تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

عمران خان جي جارحاڻي راند ۽ اي پي سي کان اڳ ورهائجي ويل مخالف ڌر

اوچتو وزيراعظم عمران خان جارحاڻي راند شروع ڪري ڏني، اپوزيشن حڪومت جي اهڙي جارحاڻي سياسي حملي لاءِ شايد تيار نه هئي، ڪراچيءَ ۾ برساتن ۽ گند ڪچري کي صاف ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت فوج جي مدد طلب ڪئي آهي. ساڳئي وقت فوج جي ماتحت هلندڙ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ کي طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي قومي اسيمبليءَ مان ٻه بل به پاس ڪرائي ورتا آهن، انهن بلن جي اپوزيشن به حمايت ڪئي، پر عمران خان اپوزيشن جو ٿورو مڃڻ بدران اپوزيشن کي داٻا ڏئي رهيو آهي، ٿورو نه ملڻ جي ڪري اپوزيشن چوي ٿي ته حڪومت کي ريڀائي بل پاس ڪرايا آهن. هاڻي اهي بل سينيٽ مان پاس ٿي ويا آهن جتي سرڪاري ڌر کي اڪثريت ناهي، ان جو ٽوڙ حڪومت اهو ڳوليو هو ته جي سينيٽ ۾ اپوزيشن حمايت نه ڪئي ته بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا، جتان حڪومت سمجھي پئي ته اپوزيشن جي مخالفت جي باوجود بل منظور ٿي ويندا،پر اپوزيشن سينيٽ ۾ بل پاس ڪرائڻ ۾ به رڪاوٽ نه بڻي.
ٽي هفتا اڳ تائين وفاقي گاديءَ واري شهر توڙي ميڊيا ۾ چوٻول هو ته واڳ ڌڻي “مهرو” تبديل ڪرڻ چاهين ٿا. انهن وٽ مختلف آپشن آهن. وزيراعظم به ڪجھه اهڙا بيان ڏنا، لڳو پئي ته حڪومتي ڌر دفاعي پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ اپوزيشن وڌيڪ جارحاڻي راند کيڏڻ ڏي وڃي پئي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. ان مقصد لاءِ نواز ليگ توڙي ٻين سياسي ڌرين سان رابطا ڪيائين. پڪو پروگرام هو ته عيد کان پوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ حڪومت سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ مضبوط پليٽ فارم ۾ ڀرپور حڪمت عملي جوڙي ويندي پر حڪومت جي انهن اپائن مان لڳي ٿو ته بلاول ڀٽو جي ڪوشش تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. اپوزيشن جي ٻن وڏين پارٽين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌي ويون آهن. ان کانسواءِ مولانا فضل الرحمان جيڪو اضافي رانديگر طور واري ڦيري سان اپوزيشن جي ٻنهي پارٽين جي طرفان کيڏي رهيو هو ۽ ڪجھه پنهنجي راند به ٺاهي رهيو هو، اهو ماڳهين انهن ٻنهي پارٽين کان ناراض ٿي ويو آهي.
في الحال صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته حڪومت جنهن لاءِ سمجھيو پي ويو ته اها قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي عددي سرسي وڃائڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ پارليامينٽ ۾ کيس سياسي طور شڪست ملي رهي آهي، تنهن اهڙي حڪمت عملي اڳيان آندي جو في الحال هو سياسي توڙي پارليماني سرسي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ان مان لڳي ٿو ته في الحال تڪڙ ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف ڪو سياسي محاذ يا سياسي اتحاد جڙڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ممڪن آهي ته عمران خان جي ڪاريگري گھٽ ئي هجي، ۽ اپوزيشن جا پاڻ ۾ اختلاف ۽ ويڇا اهم فيڪٽر هجن، پر بهرحال ڪجھه راند جون چالون وزيراعظم به هليو آهي. اهڙي موقعي تي پنهنجن ٻن اڻ چونڊيل مشيرن تانيا ايڊورس ۽ ڊاڪٽر ظفر مرزا کان استعيفائون وٺڻ اهم فيصلو هو جيڪو بظاهر لڳي ٿو ته حڪومتي پارٽيءَ جي چونڊيل عيوضين جي سرسي آهي جيڪا اڻ چونڊيل ماڻهن کي اهم عهدا ڏيڻ جي خلاف هئا، پر ان کان وڌيڪ ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿا ته انهن ٻنهي مشيرن ڪجھه فيصلا پنهنجي ليکي ڪيا جنهن ۾ انهن وزيراعظم توڙي ٻين سگھارين ڌرين کي به اعتماد ۾ نه ورتو. خان صاحب جنهن طبيعت جو آهي ان ۾ اها ڳالهه فٽ نه پئي بيهي.
وڏي ۾ وڏي تبديلي پنجاب ۾ آئي آهي جتي صوبائي حڪومت وڌيڪ مذهبي بنياد پرستي وارو قانون پاس ڪرائي ورتو. ان بل پنجاب جي بيانئي کي تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو هن کان اڳ نواز شريف سان گڏ بيٺو هو ۽ حڪومت جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو هو. حڪومتي ڌر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار خلاف سياسي حلقن توڙي پارٽي اندر ۽ اتحادين جي ڪاوڙ کي ٻيو رخ ڏئي ڇڏيو. شهباز شريف حڪومت جي انهيءَ حڪمت عملي کي سمجھي نه سگھيو يا منهن ڏيئي نه سگھيو، پنجاب ۾ سياسي بيانئي جو تبديل ٿيڻ تاريخ ۾ نواز ليگ جي موجوده قيادت جي وڏي ۾ وڏي ناڪامي ليکي ويندي. پنجاب ۾ بنا ڪنهن عدم استحڪام جي، اتحادين خاص ڪري چوڌري برادران کي خوش ڪرڻ بعد وفاقي حڪومت به شينهن ٿي وئي ۽ اتي پارليامينٽ ۾ به جارحاڻي راند شروع ڪئي آهي، جيڪا اپوزيشن لاءِ غير متوقع آهي.
پنجاب کان پوءِ سنڌ جو وارو آيو، جتي صوبائي گاديءَ واري شهر ۾ پاڻيءَ جي نيڪال، نالن جي صفائي ۽ اسپري لاءِ فوج ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن کي گھرايو ويو آهي. ساڳئي وقت تي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي به رول ڏنو ويو آهي. فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جو ميڊيا ۾ اهو موقف ڇپيو آهي، جنهن ۾ ان چيو آهي ته جيڪڏهن پئسا ڏيندا ته واهه جو ڪم ڪري ڏيکارينداسين. هن کان اڳ ڪورونا ڦهلجڻ جي شروع واري وقفي ۾ سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج جي مدد طلب ڪئي هئي پر ان دوران ورلي فوج نظر آئي. بهرحال هاڻي وزيراعظم صوبائي حڪومت جي درخواست کان سواءِ سول انتظاميا جي مدد لاءِ فوج طلب ڪئي آهي. اهو خود هڪ وڏو قانوني ۽ آئيني نقطو آهي ته سول انتظاميا ته صوبائي حڪومت جي آهي ان مدد ڪونه طلب ڪئي آهي، ٻيو اهو ته فوج اچي يا فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن يا اين ڊي ايم اي، انهن کي بهرحال صوبائي حڪومت توڙي ان جي ماتحت ادارن ۽ آفيسرن جي مدد جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن وفاق کان موڪليل ادارا صوبائي حڪومت ۽ ادارن سان ڪوآرڊينيشن ۽ ڪوآپريشن نٿا ڪن ۽ پنهنجي هلائين ٿا ته هڪ دفعو وري انتظامي سطح تي ٽڪراءُ ۽ بحران پيدا ٿيندو جنهن بعد ڪراچيءَ جو گند ڪچرو ۽ پاڻي صاف نه ٿي سگھندو.
ڪراچيءَ ۾ هن سال جي ڀيٽ ۾ گذريل سال برساتن ۽ پاڻيءَ جي صورتحال خراب هئي، تڏهن وفاقي حڪومت ڪنهن به اداري کي نه موڪليو هو. اهو ضرور ٿيو جو وزيراعظم ٻه ٽي ڪميٽيون ٺاهيون. ان کان وڌيڪ ڪو کڙتيل نه نڪتو. ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ واري صورتحال لاءِ ننڍن وڏن برساتي نالن تي غير قانوني اڏاوتون ٿيڻ، معمول موجب انهن جي صفائي نه ٿيڻ، سياسي دشمني جي بنياد تي انهن نالن کي سيمينٽ جي ٻورين، وڏن پٿرن ذريعي بند ڪرڻ وغيره رهيو آهي. سال کن اڳ سپريم ڪورٽ به غير قانوني اڏاوتن، نالن کي کولڻ ۽ صفائي ڪرائڻ لاءِ زور لاتو، پر اهو زور ٻه ٽي مهينا هليو، ان بعد وري ساڳي صورتحال پيدا ٿي. مطلب اهو ڪم ايترو ڳرو آهي جو عدليه به نه ڪري سگھي. ڪجھه سال اڳ رينجرز جي آپريشن دوران چائنا ڪٽنگ جي نالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون، پر نالن تي غير قانوني اڏاوتون ۽ رڪاوٽون دور نه ٿي سگھيون.
هاڻي اهو ڪم فوج، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن ۽ اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي. اهو هڪ اهڙي موقعي تي ڪيو ويو آهي جڏهن اليڪشن ڪميشن بلدياتي ادارن جي چونڊيل ميئر ۽ ٻين عهديدارن جي مدت کي آگسٽ ۾ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. خيال آهي ته ايندڙ 3، 4 مهينن ۾ مڪاني ادارن جون چونڊيون ٿيڻيون آهن، انهن چونڊن کان اڳ وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ هڪ نئون “آپريشن” ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،. هي آپريشن اڳوڻن آپريشنن کان مختلف قسم جو آهي، هي هڪ سياسي آپريشن آهي، جنهن بعد ڪراچيءَ جي مڪاني ادارن جون واڳون تحريڪ انصاف جي هٿ ۾ اچي وينديون. ڪراچي شهر جون واڳون وفاق ۾ حڪومت ڪندڙ جماعت جي هٿ ۾ اچڻ بعد سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ته ڏيئي سگھبو پر هڪ دفعو وري اهو بيانيو ٻيهر زنده ٿي ويندو ته ڪراچي هڪ ڌار علائقو آهي. هي اهو بيانيو آهي جيڪو ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جو رهيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *