تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

عالم انسانيت بچائيندڙ ئي سپر پاور هوندا

شايد دنيا کي هاڻي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جو فلسفو سمجهه ۾ اچي وڃي!ڪورونا وائرس جي هڪ جهٽڪي دنيا سموري جي ايجادن، وسيلن ۽ صلاحيتن جو ڪنڌ جهڪائي وڌو آهي. ترقي ماڻيل ملڪن کان وٺي پٺتي پيل ملڪن تائين سڀني جي صورتحال هڪ ٻئي کان وڌيڪ خراب آهي. ٽن مهينن جي مختصر مدي ۾ ساڍا ٽي لک انسان موت جي منهن چڙهي چڪا آهن. دنيا انهي جو علاج ڳولي لهڻ ته پري جي ڳالهه، هن وقت تائين انهي ۾ پريشان آهي ته بيماري جي وڌندڙ انگ کي روڪجي ڪئين.؟ ڪهڙو به ملڪ لکين ماڻهن کي اسپتالن ۾ داخل ئي ڪونه ڪري سگهندو ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ملڪ وٽ ايترا طبي وسيلا موجود ناهن جو هر مريض کي اسپتال جو بسترو ڏئي سگهجي. سڀني ملڪن سماجي رابطي جي ڪٽجڻ کي ئي بهتر حل سمجهيو آهي ته جيئن انهي وبا جو ڦهلاءَ رڪجي سگهي. جنهن تيزي سان اها بيماري پکڙجي ٿي جيڪڏهن ماڻهن جو هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ بند نه ڪيو ويو ته سموري دنيا جي ملڪن جي اسپتالن جا وسيلا انهي جو بار کڻي نه سگهندا. ۽ موت جو سبب بيماري نه پر علاج نه ڪري سگهڻ جي گنجائش جو نه هجڻ ٿي پوندو
دنيا جا 18 اهڙا ملڪ آهن جن جي سالياني بجيٽ دفاع کان وڌيڪ صحت تي رکي ويندي آهي جنهن ۾ آمريڪا پهرين نمبر تي آهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن 18هن ملڪن ۾ اٽلي ۽ چائنا شامل ڪونهي. آمريڪا جي صحت جي بجيٽ 2019ع ۾ 11559 آمريڪي ڊالر في ماڻهو ساليانو هئي، جڏهن تي انهي سال ۾ دفاع جي بجيٽ 2072 آمريڪي ڊالر في ماڻهو ساليانو هئي. انهي حساب سان جي ڏٺو ويندو ته جنهن ملڪ جي ايتري بجيٽ صحت لاءِ رکيل هجي اتي جي به صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ته پوءِ پنهنجي ملڪ جي حالت ڪهڙي هوندي جنهن جي سالياني بجيٽ ۾ في ماڻهو في سال 50 رپيا وفاقي سرڪار طرفان رکيا ويا هجن؟ اهي انگ اکر 2019ع جي بجيٽ ۽ آبادي جي تناسب جي حساب سان ڪٿيا ويا آهن . سموري دنيا جي لاءِ هي هڪ سبق آهي ته بجيٽ ڪيتري به ڪهڙي به مد ۾ رکي وڃي پر اصل ۾ حڪمرانن جي سوچ جو انداز ڪهڙو آهي!؟ انهن جو دنيا جي امن، سلامتي، ترقي ۽ عالم انسانيت جي بقا لاءِ رويو ڪهڙو آهي. دنيا جا حڪمران پنهنجي طاقت جي توازن تي نظر کُپائي ملڪي پاليسيون پيا جوڙيندا آهن، جڏهن ته ڪورونا وائرس بعد اهو پتو سڀني کي پئجي ويو آهي ته طاقت جو توازن هٿيارن جي زور تي يا معاشي پاليسين جي زور تي ڪونه ٿو طئي ڪري سگهجي. دنيا سموري عالم انسانيت جي بقا، صحت ۽ معاشي استحڪام سان ڳنڍيل آهي. هڪڙو وائرس جڏهن سموري دنيا جي معيشت کي گوڏن کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿو ڇڏي ۽ دنيا جي ڪا به ائٽمي توڙي اسپيس ٽيڪنالاجي انهي وبا مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪارگر نه ٿي سگهي ٿي ته پوءِ انهن ملڪن جي ترقي يافتا هجڻ جو ۽ امير هجڻ جو ڪهڙو ڪارج.؟
اهو وائرس هٿرادو پيدا ڪيل هجي يا قدرتي پيدا ٿيل پر هاڻي سموري دنيا کي اهو سوچڻ گهرجي ته انسان جي جنگ اهڙين وبائن سان ٿيندي جيڪي پوري عالم انسانيت جي وجود لاءِ خطرو هونديون. چون ٿا ته انٽارڪٽيڪا جي برفاني ڇپن ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي وائرس موجود آهن جن جو ماحولياتي گرمي پد وڌڻ سبب پگهرجڻ بعد دنيا ۾ ڦهلاءَ ممڪن آهي. جڏهن اهي وائرس پکڙجندا ته انهي سبب ڪهڙيون بيماريون جنم وٺنديون تن جو هن وقت تائين ڪنهن کي ڪو اندازو به ڪونهي. دنيا سموري جا ملڪ جيڪي پنهنجي طاقت جو بنياد هٿيارن جي سرسي ۽ معاشي برتري کي سمجهن ٿا انهن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هي دنيا هاڻي ايتري ته ڳنڍجي چڪي آهي جو ڪنهن به هڪ ملڪ جو سموري دنيا کان الڳ ٿي جيئرو رهڻ ناممڪن آهي.
دنيا جي سپر پاور سمجهندڙ ملڪن کي اهو به انهي ڪورونا وائرس مان سبق سکڻ گهرجي ته ڪمزور کان ڪمزور ملڪ به جيڪڏهن حياتياتي جنگ طرف نڪري پيو ته سموري دنيا کي “هم تو ڊوبي هين صنم تم ڪو بهي لي ڊوبينگي”جي مصداق غرق ڪري سگهي ٿو. هن صورتحال بعد دنيا جي ملڪن کي ڪي نوان معاهدا ڪرڻا پوندا، جن ۾ ائٽمي ڦهلاءَ کان وڌيڪ حياتياتي جراثيمن جي تجربن، ڦهلاءُ ۽ جيڪڏن قدرتي طور اهي پيدا ٿين ته انهن جي روڪٿام لاءِ قانون سازي ڪرڻي پوندي. عالم انسانيت جي وجود لاءِ اهو لازم ٿي پيو آهي ته انهن جو اتحاد برقرار رهي ۽اهڙين وبائن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي طور نوان ادارا جوڙڻ گهرجن جيڪي سموري دنيا ۾ انهن جو گڏيل طور هڪ وقت مقابلو ڪري سگهن. جيئن اقوام متحده جو امن فورس هوندو آهي انهي طرز تي عالمي وبائي بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ فورسز پڻ ٺاهيا وڃن.
دنيا جي ملڪن جي ترقي جو معيار انهن جي جنگي ٽيڪنالاجي ۾ سگهارو هجڻ ۽ معاشي طور مستحڪم هجڻ کي سمجهيو وڃي ٿو، پر هن وبا جي ڦهلجڻ بعد هاڻي سڀني ملڪن کي اهو سوچڻ گهرجي ته انهن وٽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ قدرتي آفتن کان بچاءُ ۽ عالم انسانيت جي بقا لاءِ ڪهڙي ٽيڪنالاجي موجود آهي! انهي سموري صورتحال ۾ اهي ملڪ جيڪي عالم انسانيت جي تحفظ ۽ بقا لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندا ته ايندڙ وقت ۾ دنيا جو انسان انهن کي ئي سپر پاور سمجهندو. ڪورونا وائرس جي اڃا انت ڪٿان نه ٿيو آهي هينئر تائين ته انهي جي پکڙجڻ ۽ ماڻهن جي موت جو انگ وڌندو ئي رهي ٿو. شماريات جي علم جا ماهر اهو ڏسي رهيا آهن ته هر ايندڙ ڏينهن جو انگ ڪهڙي ملٽيپليڪيشن فئڪٽر تحت وڌي رهيو آهي. موت ۽ ڦهلاءُ جي گراف جي اوچائي جيڪڏهن رڪجي هيٺ لهڻ شروع نه ڪيو ته پوءِ سموري دنيا لاءِ نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا. تنهن ڪري سموري دنيا جي ماهرن جو فلحال اهو ئي مشورو آهي ته جيترو ٿي سگهي پنهنجو پاڻ کي سماجي رابطن کان ڪٽي رکو. هن وبا جي انت تائين دنيا سموري ۾ ڪيتريون جانيون وينديون رب رحم ڪري! انهي سموري الميي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر فرد تي اهو لازم آهي ته هو پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪري. مڪمل طور جيڪڏهن هر فرد پاڻ کي هڪ ڪمري يا گهر اندر 15 ڏينهن تائين بند رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هي وبا ختم ٿي ويندي، پر جي اسان جي روش غير سنجيدھ رهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ميل ميلاپ کان روڪي نه سگهيا سين ته پوءِ هي وبا تيزي سان پکڙجندي به رهندي ۽ انساني جانين جو کاڄ به ٿيندو رهندو.

Bookmark the permalink.

One Response to عالم انسانيت بچائيندڙ ئي سپر پاور هوندا

  1. Ashfaq Ahmed Memon says:

    سٺي ڄاڻ۽ ايندڙ خطرن کان آگاهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *