تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

عورت: انسان يا ملڪيت

وڏن زميندارن، سرمائيدارن ۽ نون اميرن جا رواج، ضابطا سندن خواهشن جي تابع هوندا آهن اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا آهن. قانون هو پنهنجي ضرورت، رواج ، پنهنجي عزت جي نالي تي ٺاهين ۽ بگاڙين ٿا. اها جاگيردارن جي ڪرت ۽ طريقو آهي جيڪو کين وڻندو هو. کين ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي هوندي ته قانون ڇاٿو چوي، شريعت ۽ دين ۾ ڪهڙو حڪم آهي. سڀ کان وڌيڪ انساني جبلت ۽ ضرورت ڇا آهي. ضلعي گهوٽڪي ۾ هڪ شادي تڪرار جو سبب بڻجي وئي جنهن جا اثر ضلعي جي سياست تي پوڻ لازمي ٿي ويو آهي. قبيلي جي مرحوم سردار جو جوان پٽ جيڪو هاڻي قبيلو جو سردار به آهي، پنهنجي ڀيڻ جو رشتو ضلعي جي هڪ گادي نشين جي پٽ سان ڪرايو. شادي به ٿي وئي، هن شادي تي سردار جو سئوٽ جيڪو موجوده سردار جي ننڍي عمر دوران قبيلي جي سردار جون ذميواريون نڀائي رهيو هو، ان بنياد تي سخت اعتراض ڪيائين ته سندن قبيلي ۾ ايئن ڪڏهن ناهي ٿيو ته سردار گهراڻي جي ڌيءُ ڪنهن ٻئي خاندان ۾ وئي هجي. سندس اهڙي اعتراض تي نوجوان سردار جو چوڻ آهي ته هنن شرعي اصولن جي پاسداري ڪندي، پنهنجي ڀيڻ جي شادي ڪئي، بجاءِ ان جي جو سندن ڀيڻ گهر ويٺي هجي ها. سندس اهو جواب ان جي سئوٽ لاءِ اطمينان جوڳو نه هو. هن قبيلي جي سرگرم ماڻهن جو اجلاس طلب ڪيو ۽ هن معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيو وڃي ٿو ته سرگرم ماڻهن به سندس اعتراض جي تائيد ڪئي ۽ چيو ته سندن قبيلي جي ڌيءُ جي شادي ٻاهر ڪيئن ٿي سگهي ٿي. شادي ته هاڻي ٿي چڪي پر هن شادي جي ڪري ضلعي جي سياست تي اثر پوندا. نوجوان سردار ۽ سندس سئوٽ وچ ۾ اڳ کان سياسي بنيادن تي ڇڪتاڻ آهي. نوجوان سردار پيپلزپارٽي جو حامي آهي ۽ ان جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي. پارٽي کيس صوبائي صلاحڪار جو عهدو به ڏنو آهي. سئوٽ پيپلزپارٽي جو مخالف آهي ۽ سياسي پارٽين جي اتحاد جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي ميمبر آهي. کيس اها ڳالهه به نٿي وڻي ته سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو قبيلي جو سردار به آهي، ڪٽنب جي مفادن خلاف سياست ڪري. نوجوان سردار پنهنجي مرحوم والد جو پٽاڻو اڪيلو اولاد آهي جيڪا کيس پوڙهائپ ۾ ٿي جنهن کانپوءِ هو لاڏاڻو ڪري ويو. نوجوان سردار پنهنجي والد جي لاڏاڻي جي وقت ننڍي ڄمار جو هو، ان لاءِ قبيلي جي معاملن ۽ مفادن جي نگراني جي ذميواري سندس سئوٽ کي سنڀالڻي پئي هئي. ٻئي پاسي گادي نشين به درگاهه جي سرگرم ماڻهن جو اجلاس منعقد ڪيو جنهن ۾ جوان سردار جي سئوٽ سان لاڳاپن خاص طور سياسي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن شادي جو پس منظر کڻي ڪجهه به هجي پر هن شادي جو عمل قبائلي رواج جي ابتڙ تصور ڪيو وڃي ٿو. هن ئي رواج کي برقرار رکڻ لاءِ اختلاف وڌيڪ گهاٽا ٿي ويا آهن. ضلعي گهوٽڪي ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ قبيلا رهن ٿا ۽ اڪثر جا سردار به ضلعي جا ئي آهن، جوان سردار جو مرحوم والد به نرم مزاج هجڻ سان گڏوگڏ سخت مزاج به هو. جنرل ضيا جي دور ۾ هو صوبائي وزير هو. جڏهن هو سکر ايئرپورٽ تي لٿو ته کيس وٺڻ لاءِ ٻين صاحبن ۾ ڊپٽي ڪمشنر به هو جيڪو مرحوم سردار جي قبيلي سان واسطو رکندو هو. مرحوم سردار کي سخت اعتراض هو ته ڊپٽي ڪمشنر ساڻس جهڪي نه مليو. هن تماشگاهه ۾ سندس پٽ بهرحال مدي خارج رواجن خلاف بغاوت جو علم اوچو ڪيو. ان جيان ئي ڪجهه ٻيا جوان تعليم يافته بڻيا. ڇوڪرين جي تعليم جي حق ۾ ۽ ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم تي عمل ڪرڻ بدران مخالفت ۾ علم کنيائين.
قبائلي رسم ۽ رواج ان ڳالهه جي اجازت ئي نٿا ڏين ته ڌيءُ جي شادي قبيلي کان ٻاهر ڪئي وڃي ۽ قبيلي ۾ به جيڪڏهن ڌيءُ سردار گهراڻي جي آهي ته ان جي شادي ان وقت تائين نٿي ٿي سگهي جيستائين رشتو برابر جي حيثيت رکڻ وارن جو نه هجي. قبائلي سردار هجي يا گادي نشين، سندن ڌيئرون ويٺيون رهجي وڃن ٿيون ۽ انهن جا وار اڇا ٿي وڃن ٿا. شادي کانسواءِ ئي لاڏاڻو ڪري وڃن ٿيون. جيڪڏهن ڇوڪري جي عمر وڌي وڃي ٿي ته به پنهنجي ئي قبيلي جي ننڍي عمر جي نوجوان سان شادي ڪرائي وڃي ٿي. ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب جاگيرداري ۾ لکي ٿو “جاگيردار خاندان ۾ ان عورت جي وڌيڪ عزت هئي جيڪا وارث پيدا ڪندي هئي، ڇوڪرين جو ان لاءِ قدر نه هو ڇو ته هو ڪٽنب جي عظمت ۾ ڪو واڌ نه ڪري سگهيون هيون. ان لاءِ اڪثر يا ته ڇوڪرين کي لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو يا سندن شادي ئي نه ڪرائي ويندي هئي” هن لکيو آهي ته “سنڌ ۾ ڇوڪرين جي شادي قرآن سان ڪرائي ويندي آهي. اها رسم وڏي جاگيردار گهراڻن (گهڻا ئي پير گهراڻا به ان تي عمل ڪن ٿا) ۾ آهي. ان جو هڪ مقصد اهو آهي ته شادي ڪري ڪنهن غير خاندان جي شخص کي پنهنجن ۾ داخل نٿو ڪيو وڃي. ٻئي ڪٽنب جي ڇوڪري ڪنهن ٻئي مرد جي ملڪيت نه بڻجي ۽ ٽيان ملڪيت جا حصيدار نه هجن. ڪجهه جاگيردار ڪٽنبن ۾ ڇوڪرين جي شادي نٿي ڪئي وڃي ۽ پيدائش کان موت تائين سندن زندگي حويلي ۾ گذري ٿي” اڄ جي تعليم يافته دور ۾ به هنن رواجن تي عمل ڪيو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ مردن تي ڪنهن قسم جي پابندي ناهي ۽ نه ئي انهن تي ڪو رواج لاڳو ٿئي ٿو. هو جيتريون وڻين شاديون ڪن انهن کان ڪو سوال نٿو ڪري سگهجي. هن عمل کي جاگيرداراڻو تصور ڪيو وڃي ٿو پر ان جي خلاف ڳالهائڻ لاءِ مختلف سببن جي ڪري ڪو تيار ناهي هوندو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي عمر 13 سال هئي جڏهن سندس پهرين شادي سندس عمر ۾ وڏي عورت سان ڪرائي وئي هئي. عورت ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي دولتمند چاچي وڏيري احمد خان ڀٽو جي ڌيءُ هئي جنهن جو نالو شادي کان اڳ شيرين هو جنهن کي بعد ۾ امير بيگم ڪيو ويو. شيرين جون ٻه ٻيون ڀينرون هيون، سندس والد کي ڪو پٽ جو اولاد نه هو. شيرين جي والد سندس رشتو ڀٽو قبيلي کان ٻاهر نه ڪيو جڏهن ته هن دولت مند وڏيري جي ڌيءُ لاءِ رشتن جي کوٽ نه هئي. ڌيءُ جي عمر وڌندي رهي. ان جي ابتڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي والد شاهنواز ڀٽو پنهنجي ڌيءُ منا کي ويهارڻ بدران سندس شادي هڪ مهاجر منور الاسلام سان ڪري ڇڏي هئي. گهوٽڪي ۾ ئي ڏهر قبيلي جي هڪ نوجوان مهر قبيلي جي هڪ ڇوڪريءَ سان ڇوڪريءَ جي ڪٽنب جي رضامندي خلاف شادي ڪئي هئي. انهن جي ڳولا ۾ مهر قبيلي جي ماڻهن زمين ماپي ڇڏي هئي. اهو ته اتفاق آهي جو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي افغانستان جي سرحد تي مارجي ويا هئا. سندن مارجڻ جو سبب غيرقانوني طور تي سرحد پار ڪرڻ هو. قبيلن ۾ ٻئي قبيلي جي ڇوڪري سان شادي تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *