تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

عشق، فيضو ۽ ڌرتي

سنجيدگي جو عالم اهو هو جو ڪچهري ۾ موجود اڪثر نوجوانن ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون هيون، همراهن جا هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هٿ هئا هر ماڻهو ٻئي کي چئي رهيو هو منهنجي ٻڌ. هو ان کان اڳتي وڌي نه سگهيا هئا. هو پنهنجن جا پير ڇڪڻ واري وڏيرڪي ڍونڍ جهڙي سياست ۽ سماج ۾ پلجي وڏا ٿيا هئا. شايد ان ڪري ئي هنن جي گفتگو ۾ شائستگي نه هئي نه ئي سهپ هئي. هي بحث به سنڌ ۾ ٿيندڙ عام بحثن جهڙو ئي بحث هو ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي جنھن ڪيفيت ۾ دليل پٿر جيان هٿ ۾ هجي ۽ سامهون وارو رڳو دفاعي پوزيشن ۾ هجي. نيٺ هڪ همراهه پيرن جي پٻن تي بيهي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اوهان منهنجي ڳالهه ڌيان سان نه ٻڌي ته اوهان ۽ اوهان جو ڳوٺ ته ڇا اوهان جا ايندڙ نسل به تباهه برباد ٿي ويندا.
هي ڄڻ گوڙ جي طوفاني سمنڊ ۾ ماٺار جي لهر جهڙو جملو هو “چرين جو چوراهو ” جي نالي سان مشهور ڳوٺ جي چونڪ تي ويٺل ماڻھن جي هجوم تي ڄڻ ڪا ڪنهن بندوق تاڻي هجي هر طرف سناٽو ڇانئجي ويو. همراهه پنهنجي قميص جي گلي جي بٽڻن کي بند ڪيو، ٻانهن جا ڪلف کوليا هلڪي کنگھڪار ڪئي ۽ گفتگو شروع ڪيائين. مان سمجهان ٿو مان تاريخ جو ڪو وڏو ماڻهو ناهيان نه ئي مون گونا گون علم پڙهيو آهي، مان سالڪن جي ڪچهرين ۾ به گهڻو اٿيو ويٺو ناهيان، پر توهان ڄاڻو ٿا ته مون زندگيءَ ۾ سچ کي ڪڏهن به پٺ نه ڏني آهي. آئون زماني سازي جي ڪڌي ڪم کان پري رهيو آهيان، ان ڪري ئي نه مان منافق آهيان نه ئي مون ڪو اجتماعي قومي گناھ ڪيو آهي، جنھن سان قوم جي اجتماعي مفادن کي ڪڏهن ڇيهو رسيو هجي. مون محسوس ڪيو ته “موت جي خوف کي مات ڏيڻ کانپوءِ ئي زندگي شروع ٿئي ٿي” نه ته زندگي ته ٻن پيرن تي ڊوڙندڙ ان جهنگلي سهي جهڙي آهي جنھن کي موت جو خوف هر هر پوئتي نهارڻ تي مجبور ڪندو آهي.
منھنجا دلبرو……….!!
آئون هن وقت عمر جي اڌ صديءَ جي ڏکي چاڙهي چڙهي زندگيءَ جي سج لهڻ واري سفر تي نڪتل آهيان. هي سفر ريل جي پٽڙين جيان گذريو آهي، گڏ هوندي به جدا رهڻ وارو سفر ڪنهن صحرا جي وڇونءَ جي چڪ جيان آهي جيڪو جيئن جيئن وقت گذري ٿو جسم ۾ لئون لئون ڪندو رهي ٿو. ڀلا اها گلابي بدن واري ڇوڪري مونکان ڪيئن وسري سگهي ٿي جنھن جي شيمپو سان ڌوتل سلڪي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي مونکي اها ڳوٺاڻي ڇوڪري ياد آئي هئي جيڪا وارن کي ڄانڀي جو تيل هڻي ٻٽي چوٽي ٺاهي، سڳيون ٻڌي اچي منهنجي سيني تي سمهندي ھئي. مون ان سلڪي وارن واري ڇوڪريءَ کي جڏهن اسلام آباد لاءِ حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي الوداع ڪيو ھو ته حسين آباد وٽان درياهه ۾ ٽٻي هڻندڙ ڳاڙھ سري سج سان گڏ هن ويندي ويندي. فلائنگ ڪس مونکي عشق جو فقير سمجهي خيرات ۾ ڏني هئي. اها ڇوڪري ويندي ويندي پاڻ سان گڏ پنهنجي چوٽي ۾ منهنجي اکين جي ننڊ به ٻڌي ويئي هئي. عورت ۽ مرد جو جوڀن، رات جي اونداهيءَ ۾ چنڊ اڀارڻ جو ڪم ڪندو آهي. خطرن جي دُنَ ۾ وڃي پاڻ کي محبوب جي ٻانهن ۾ محفوظ سمجهڻ جو پاڻ سان ئي دوکو ڪرڻ جو دل لڀائيندڙ ڪم به جوڀن جي ڏينهن ۾ ڪبو آهي. جي جوڀن ۾ اوهان کي پيار پلئه نه پيو ته سمجهي ڇڏيو اوهان جي زندگي بي معنيٰ ٿي گذري ويئي.
منھنجا دوستو اسان کي ننڍپڻ کان سمجهايو ويندو آهي ته سڀ ڪم ڪجان پر پيار نه ڪجان. ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته پيار بنا سڀ ڪم ڪيڏا بدصورت هوندا آهن، ائين پاڻ دنيا جا سڀ بدصورت ڪم ڪندا آهيون، پر پيار جي خوبصورت ڪم کان ڪوهين ڏور ويندا آهيون. هاڻي هتي موجود نوجوان مونکان اهو پڇو ته سيڪس گناھ آهي يا ثواب؟ ڇاڪاڻ اسان پيار کي سيڪس سان ڳنڍي ڏسڻ جا عادي آهيون. اسان جي پيار جي انتها سيڪس جي گرم ڀاڪر ۽ شهوتي تسڪين ۽ بوسن جي بارش ۾ ٿيندي آهي. ڀلا مان اهو ڪيئن ٻڌايان ته فطرت گناھ ۽ ثواب جي پنجوڙ مان آزاد هوندي آهي. هاڻي جيئن جيئن اوهان زندگي جا ڏهاڪا مٿي چڙهندا، تيئن تيئن فطرت اوهان کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهندي. اوهان ثوابن جي دلاسن ۽ گناهن جي دڙڪن مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي ايندا، ان ڪري ڪافي معاملن ۾ آئون سمجهان ٿو ته اسان کي دل جو چوڻ وٺڻ گهرجي.
لطيف به چيو آهي ته “عقل مت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا” نينهن جي پاسي بيهو الزامن کان آجا ٿي فطرت سان ٻکين پئجي وڃو. جي پڇتاءُ نه ٿئي ته ثواب سمجهو، جي اندر مان سنگ باري ٿئي ته سمجهو گناھ جي ٽڪٽيءَ تي چڙهي لٿا آهيو.
آئون تازو اسلام آباد مان ٿي آيو آهيان، منهنجي سالن جي ڳولا نيٺ ان جاءِ تي ختم ٿي وئي جتي پهاڙن جي مٿان اسانجي اصل حڪمرانن جا ٿڌا گهر آهن. مون محبوبه جي تلاش ۾ فيض آباد کان بني گالا تائين پنڌ ڪيا پر جڏهن ڏس پتو نه مليو ته مان پنهنجي ٻوڌي دوستن سان گڏجي تپسيا جي پنڌ تي نڪري ويس. گهاٽي جهنگ ۾ پپر جي وڻ هيٺان آئون اکيون پوري تپسيا ۾ گم هئس ته مونکي اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو آواز مون گهڻا سال اڳ آخري ڀيرو حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي الوداعي ڀاڪرن ۾ پيار جي اظهار جي اذان جيان ٻڌو هو.
مون اکيون کوليون منهنجي تپسيا اڌ ۾ رهجي ويئي، آواز مونکي انتهائي ويجهو ٿيندو ويو پر گلابي بدن جو ڇهاءُ منهنجي ڪوشش باوجود مونکي محسوس نه ٿيو. مون سوچيو ڪنهن تپسيا جي ڪري ڪو معجزو ٿي رهيو آهي، پر اهو سڀ منهنجو وھم ۽ گمان هو پپر جا پن هوا جي تيز جهونڪي تي رقص ۾ مَهو هئا ۽ آواز هو سو منهنجي ڪنن جي ويجهو ٿيندو ويو.
مون هن کان پڇيو امرتا تون ڪٿي آهين سالن جي وڇوڙي کان پوءِ نيٺ مون توکي ڳولي لڌو آهي پر تون هن وقت به مونکان لڪي رهي آهين ڇا منهنجي ملڻ جي خوشي تنهنجي حواسن تي حاوي ته نه ٿي ويئي آهي.
منهنجي هنج ۾ ڪريل پپر جي پن ڄڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، هوبهو امرتا جو آواز هو هن چيو تون اڃا ڳولا جي رڻ ۾ ڀٽڪين پيو توکي خبر ناهي عشق ماڻهوءَ کي ٻهروپ مان ڪڍي ايندو آهي. “جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي” واري ڪيفيت انسان جي اندر کي اجارڻ جو ڪم ڪندي آهي. عشق جي به منزل هوندي آهي جنھن جو ڏاڪو چڙهندي انسان جز مان ڪل ڏانهن سفر ڪندو انفراديت مان نڪري اجتماعيت جي لاءِ سوچڻ شروع ڪندو آهي. مون سمجهيو هو ته منهنجو عشق توکي ريٽي لال ڪندو تون منهنجي وڇوڙي جي درد کي اجتماعي طاقت ۾ تبديل ڪندين، تون “ڳوليان ڳوليان م لهان شال م ملان هوت” واري ڪيفيت ۾ پهتو هوندين پر ڀڪشو جي روپ ۾ تياڳ ڪندي توکي ڏسي مون کي بيحد ڏک ٿيو آهي.
ڇا توکي خبر ناهي ته تنهنجي ڌرتي تنهنجي پيرن هيٺان نڪري پئي! ائين جيئن فلسطينين جي پير هيٺان زمين نڪتي هئي. تنھنجي وطن جون وستيون بلڊوزر جي پيرن هيٺان لتاڙجڻ شروع ٿيون آهن. ترقي جي نالي تي تنهنجو ملير تنهنجو نه رهيو آهي هاڻي ڪوهسار، ٿاڻي بولا خان، لوڻي ڪوٽ ۽ ڪوهستان جا جبل به تنهنجا نه رهندا. تو ڪڏهن سوچيو آهي ته تنهنجي وطن جي مٽيءَ جي ذري ذري تي تنهنجي ۽ تنهنجي ايندڙ نسلن جو حق آهي. ڪالهه جيئن توکان مورڙي جي ڪلاچي ڦرجي وئي سڀاڻي تيئن ئي توکان سامونڊي پٽي کسجي ويندي اها سامونڊي پٽي رڳو سمنڊ جي پاڻيءَ جون تيز ڇوليون ۽ ٿڌيون هوائون ناهن پر لطيف جو سر سامونڊي ۽ وڻجارن جي ونين جي وڇوڙي جي درد جو به داستان آهن .
اي ڀڪشو!
مونکي اهڙو عاشق نه گهرجي جيڪو ڀڪشو بڻجي بن بن رلندو وتي، جيڪو تپسيا جي ڍونگ ۾ پپر جي گهاٽي وڻ جي ڇانو ۾ اکيون پوري وطن ۽ ان جي لاچار ماڻهن جي دردن کان بي خبر هجي.
مونکي ته فيضو گبول جهڙو جوان مڙس عاشق گهرجي جنھن جي چهري جي حشمت ۽ لفظن جي طاقت عشق تي فخر ڪرڻ جي سند ڏيئي.
منهنجي جهول ۾ پيل پپر جو پن هوا جي تيز جهونڪي سان آسمان ڏانهن اڏامي ويو.
پپر جي پن سان امرتا جو آواز به گم ٿي ويو مان تپسيا اڌ تي ڇڏي سنڌ پهتو آهيان. مون اچڻ سان فيضو گبول جي پڇا ڪئي هڪ نوجوان مونکي ڪراچيءَ جي بحريه ٽائون جي وڏن بنگلن، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ فليٽن جي حفاظت لاءِ جوڙيل اونچي ڀت جي ڀرسان ان واريءَ جي دڙي تي وٺي ويو جتي فيضو گبول ابدي آرامي هو.
مون کي ان نوجوان ٻڌايو ته هي اهو فيضو گبول آهي جنهن جي اڳيان بحريه فائونديشن جي مالڪ ملڪ رياض خالي چيڪ رکي چيو هو فيضو جيڪا رقم لکڻي اٿئي هن چيڪ تي لک ۽ پنهنجي زمين منهنجي حوالي ڪر، اوهان کي خبر آهي فيضو ڇا جواب ڏنو ماڻهن جي هجوم ڪافي وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ گڏيل آواز سان پڇيو ڇا جواب ڏنو.
فيضو گبول چيو “ڌرتي منهنجي ماءُ آهي، غيرتمند پٽ ماءُ وڪرو نه ڪندا آهن.” هن ملڪ رياض کي چيو ڇا تون پنهنجي ماءُ جو وڪرو ڪندين؟!
منھنجا دلبرو اسان جي ڌرتيءَ ماءُ تي واڪ لڳو آهي اوهان هن ڌرتيءَ جا غيرت مند پٽ آهيو هي ڌرتيءَ اسان جي ايندڙ نسلن جي اسان وٽ امانت آهي آئون توهان کي فيضو گبول جي روپ ۾ ڏسڻ گهران ٿو. اهڙو فيضو جنھن لالچ کي بوٽ جي نوڪ سان ٿڏي ڇڏيو جيڪو مرڻو مري مري ويو پر پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي ايندڙ نسلن لاءِ بچائي ويو.
هوا جو تيز جهونڪو آيو پپر جو پن اڏامي اچي هن جي ڪلهي تي ڪريو ماڻھن جي خاموش هجوم مان امرتا جو آواز آيو “ڪڏهن به ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ سان بي وفائي نه ڪريو. ڌرتي پنهنجي ماءُ آهي، ماءُ کي ڪڏهن به وڪرو نه ڪريو.

Bookmark the permalink.

One Response to عشق، فيضو ۽ ڌرتي

  1. Kamran Ali says:

    بھترين لکڻي حيدر سائين حقيقت آهي ڌرتي ماء آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *