ۾ هو مردن جي، پنهنجي گهر ڀاتين جي سگهه ٿي سگهن ٿيون. اسلام ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن ۾ ڏسون ته 1400 سال پهرين حضرت بيبي خديجه رضي الله تعالا عنه عورتن لاءِ بهترين مثال آهي ايئن ھر ملڪ ۾ عورتون اڳتي وڌيون آهن پر اتان جي حڪومتن عورتن لاءِ هر شهر ۾ هنري ادارا کوليا آهن هر فيلڊ ۾ عورتن لاءِ موقعا پيدا ڪيا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتي عورتن کي  پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ ڪي به موقعا نه آهن مختلف وقتن ۾ مختلف اين جي اوز اچن ٿيون خانا پوري ڪري ڪجهه سلائي مشينون ڏيئي فوٽو ڪڍي وري ظاهر ئي ڪونه ٿين ٿيون. اصل ۾ ڏسجي ته هي ڪم حڪومت وقت جو آهي جيڪا عورتن کي ننڍا قرض ڏيئي، حڪومتي سکيا جا ادارا کولي،  سکيا کان پوءِ انتظام ڪيو وڃي ته هر ڳوٺ جون ڪجهه عورتون ان ڪاروبار کي اڳتي وڌائينديون، ڪجهه ان ۾ ڪم ڪنديون، ڪجهه ڳوٺ جي عورتن جي ڪائونسلنگ ڪنديون، ته اهي عورتون  پنهنجي گهر ۾ ويهي  پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهن ٿيون ۽ سندن گهر بهترين انداز ۾ هلي سگهي ٿو، سندن جا ٻار به سٺي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا پر ان لاءِ ساڃاهه وندن ۽ مختلف عملي ڪم ڪندڙ اين جي اوز سان گڏ حڪومت کي حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي.
وقت اچي ويو آهي ته حڪومت کي پنهنجي ڪائونسلنگ جي ٽيم ٺاهڻ گهرجي جيڪا  هر شهر لاءِ الڳ الڳ مقرر ڪئي وڃي ڪنهن ڳوٺ يا پاڙي ۾ مردن ۽ عورتن جي ڪائونسلنگ ڪئي وڃي. اتان جي چڱي مڙس کي نياڻين جي تعليم ڏيارڻ جا مک سبب ٻڌايا وڃن بهترين مثالن سان کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ڇو جو هي دور اهو دور آهي جنهن ۾ جيڪڏهن عورت بااختيار نه ٿيندي ته ڪو گهر مڪمل طور خوشحال نٿو ٿي سگهي. ڇو ته اڄڪلهه جيڪي حالتون سنڌ جي ماڻهن جون آهن اهي بيان ڪرڻ مشڪل آهن. ان کان وڌيڪ ڪهڙو مثال ڏجي، جتي غربت ڪري خودڪشيون ڪيون وڃن ٿيون اهڙي صورتحال ۾ عملي طور گڏيل ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. 
 منهنجي خيال ۾ ته بهترين ماحول پنهنجي محنت ۽ حوصلي سان پيدا ڪري سگهجي ٿو. اسان جون نياڻيون  عزت ڀرئي ماحول ۾ تعليم  حاصل ڪري سگهن ٿيون، ڇو جو اها هن دور جي اهم ضرورت آهي . اسان جو سماج ايترن مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار ٿي ويو آهي جو گڏيل نموني سوچڻو پوندو. اسان جو فرض آهي ته سڀ ملي مثبت سوچ سان اڳتي وڌون. طرف پر حڪومت، مختلف سياسي جماعتن، مذهبي جماعتن، سوشل ايڪٽيوسٽ، سماجي اڳواڻن جي ساٿ کانسواءِ ممڪن ئي ناهي. ان کان علاوه هڪ آخري ڳالهه پنهنجن نياڻين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪجهه ذميواريون والدين جون به آهن جيئن تعليم جا بهترين موقعا ڏيڻ، پٽ ۽ نياڻين ۾ بنا فرق جي ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ، اولاد جي ذهني تربيت ڪرڻ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ مٿن ڀروسو ڪرڻ، وقتي مسئلن کان بلڪل نه  گهٻرائڻ ۽ نياڻين ۽ والدين ۾ دوستي واري تعلق کي پيدا ڪرڻ جيئن سمورا گهر ڀاتي هڪٻئي لاءِ همت جو سبب بڻجن. عورت بااختيار ٿيندي  ته يقين ڪيو هو ذهني طور سگهاري ٿيندي سندس جي اندر جا وهم وسوسا ختم ٿيندا هن جو پاڻ تي ويساهه وڌنڌو ۽ اها جيت سماج جي جيت آهي ڇو جو عورت ۽ مرد جو گڏيل طور ڪامياب ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *