تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

عوام جي تحفظ لاءِ پوليس عدم تحفظ جو شڪار

شڪارپور ضلعي جو تعلقو لکي جيڪو ويجهي ماضيءَ ۾ قبيلائي تڪرارن جي حوالي سان باقي سنڌ ۾ پنهنجو خوني ۽ خطرناڪ تعارف پيش ڪندو رهيو آهي. ان تعلقي لکي ۾ جتي سالن کان قانون جي ڪمزور ٿيل رٽ سبب مقامي پوليس جي ساک تي سوال اٿندا رهيا آهن اتي مقامي پوليس ڏهاڪن کان مختلف مسئلن جو شڪار آهي. لکي تعلقي ۾ 9 ٿاڻا ۽ 22 پوليس چوڪيون آهن جن مان اڪثر ٿاڻن ۽ پوليس چوڪين کي پنهنجون سرڪاري عمارتون ناهن بچل ڀيو، دائم ملڪ، جهلي ڪلواڙي سميت اڪثر پوليس ٿاڻا عارضي طور ايريگيشن، تعليم کاتي، ٻيلي کاتي ۽ اسپتال جي پراڻين عمارتن ۾ قائم ڪيا ويا جن کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر انهن کي پنهنجون الڳ بلڊنگيون نه ملي سگهيون آهن يا وري سرڪاري ۽ پوليس قيادت جي غلط پلاننگ سڀ لکين رپين جي لاڳت سان ٿاڻن لاءِ ٺهيل وڏيون بلڊنگيون هينڊ اوور ٿيڻ کان پهرين تباهه ٿي ويون آهن.
چڪ ويجهو دائم ملڪ ٿاڻي کي پنهنجي عمارت نه هجڻ ڪري پهريان تعليم کاتي جي پراڻي اسڪول ۽ بعد ۾ ڪجهه سالن کان چڪ ويجهو کاهي ڳوٺ جي ڀر ۾ آپاشي کاتي جي بلڊنگ ۾ قائم ڪيو ويو آهي ساڳئي ريت جهلي ڪلواڙي ٿاڻي سميت تعلقي لکيءَ جا اڪثر ٿاڻا تعليم کاتي، ايريگشن ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي عمارتن تي قبضا ڪري قائم ڪيا ويا آھن جن کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود نيون بلڊنگيون نه ملي سگهيون آهن. چڪ سميت رستم، لکي غلام شاهه، بچل ڀيو، دائم ملڪ، جهلي ڪلواڙي، جهان خان، ماڙي، شريف خروس ٿاڻن اندر رھائش لاءِ اڻپورا انتظام آھن. سرڪاري ڪوارٽرن جي حالت انتھائي خراب آهي ۽ ڇتين جا چاپڙ ڪرندا رهندا آهن.
چڪ ٿاڻو پاڪستان کان اڳ انگريز دور جو ٺهيل آهي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 37-1938 برطانيه دور ۾ ٿاڻي جو درجو مليو جڏهن ته باقائده بلڊنگ سال 1941 برطانيه دور ۾ ٺهي هن وقت هڪ ايس ايڇ او سميت ٽوٽل 80 اسٽاف مقرر آهي اهڙي طرح رستم ٿاڻي جي بلڊنگ سال 1965 ۾ تعمير ٿي هن وقت ايس ايڇ او سميت ڪل اسٽاف 38 آهي جڏهن ته لکي غلام شاھ ٿاڻي جي بلڊنگ -1984ع ۾ لکي چوڪي طور ٺهي جنهن کي 1992۾ تعلقه هيڊڪوارٽر ٿاڻي جو درجو ڏنو ويو. جڏهن ته ساڳئي ٿاڻي جي بلڊنگ 1992 کان 2020 تائين ٿاڻي جي چوديواري توڙي عمارت جو ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي. ايترن سالن ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ۽ ويون پر تعلقي لکيءَ جا ٽي وڏا ٿاڻا جئين جو تيئن رهيا آهن.
اعتراف ڪيو ته ضلعي جي ٿاڻن جي حالت انتھائي خراب آھي، ان کان علاو لاڪپ پـڻ موجود ناھن تنھن ڪري انھن ٿاڻن تي گرفتار ڏوھارين کي ٻين ٿاڻن تي رکيو ويندو آھي. ان سلسلي ۾  پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير سدوزئي چيو آهي منهنجي مقرري کان پهريان ئي تعلقي لکي غلام شاهه ۾ زبون ٿي ويل 3 ٿاڻن جون نئين سر عمارتون منظور ٿيون هيون پر ڪرونا وائرس سبب انهن ٿاڻن جو تعميراتي ڪم شروع نٿي سگهيو پر هاڻي ان معاملي تي ڪوشش ڪبي ته اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪري ٿاڻن جي نئين بلڊنگ سان گڏ پراڻن ٿاڻن جي مرمت لاءِ به درخواست ڪبي اميد آهي ته جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.اسان جي صلاح آهي ته ان لاءِ اڳوڻن اعلي آفيسرن وانگر سکڻن اعلانن بجاءِ عملي طور قدم کڻڻ گهرجن. جيڪڏهن عوام کي تحفظ فراهم ڪندڙ پوليس اهلڪار پاڻ ئي سر بچائڻ ۾ پورا هوندا ته هو ماڻهن جي حفاظت ڪيئن ڪري سگهندا. ان لاءِ حڪومت نه رڳو وڌيڪ بجيٽ رکي پر ان جي شفاف خرچ جو پڻ بندوبست ڪري.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *