تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

عوام بدران طاقتور سان سودي بازي جو چڪر

ٻه سال پورا ٿيڻ بعد حڪومتي وزير، پنهنجي وزارتن جي ڪارڪردگي پريس ڪانفرنسن ذريعي بيان ڪري واندا ئي مس ٿيا آهن، ته هڪ دفعو وري نواز شريف کي ملڪ واپس آڻڻ جا ارادا سامهون آيا آهن، نيب ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ سرگرم ٿي ويا آهن. هلندڙ هفتي نواز شريف کي ملڪ واپس آڻڻ لاءِوڌيڪ اڳڀرائي ٿيڻي آهي. وزيراعظم کي سندس ڪچن ڪابينا جي ميمبرن ٻڌايو آهي ته نواز شريف جعلي رپورٽن جي بنيادن تي حڪومت کي بي وقوف بڻائي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويوهو. جنهن ڪري کيس واپس گهرايو وڃي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو سمجهن ٿا ته حڪومت پاڻ نواز شريف کي  ٻاهر موڪلڻ لاءِ سهولت ڪاري جو ڪم ڪيو هو. جيڪڏهن نواز شريف کي واپس آڻي جيل نه موڪليو ويو ته هو حڪومت لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪندو، ان ڪري نواز شريف جو لنڊن ۾ پنهنجي گهر ۾ رهڻ بدران  لاهور جي جيل ۾ هجڻ ضروري آهي .
وزيراعظم به “ ٻين” سان مشورو ڪرڻ بدران پنجاب حڪومت کي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽن جي جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن واقعي ان سلسلي ۾ ڪو فراڊ ڪيو ويو آهي ته ذميدارن جو به تعين ڪيو وڃي، جيئن انهن کي سزا ڏئي سگهجي.
ميان نواز شريف گذريل سال عدالتي حڪم ۽ شهباز شريف جي ضمانت تي چئن هفتن جي ضمانت تي علاج ڪرائڻ لاءِ لنڊن ويو هو. نواز شريف جي ملڪ مان روانگي کان اڳ ۾ ن ليگ ڪاميابي سان ملڪ جي ميڊيا ۽ حڪومت کي بي وقوف بڻائي نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. ميان صاحب جي بيماري کي شاندار نموني ڊراماٽائيز ڪري ميڊيا ۾ اهڙو تاثر پيدا ڪيو ويو ته نواز شريف رڳو چند ڏينهن جو مهمان آهي. نتيجي ۾ حڪومت دفاعي پوزيشن تي هلي وئي. ان وقت پنجاب جي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جڏهن سروسز اسپتال ۾ ميان نواز شريف جي ٽيسٽن جو معائنو ڪرڻ بعد اسپتال ٻاهران موجود  ميڊيا سان ڳالهايو پئي ته ايئن لڳي رهيو هو ته ميان نواز شريف جي طبيعت تمام گهڻي نازڪ آهي. ان بعد عدالت ذريعي ميان نواز شريف لنڊن علاج لاءِ هليو ويو. پر سندس نياڻي مريم نواز شريف کي لنڊن وڃڻ جي عدالتي اجازت نه ملي. شهباز شريف ان ڪيس ۾  ضامن هو، ان ڪري مختلف موقعن تي ،جڏهن هن کي حڪومت خلاف ڳالھائڻ گهرجي ها، هن خاموشي کي ترجيح ڏني رڳو واٽس ايپ بيانن تي پنهنجي موجودگي ڏيکاري. اهو ئي سبب آهي ته ن  ليگ جي عام ڪارڪنن وٽ شهباز شريف لاءِ ڪو سٺو تاثر ناهي، هن کي عام طور تي ن ليگ اندر اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته شريف خاندان جي ن ليگ مٿان وڏي اجاراداري آهي، ان ڪري شهباز شريف خلاف واضح آواز سامهون نٿا اچن. جڏهن ته هن جي حامين جو خيال آهي ته شهباز شريف عملي سياستدان آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته موجوده حڪومتي نظام اندر اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ بدران ان سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته ن ليگ ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هڪ وڏو طبقو ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جي اسٽيبلشمينٽ مخالف نظريئي سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿو.
ميان نواز شريف کي هڪ دفعو وري ملڪ آڻي ان کي جيل موڪلڻ جي ارادن پويان ڪير آهي، ۽ ائين ڇو ڪيو پيو وڃي؟ ڇا ميان نواز شريف ملڪ واپس ايندو به سهي؟ ان باري ۾ پوءِ ٿا ويچار ڪريون، پهرين ان ڳالھه تي غور ڪرڻ ضروري آهي ته ميان نواز شريف يا مريم نواز شريف، جنهن سياسي بيانئي جو اظهار ڪيو هو، جيڪڏهن هو سڏ ڏين ته  ان لاءِ هنن جا حامي ٻاهر نڪرندا يا نه؟ جڏهن ته ان ئي سوال اندران ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هو ايئن ڪندا به سهي ؟
ان جو جواب هي آهي ته ملڪ جي ٽنهي صوبن جي ڀيٽ ۾   پنجاب گهڻو خوشحال صوبو آهي، خاص ڪري جي ٽي روڊ وارو پنجاب جو علائقو، جنهن جا خوشحال شهر ارب پتين ۽ ڪروڙ پتين سان ڀريا پيا آهن، ان خوشحالي جو وڏو محرڪ نواز شريف رهيو آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ دهشتگردي جو وڏو فائدو پنجاب جي شهرن کي ٿيو، ڪراچي ۽ نوري آباد جون صنعتون بدامني سبب پنجاب منتقل ٿيون، نتيجي ۾ پنجاب اندر 30 سال اڳ وارا شهر وڏا صنعتي شهر بڻجي ويا، پنهنجي سڄي سياسي سفر ۾ ميان نواز شريف اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ملڪ ۾ سياست ۽ حڪمراني ڪئي، پر ضدي طبعيت جي محتاج نواز شريف سدائين آئين جي بالادستي جي نالي ۾ پنهنجي ذات کي طاقتور بڻائڻ لاءِ ڪڏهن به ڪو موقعو هٿان نه وڃايو. سندس ٽن حڪومتن جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته هو پارليامينٽ کي طاقتور بڻائڻ بدران پنهنجي ذات کي طاقتور بڻائڻ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هو. ميان نواز شريف جي جڏهن 1999ع ۾ حڪومت ختم ٿي ته حيران ڪن طور تي پنجاب جو پاپولر اڳواڻ هجڻ جي باوجود ڪٿان به عوامي  مزاحمت سامهون نه آئي.
2013 ع ۾ قائم ٿيل پنهنجي ئي قومي اسيمبلي مان ٽن سالن بعد جڏهن عدالتي حڪم ذريعي نواز شريف کي ڪڍيو ويو ته هن جي ٽي روڊ تان مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ “ مجهي ڪيون نڪالا” جي نعري هيٺ هر شهر ۾ جلسا ڪيا ۽ دونهيدار تقريرون ڪيون. ان وقت اهو سمجهيو پئي ويو ته “ميان نواز شريف اسٽيبلشمينٽ کي ڌوئي ڇڏيندو” پر اهو تاثر به ميان صاحب جي جلسن جي ختم ٿيڻ سان گڏ ختم ٿي ويو. ڪيترن ئي پنجابي ذاتي دوستن ان وقت اها دعوا ڪئي هئي ته پنجابي ميان صاحب لاءِ رستن تي نه نڪرندا، هو ووٽ ضرور ڏيندا، پر ان لاءِ رت نه ڏيندا. ان راءِ جي پويان پنجابي دوستن جو وسيع مشاهدو هو. هنن ٻڌايو ته جڏهن ماڻهو خوشحال ٿي ويندو آهي، ته هو هر عمل ۾ فائدي ۽ نقصان کي ڏسندو آهي، پنجابين کي ڪهڙي ضرورت آهي ته ميان نواز شريف جي ڪري خوشحالي تي سودي بازي ڪن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان به ڦٽائين.
ان ڪري اها ڳالھه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ميان نواز شريف ، جنهن جي بيانئي کي پنجاب اندر پذيرائي ته گهڻي ملي آهي، پر عام ماڻهو ان لاءِ رت ڇو ڏئي، خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن اهو بيانيو ڏيڻ واري ليڊر شپ به پاڻ گم هجي.
ان باوجود ان ڳالھه کان قطعي انڪار ناهي ته مريم نواز شريف ئي ميان نواز شريف جي سياسي وارث آهي، هو سياسي طور تي شهباز شريف مٿان به حاوي نظر اچي ٿي. هن وقت ميان نواز شريف، جيڪو لنڊن ۾ مختلف هنڌن تي گهمندي ڦرندي نظر اچي ٿو، اهو سياسي طور تي اکر اورڻ لاءِ به تيار ناهي، ساڳي صورتحال مريم نواز شريف سان به آهي. سبب رڳو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ، جنهن جي خلاف هنن پنهنجو سياسي نظريو تيار ڪيو هو، ان جي ئي چوڻ تي خاموش آهن، جيڪڏهن اڄ به مريم نواز لاهور ۾ ۽ ميان نواز شريف لنڊن ۾ ڳالھائڻ شروع ڪري ته عمران خان جي حڪومت سخت بحران جو شڪار ٿي ويندي، پر هو شعوري طور تي ماٺ آهن، اها ماٺ ڪنهن جي هدايت تي ٿي آهي اهو کليل راز آهي.
 هاڻي جڏهن ميان نواز شريف ۽ مريم نواز ٿورڙيون سياسي سرگرميون شروع ڪيون آهن ته  حڪومت پريشان ٿي پئي آهي. ظاهر آهي ته ميان نواز شريف جي لنڊن روانگي حڪومت نه پر “ مٿين” جي مرضي سان ٿي هئي، جنهن تي عمران خان جي ردعمل کي “ مٿين” سٺو نه سمجهيو هو، هاڻي معاملا ڪافي گڙٻڙ آهن، حڪومت ميان نواز شريف دشمني ۾ ڪجھه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي کي پرکڻ بعد ان نتيجي تي پهتي آهي ته وزيراعظم جي ڪري باقي آپشن مڪمل طور تي ختم نٿا ڪري سگهجن. ڇاڪاڻ ته حڪومت ته ڪير به هلائي سگهي ٿو، پر هڪ پاپولر سياسي چهري کان سواءِ حڪومتن جي قبوليت مشڪل ٿئي ٿي. ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن نواز شريف ۽ مريم نواز پاران سياسي سرگرمين ۾ واڌ ٿئي ٿي ته اها به اشاري جو نتيجو هوندي، جيئن وفاقي حڪومت جي لغام ڇڪي سگهجي .
هن وقت سعودي عرب پاڪستان کان گهڻو ناراض آهي، ان جي پويان واضح 3 سبب آهن، هڪ ته ڪشمير واري معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت نه ڪرڻ تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير پاران سعودي عرب خلاف ڳالهائڻ واري معاملي سعودي عرب کي ڪاوڙائي وڌو آهي، جڏهن ته ٻيو معاملو  پاڪستان جو ترڪي ڏانهن گهڻو لاڙو به سعودي عرب کي نٿو وڻي جڏهن ته ٽيون معاملو نواز شريف جو ٻڌايو وڃي ٿو. سعودي عرب نواز شريف جي جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. ان لاءِ هن پاڪستان جي اعليٰ اداري کي قائل به ڪيو آهي، پر حڪومت پوئتي وڃڻ لاءِ تيار ناهي. تازو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو سعودي عرب جو دورو به خوشگوار نه رهيو آهي، نه سعودي عرب جي اعليٰ قيادت پاڪستان جي آرمي چيف سان ملاقات ڪئي. هن دوري جي  سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن پاران ڪا سرڪاري پڌرائي به جاري نه ڪئي وئي ته هن دوري ۾ ڇا ڇا ٿيو؟
عمران خان جي سياسي بقا ئي ان ۾ آهي ته ميان نواز شريف يا ته جيل ۾ هجي ۽ جيڪڏهن ٻاهر هجي ته ڪابه سياسي سرگرمي نه ڪري. جڏهن ته اسٽيبشلمينٽ ميان نواز شريف کانپوءِ هاڻي شهباز شريف کي به وڃائڻ نٿي چاهي. اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ جي وچ ۾ جيڪا تلخي هئي ان ۾ انتهائي معمولي ڪمي جون خبرون اچي رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي ته پيپلزپارٽي جا شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ، ٻنهي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پر هن وٽ به آپشن ناهي. ان ڪري هڪ طرف حڪومت نواز شريف ۽ مريم نواز کي سوڙهو ڪرڻ ٿي چاهي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ڏانوڻ وجهڻ ٿي چاهي، مولانا جي ڀاءَ کي نيب جا نوٽس جاري ٿي ويا آهن، تنهن ڪري هڪ ئي وقت هڪ دفعو وري حڪومت ٽنهي ڌرين کي سوڙهو ڪرڻ ٿي چاهي.
عمران خان ٻن سالن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ پريشان ڪيو آهي. وڏي انگ ۾ ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن.ڪورونا وائرس ،جنهن سڄي دنيا جي معيشت کي لوڏي وڌو هو، پاڪستان جي معيشت به پاڻ کي نه بچائي سگهي آهي، عام ماڻهن اندر وڌندڙ بيزاري کي مخالف ڌر ان ڪري ڪيش نه ڪرائي سگهي آهي ته هو پنهنجي گپ ۾ پاڻ ترڪي رهي آهي، عوام بدران اسٽيبلشمينٽ سان سودي بازي جي چڪر ۾ آهي. جيتوڻيڪ گذريل ٻن حڪومتن جي ڀيٽ ۾ عمران خان وڌيڪ خوش نصيب رهيو آهي ، جنهن کي هر موقعي تي اسٽيبلشمينٽ ٿوڻي ڏني آهي. پر ان باوجود هو عوام کي ڪجھه به نه ڏئي سگهيو آهي. ٻن سالن جي حڪومت دوران هو مخالف ڌر خلاف پنهنجي بيانئي تي جيئن جو تيئن قائم آهي، پر ماڻهن جو مسئلو ان بيانئي تي قائم رهڻ سان حل نٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي ته هو سياسي قيادتن کي ست وال ڳچي ۾ وجهي ماڻهن، ميڊيا ۽ سياست کي انگيج رکڻ چاهي ٿو. مخالف ڌر عوام بدران پردي پويان طاقتور ڌرين سان سودي بازي جي چڪر ۾ آهي. جڏهن ته ماڻهن جو سياسي ڌرين جي اعمالن سبب سياست تان ئي اعتماد کڄي رهيو آهي، ۽ اها روش ڪنهن به صورت ۾ سياسي ڌرين کي فائدو نٿي ڏئي سگهي.   

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *