تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

علي زيدي نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو

وفاقي وزير علي زيدي جي اها دعويٰ ته سنڌ حڪومت عذير بلوچ جي جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ جاري ڪئي اها اڻپوري آهي، ملڪي سياست ۾ هڪ نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي، علي زيدي چواڻي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ جتي جتي پ پ اڳواڻن جا نالا هئا اهي غائب ڪري باقي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن وفاقي وزير جي اها دعويٰ صحيح آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري دستاويزن سان ٽيمپرنگ (ڦيرڦار) ڪئي آهي جنهن ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي ۽ رينجرز جا نمائندا هيا، سو جيڪڏهن سڀاڻي انهن ادارن سان جڙيل لاڳاپيل آفيسر ڪنهن عدالتي فورم تي اچي علي زيدي جي دعويٰ جي تصديق ڪري ڇڏين ته پوءِ سنڌ سرڪار کي ان مبينا ڦيرڦار جي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿئي ٿو ته سرڪاري رڪارڊ (جي آءِ ٽي رپورٽس) ۾ هيرڦير ٿي آهي ته اهو سنگين الزام هوندو.
جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جي علي زيدي ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هٿ جوڙي ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي گذارش ڪئي آهي پر وٽس ان سوال جو جواب نه هو ته وفاقي حڪومت پاڻ ان معاملي جي جڊيشل انڪوائري جي سفارش ڇو نٿي ڪري؟ سردست صورتحال اها آهي ته وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت مٿان سڌي ريت جعلسازي جو الزام پئي مڙهي ۽ ڇا ملڪ جي عام ماڻهو کي ڪڏهن به اها حقيقي ڄاڻ ملي سگهندي ته عذير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽيز مان اصلي ڪهڙي ۽ نقلي ڪهڙي هئي؟ آئون سمجهان ٿو ته انهن جي آءِ ٽيز جو قانوني طور اهم هجڻ يا نه هجڻ اهم نه آهي بلڪه سوال اسان جي حڪومتن ۽ ادارن جي ساک ۽ ڪارپت جو آهي ڇاڪاڻ ته ڪا به حڪومت جيڪڏهن پنهنجن ماڻهن سان غلط بياني ڪري ٿي ته اهو ڪنهن به مهذب معاشري ۾ هڪ تمام وڏو ڏوهه تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ سرڪار واقعي به سياست ۽ حڪمراني ۾ شفافيت ۾ يقين رکي ٿي ته رُڳو سنڌ حڪومت مٿان جعلسازي يا ڦيرڦار جو الزام لڳائڻ بدران ان معاملي لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي جيڪا جي آءِ ٽي ڪندڙ اُنهن آفيسرن کي به گهرائي ڄاڻ وٺي جنهن جون صحيحون رپورٽن تي ٿيل آهن.
جيڪڏهن سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽن کي ئي پاڻ درست مڃي وٺون، جنهن ۾ ڪنهن پ پ اڳواڻ جو نالو يا حوالو نه آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو اڀري ته اهڙي بي ضرر رپورٽ کي 2017ع کان سنڌ سرڪار ڇو پڌرو ڪرڻ کان لنوائي پئي؟ ساڳئي ريت فيبروري 2020ع ۾ جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ اهي رپورٽون پڌريون ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته به سنڌ سرڪار ان فيصلي تي عمل ڪرڻ بدران سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ته سمجهه ۾ نٿو اچي پ پ سرڪار ايئن ڇو ڪيو؟ اسانجي ملڪ جو شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جنهن کي بلديه فيڪٽري سانحي جي پس منظر يا عذير بلوچ يا نثار مورائي بابت ڄاڻ نه هجي ۽ اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا مامرا کليل راز آهن پر بدقسمتي سان سنگين نوعيت جي معاملن کي سدائين لئه مٽي ڪيو ويندو رهيو آهي، سو منهنجي ذاتي راءِ اها اهي ته وفاقي سرڪار يا پي ٽي آءِ جيڪڏهن سنڌ حڪومت مٿان حقيقتن کي لڪائڻ جو الزام هنيو آهي ته هاڻ اها ذميواري به وفاقي سرڪار تي پئي ٿئي ته اها ان ڳالهه کي توڙ تائين پهچائي ۽ اهو ڪنهن عدالتي ڪميشن يا ٽربيونل ٺاهڻ سان ممڪن ٿي سگهي ٿو ته جيئن اهو جي آءِ ٽيز وارو معاملو به لئه مٽي نه ٿي وڃي ۽ تاريخ جي ٻين ڪيترن ئي اسڪينڊلز جيان هي معاملو به جي آءِ ٽي اسڪينڊل طور رُڳو ياد نه ڪيو وڃي جنهن جي اصل حقيقت سدائين لاءِ لڪل رهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *