تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

طريقو نمبر تيرنهن !

وڏڙا هڏڙا ڳالهه ٿا ڪن ته، ڪنهن زماني ۾ ڪنهن ملڪ تي هڪ اهڙو بادشاهه بادشاهي ڪندو هو جو ڏاڍو ايماندار، سچار ۽ بهادر هوندو هو. منجهس بادشاهت جون سڀئي خوبيون موجود هيون. اهو بادشاهه پنهنجي چڱاين جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور هو. ان ملڪ جو بادشاهه جو اهڙو هو سو اهو ملڪ به ڏاڍو خوشحال ۽ شاد آباد هو. اتي جو هر ماڻهو ڏاڍو سکيو ستابو هو. ان بادشاهه کي هڪڙو پٽ هو جو اڳتي هلي پيءُ کان پوءِ ملڪ جو بادشاهه ٿيو. بادشاهه سلامت جي وفات تي هر ماڻهو اهو پئي سوچيو ته سندس پٽ لک ٿي پوي پر پيءُ جهڙو ڪونه ٿي سگهندو پر اڳتي هلي هر ڪو اهو ڏسي حيران ٿي پيو ته پٽ ته پيءُ کان به ٻه رتيون مٿي ايماندار، سچار ۽ بهادر نڪتو. نتيجي ۾ اهو ملڪ اڃان به وڌيڪ خوشحال ۽ شاد آباد ٿيو ۽ ماڻهن به ايڏي ترقي ڪئي جو غربت جو نالو نشان نه رهيو. نئين بادشاهه جي دور ۾ قانون ۽ انصاف جو بول بالا رهيو. ڪنهن به ڏاڍي کي ايتري همت نه هئي جو هو گابو ٿي سگهي! شينهن ۽ ٻڪري ساڳي گهاٽ تان ڀاءُ ڀيڻ ٿي پاڻي پيا پيئندا هئا. بگهڙ هجي توڙي رڍ، قانون سڀني جي لاءِ برابر هوندو هو. انهي نيڪ نام بادشاهه جو به هڪڙو ئي پٽ هو ۽ اهو به پنهنجي پيءُ ڏاڏي کان ٻه چار رتيون وڌيڪ ايماندار، سچار ۽ بهادر هو.
سڀني کي خبر آهي ته وقت به سدائين ساڳيو ڪونه ٿو رهي. عروج هجي يا زوال، نيٺ گذري ئي ويندو آهي سو ان ملڪ ۾ به ايئن ئي ٿيو. ان ملڪ جي تڏهن ڦٽي، جڏهن وقت جي بادشاهه کي هڪڙي پٽ بدران ٻه پٽ ٿيا سي به جاڙا! بادشاهه کي جڏهن جاڙا پٽ ڄاوا ته سڄي ملڪ ۾ وڏا شادمانا ٿيا پر ڪنهن کي خبر هئي ته اهي ئي هن ملڪ لاءِ اڀاڳ جو بنياد وجهندا. ٿيو هيئن جو اڳتي هلي جڏهن بادشاهه فوت ٿيو ته ٻنهي پٽن مان هر هڪ اهو چاهيو ته “بادشاهه آئون ٿيان!” ٻنهي شهزادن جي انهي خواهش جي خبر جو وزيرن مشيرن تائين پهتي ته اهي به اچي اڻتڻ ۾ پيا. جيڪڏهن شهزادا جاڙا نه هجن ها ته کڻي وڏي کي تخت تي ويهارجي ها پر هاڻي هرڪو پريشان هو ته آخر ڇا ڪجي؟ هيڪر ته سڀئي ان ڳالهه تي بيٺا ته جاڙن مان کڻي جيڪو اڳ ۾ ماءُ پيٽان ٻاهر آيو هجي تنهن کي کڻي تخت تي ويهارجي پر پوءِ پتو پيو ته شهزادن جي ماءُ توڙي دائي ٻئي گهڻو اڳ جهان ڇڏي چڪيون هيون. هاڻي ڪير به سورنهن آنا سچي ٻڌائڻ وارو ڪونه هو ته آخر ٻنهي شهزادن مان ڪهڙو اڳ ۾ ڄائو هو!
نيٺ درٻار لڳي، ٻئي شهزادا ويٺا ۽ وزير مشير به هڪيا حاضر ٿيا ته کليل نموني ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. ڳالهيون صبح کان شام تائين ۽ شام کان رات تائين جاري رهيون. آخر اهو طئه ٿيڻ لڳو ته ملڪ کي ورهائي ٻئي شهزادا برابر حڪومت ڪندا. انهي فيصلي جو اڃان اعلان ٿيڻ وارو ئي هو جو هڪڙي وزير رڙ ڪري چيو، “حضور! ايئن ته پنهنجو هي پيارو ملڪ ٻه اڌ ٿي ويندو!؟”
ان تي ٻنهي شهزادن گڏجي وراڻيو، “ٻيو ڪو طريقو به ته ناهي!”
شهزادن جي انهي ورندي تي انهي وزير ڪن ڪيٽا ڪري آهستگي سان چيو، “طريقو آهي حضور!”
وزير جي انهي جملي تي سڄي درٻار جو دماغ چرخ ٿي ويو. سڀئي چوڻ لڳا، “ڪهڙو طريقو آهي؟” ٻنهي شهزادن هم آواز ٿي چيو، “اسان کي جلدي ۾ ٻڌايو وڃي!”
وزير وڏي ڏاهپ سان چيو، “طريقو نمبر تيرهن حضور!”
“اهو وري ڪهڙو طريقو آهي؟” شهزادن وڌيڪ بيچيني سان چيو. درٻار ۾ به سرگوشيون شروع ٿي ويون.
“حضور! اهو آئون سڀني کي نٿو ٻڌائي سگهان.” وزير چيو، “آئون اهو صرف اوهان کي ٻڌائيندس.”
وزير جي اها ڳالهه ٻڌي سڀني درٻارين جا ٻوٿ ٽامڻي ٿي پيا. شهزادن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيا ته کين ساڻ ڪري هڪ ڪنڊ ۾ ويو ۽ کين اهو طريقو نمبر تيرنهن ٻڌايائين. وزير جو طريقو نمبر تيرنهن ٻڌي شهزادا ڪي پل سوچ ويچار ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ نيٺ انهن جي چهرن تي مرڪون تري آيون ۽ اهي کلندا ٽلندا واپس درٻارين جي سامهون آيا.
درٻار ۾ موجود سمورن ماڻهن جي مٿي ۾ اهو سوال ڪوڪو ٿي لڳڻ لڳو ته، آخر اهو طريقو نمبر تيرنهن ڪهڙو هو، پر ڪنهن جي مجال ڪونه ٿي جو اهو شهزادن کان پڇي سگهي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اهو طريقو ٻڌائيندڙ وزير به شهزادن جو اهڙو خاص ٿي ويو جو ماڻهو ان کان به ڇرڪڻ لڳا. ۽ پوءِ ٿيو هيئن جو ملڪ ته قائم رهيو، بادشاهي به ٻنهي جي قائم رهي پر ملڪ مان ڏينهون ڏينهن امن ۽ خوشحالي موڪلائيندي وئي. آهستي آهستي ڏاڍي جي لٺ کي پهرين ٻه ۽ پوءِ ڏهه مٿا ٿيڻ لڳا. اهڙي ريت جو ڏاڍو هو سو پهرين گابو ۽ پوءِ پاڏو ٿي پيو. ڏسندي ئي ڏسندي سهن جي سرپرستي ڪتن جي حوالي ٿي ۽ رڍن جا رکوال بگهڙ بڻجي ويا. اڳتي هلي انهن ٻن جاڙن منجهان چار ۽ پوءِ چئن مان اٺ ۽ اٺن مان سٺ ٿيندا ويا پر پوءِ به پنهنجي ابن ڏاڏن جي ٻڌايل انهي طريقي نمبر تيرنهن تي عمل ڪندي اهي سڀ جا سڀ ڪامياب نموني سان بادشاهي ڪندا رهيا.
مون کي اميد آهي ته اوهان کي اهو ٻڌي ڪا به حيرت ڪانه ٿيندي ته ڌرتي جي گولي تي اهو ملڪ اڄ سوڌو موجود آهي ۽ انهن ٻن جاڙن جي اولاد مان اتي هاڻي سون جي تعداد ۾ بادشاهه موجود آهن جيڪي اڄ به انهي طريقي نمبر تيرنهن تحت بادشاهي ڪري رهيا آهن. پر ها، اوهان کي اهو ٻڌي ضرور عجب لڳندو ته انهي ملڪ ۾ هاڻي ڪتا ڀونڪڻ بدران ارشاد ڪرڻ لڳا آهن ۽ گڏهه هينگڻ بدران جهونگارڻ لڳا آهن. ڳيرا بازن تي حڪم ٿا هلائن ۽ شينهن گدڙن جي درٻاري ٿا ڪن. اتي ڏاند دانشوري ٿا هلائن ۽ خچر عقل ورهائيندا ٿا وتن. جانور سڀ شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن، جڏهن ته ماڻهن وڃي جهنگ وسايو آهي.
آخري ڳالهه هيءُ ته، ايڏو وڏو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود به اڄ تائين ڪو به وقت جي بادشاهه کان يا ان جي خاص وزير کان ڳچي مان جهلي اهو طريقو نمبر تيرنهن پڇي نه سگهيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *