تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

عالمي منظرنامو ۽ نازڪ ملڪي ٽائراڊ

ڪورونا خلاف جنگ جاري آهي. نيوزيلينڊ ۾ ٻيهر لاڪڊائون شروع ڪيو ويو آهي. آمريڪا ۾ موت جو رقص ختم ناهي ٿيو. دنيا ۾ هن وقت تائين 2ڪروڙ 15 لک ماڻهو وبا ۾ وٺجي چڪا آهن جن مان 1ڪروڙ 40 لک صحتياب ۽ 7 لک 65 هزار موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن. مرندڙن مان تقريبن اڌ جو واسطو چئن ملڪن آمريڪا، برازيل، ميڪسيڪو ۽ انڊيا سان آهي. وبا جي شروعات ۾ سائنسدانن جي ڪٿ هئي ته دنيا ۾ 11 لک ماڻهو مري سگهن ٿا جن مان 1لک جو واسطو آمريڪا سان هوندو پر هن وقت تائين آمريڪا ۾ دنيا مان سڀ کان گهڻا يعني پوڻا ٻه لک ماڻهو مري چڪا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 3 لکن جي لڳ ڀڳ بيمار ۽ 6 هزارن کان مٿي مري چڪا آهن . روس مان ويڪسين جي خوشخبري اچڻ سان ماڻهن ۽ معيشت ۾ ساهه پيو آهي. آمريڪا، برطانيا، چين به ويڪسين جي کوجنا ۾ لڳا پيا آهن. عام طور ويڪسين ڪيترن مرحلن مان گذرڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ چئن سالن جي عرصي بعد مارڪيٽ ۾ ايندي آهي پر هن دفعي اربين ڊالرن جي سيڙپ سان هڪ سال، يعني ايندڙ سال جي شروعات ۾ اچڻ جو امڪان آهي جيڪو هڪ تاريخي رڪارڊ هوندو. انهن مرحلن ۾ پهريائين جانورن تي نئين ويڪسين جو تجربو ڪيو ويندو آهي ۽ انجي ڪاميابي بعد ٽن مرحلن ۾ انسانن تي تجربا ڪيا ويندا آهن، پهرين مرحلي ۾ 10 کان 50 رضاڪارن تي ، جنهن جي ڪاميابي بعد ڀانت ڀانت جي عمرين ۽ ملڪن جي 100 انسانن تي ۽ انجي ڪاميابي بعد 1000 انسانن تي اهي تجربا ڪيا ويندا آهن. انهن سمورن مرحلن مان پار پوڻ بعد اهي باقائده عام انسانن لاء مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ ريگيوليٽر پاران منظور ڪيون وينديون آهن. هن وقت تائين 138 ويڪسينون جانورن تي آزمائجي چڪيون آهن، جن مان ڪاميابي سان 19 پهرين مرحلي، 16 ٻئي مرحلي، 7 ٽئين يعني آخري مرحلي مان انسانن تي ڪاميابي سان آزمائجي رهيون آهن جن مان 3 چيني، 2 آمريڪي، ۽ هڪ هڪ برطانيه ۽ Pfizer ڪمپني جون آهن. ان آخري آزمائش جي ڪاميابي بعد اهي ويڪسينون باقاعده مارڪيٽ ۾ عام واهپي لاءِ اچي وينديون. روس جي ويڪسين تنهن کان علاوه آهي.
ڪورونا جي ان پسمنظر ۾ آمريڪي صدارتي چونڊون نومبر ۾ ٿي رهيو آهن جنهنجي لاءِ صدر ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار سابق نائب صدر جو بائيڊن وچ۾ مقابلو آهي. جو بائيڊن ڪئليفورنيا ڄائي 55 سالن جي سينيٽ جي جونيئر ميمبر، وڪالت سان وابستا ڪاملا ديوي هئرس کي پنهنجي نائب صدر طور چونڊيو آهي جنهنجي ماءُ شماله گوپالڻ انڊيا جي علائقي تامل ناڊو مان آمريڪا پڙهڻ آئي هئي ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي ماهر آهي . سندس چونڊ سان عورتن ۽ آمريڪا ۾ ٻاهران آيل باشندن جي حقن ۽ عزت احترام ۾ اضافو ٿيندو جنهن کي ٽرمپ جي تازن قدمن سان سخت ڇيهو رسايو ويو آهي.صدر ٽرمپ ڪمالا جي نامزدگي تي اعتراض ڪندي چيو آهي ته هو آمريڪي شهري ناهي ڇوته سندس ماءُ ٻاهرين آهي. امڪان آهي ته چونڊن جي مهم ۾ چين آمريڪا واپاري لاڳاپا ڪورونا سان گڏ گهڻي ۾ گهڻو بحث هيٺ ايندا. صدر ٽرمپ آمريڪي معيشت کي چين کان مڪمل طور ڪٽڻ چاهي ٿو جنهن سان ماهرن موجب آمريڪا کي فائدي بجاءِ نقصان پهچي رهيو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته روسي صدر پيوٽن صدر ٽرمپ جو حامي آهي ۽ کيس کٽائڻ جي ڪوشش ڪندو پر انجي ابتڙ چين انجي خلاف آهي ڇوته کيس واپاري نقصان پئجي رهيو آهي. ڪن مبصرن موجب چين به ٽرمپ جي ڪاميابي چاهي ٿو ڇو ته ٽرمپ جي “آمريڪا فرسٽ” جي پاليسين سبب دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿي رهيو آهي تنهن سان چين کي اهو ڀرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي جنهن سان سندس معيشت توڙي اثر رسوخ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
آمريڪا سان ڇڪتاڻ باوجود چين خاموشي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ هڪ نئين قسم جي رياستي سوشلسٽ سرمائيداري جنهن کي 67 سالن جي تاحيات چيني صدر ذي جن پنگ جي نالي پويان Xinomics سڏيو پيو وڃي تنهن۾ مرڪزيت، ٽيڪنالاجي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي جديد تصور جنهن۾ ٻنهي جي وچ۾ فرق ڌنڌلو ۽ آخرڪار ختم ئي ٿي ويندو، رائج ٿي رهيو آهي. ان تصور موجب ڪميونسٽ پارٽي ڏکيائين ۾ خانگي ڪمپنين جي مدد ڪري کين مصيبتن مان پار ڪري رهي آهي. ان ماڊل جي ڪاميابي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته چين جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽر 3,900 ڪمپنين مان 400 ڪمپنيون پنهنجي سالياني رپورٽن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا ٿورا مڃي چڪيون آهن ته هن ڏکئي وقت ۾ سندن رهنمائي ڪئي ۽ کين تڪليف مان ڪڍڻ لاءِ سندن مدد ڪئي. اڳي اهو انگ 20 کان وڌيڪ نه هوندو هو. چين ايران،  آفريڪا، وچ اوڀر،ڏکڻ ايشيا جي ملڪن سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن لاءِ معاهدا ڪري رهيو آهي جيڪي انهن ملڪن جي سندن ڪرنسي ۾ ڪيا ويا آهن جنهن سان به آمريڪي ڪرنسي کي ڇيهو رسي رهيو آهي ڇو ته عام طور 60سيڪڙو کان وڌيڪ عالمي واپار ڊالر ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڪورونا سبب آمريڪي معيشت ۾ 25 سيڪڙو لاٿ سبب ڊالر جو ملھه مارچ کان هن وقت تائين 7 سيڪڙو گهٽجي چڪو آهي جنهن ڪري سيڙپڪار ڌڙاڌڙ سون خريد ڪري رهيا آهن، جنهن جو ملھه سڀ پراڻا رڪارڊ ٽوڙي 2100 ڊالر في آئونس جي ويجهو پهچي چڪو هو پر هاڻي 1950 ڊالرن جي ويجهو آهي ۽ دنيا جي ٻئي وڏي مالدار آمريڪي وارين بوفيٽ جيڪو سون ۾ سيڙپڪاري جي خلاف هو، هاڻي ان۾ سيڙپ ڪري رهيو آهي ڇو ته ڊالر تي وياج ٻڙي جي ويجهو پهچي چڪو آهي جڏهن ته سون هڪ مهيني ۾ 8 سيڪڙو۽ سال ۾ 28 سيڪڙو وڌي چڪو آهي. عالمي پابندين سبب ايراني دينار جيڪو هڪ ڊالر ۾ سرڪاري طور 15,000 برابر آهي سو کليل مارڪيٽ ۾ لهي 180,000 تي پهچي چڪو آهي.ساڳيو برو حال لبناني پائونڊ جو آهي جيڪو تازو معاشي ڏيوالي نڪرڻ سبب سخت مصيبت ۾ آهي. سندس لبناني ليرو يا پائونڊ جيڪو سرڪاري طور هڪ ڊالر ۾ 1,500 برابر آهي سو لهي 9,000 تي پهچي چڪو آهي.
لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ 4 آگسٽ تي 2,700 ٽن يوريا ڀاڻ جي ڌماڪي ۾ 200 کان وڌيڪ شهري مارجي ۽ 6,000کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. اهو ڌماڪو ايترو ته تيز هو جو 150 ميل پري قبرص ۾به ان جو اثر محسوس ڪيو ويو ۽ ريڪٽر اسڪيل تي انجو اثر 3.3 زلزلي برابر هو.ماهرن موجب ان جو اثر 200 کان 300 ٽن شديد ڌماڪي برابر هو ۽ اهو دنيا جي تاريخ ۾ غير ائٽمي ڌماڪن ۾ سڀني کان وڏو ڌماڪو هو.ان جي شدت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته 1986ع ۾ سوويت يونين جي شهر چرنوبل ۾ ٿيل ائٽمي بجلي گهر ڌماڪو 10 ٽنن برابر هو. انڪري ڪجهه ماهر ان تي شڪ جو اظهار ڪري رهيا آهن ته ڪو اهو يوريا ڀاڻ جي گودام ۾ ڌماڪو هو.انڪري سامونڊي اڏو مڪمل طور تباهه ٿي ويو ۽ 3 لک ماڻهو بيگهر ٿي ويا ۽ اندازو آهيِ ته 15 ارب ڊالرن جو نقصان پيو آهي. بعد ۾ عوامي مظاهرن ڪري حڪومت ختم ٿي وئي ۽ ٻن هفتن لاءِ ايمرجنسي هڻي فوج کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. لبنان ۾ اڳي ئي ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس ڪري معيشت تباهه ٿي چڪي هئي ۽ عوام ڪئي ڏهاڪن جي اسرائيل فلسطين جهڳڙي جي پسمنظر ۾ گهرو لڙائي سبب مصيبتن ۾ ورتل هئا.
هوڏانهن صدر ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ۾ ڊگهين ڳالهين بعد ٻئي هڪٻئي کي تسليم ڪري رهيا آهن. مصر ۽ اردن کان پوءِ اسرائيل کي تسليم ڪندڙ اهو ٽيون عرب ملڪ هوندو .اسرائيلي سرڪار چيو آهي ته ان سان سندس اولھه ڪناري آبادڪاري جي منصوبن تي ڪو اثر نه پوندو جنهن بابت امارات سرڪار چيو هو ته ان کي معطل ڪيو ويندو. انومان آهي ته سعودي عرب ۽ سندن ٻين ساٿارين جون به اسرائيل سان نيم ڳجهيون ڳالهيون هلي رهيون آهن پر هو عرب عوام جي تاءُ کي ماپي رهيون آهن. فيبروري ۾ دبئي مان موڪليل پنهنجي آرٽيڪل ۾ مون لکيو هو ته تيل جي اهميت ۽ اگهن گهٽجڻ سبب وچ اوڀر ۾ امن کي هٿي ملندي. فلسطين، ايران، ترڪي، حماس ان جي مذمت ڪندي ان کي ويساهه گهاتي سڏيو آهي، حالانڪه ترڪي جا اسرائيل سان به لاڳاپا قائم آهن. ترڪي جنهن جا لبيا جي مسئلي تي اڳي ئي ابوظهبي سان لاڳاپا سڌا نه هئا، پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. فلسطين به اهڙو ئي اعلان ڪيو آهي.ايران ان کي بيوقوفي وارو فيصلو قرار ڏنوآهي. پاڪستاني پرڏيهي ترجمان محتاط نموني تبصرو ڪندي چيو آهي ته اهو ڏٺو ويندو ته ان جو فلسطيني حقن ۽ علائقي جي امن تي ڪهڙو اثر پوي ٿو. ياد رهي ته مشرف جي زماني ۾هن آمريڪا ۾ عالمي يهودي ڪانفرنس کي خطاب ڪيو هو ۽ اهي رپورٽون به آيون هيون ته اسرائيل سان ڳجهيون ڳالهيون جاري هيون، پر پاڪستان انجي ترديد ڪئيِ هئي.
ان عالمي پسمنظر ۾ جڏهن ڪورونا سبب هرملڪ پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، سڄاڻ پاڪستاني پريشان آهن ته ڇا سندن ملڪ “بادشاهي” نظام ڏانهن وڌي رهيو آهي، جتي آئين جا رکوالا به قانون بجاءِ دلي اڌمن آڌار فيصلا ڪن ٿا، جنهن تي وڪيلن جون تنظيمون به ڳڻتي ظاهر ڪري چڪيون آهن. لڳي ٿو ته آئين ۾ ڏنل رياست جي ٽن ٿنبن وچ ۾ توازن رکندڙ ٽائراڊ ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ گاڏي بنا ڪنهن ڪنٽرول جي ڪنهن اڻڄاڻل منزل ڏانهن خدا جي سهاري هلي رهي آهي.ان کان اڳ جو ڪو وڏو حادثو پيش اچي،ان توازن کي واپس آئين موجب پنهنجي جڳھه والارڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

One Response to عالمي منظرنامو ۽ نازڪ ملڪي ٽائراڊ

  1. Irshad Katpar says:

    سٺو تجزيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *