تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

صوبن جي مالي خودمختياري کسڻ جي ڪوشش

صوبن کي مليل انڌي منڊي مالي خودمختياري گهڻين ڌرين کان هضم نه پئي ٿئي ۽ اهي صوبن جا مالي اختيار کسڻ جون ڪوششون گهڻي وقت کان ٿينديون رهيون آهن. جنهن جو نئون اظهار ايم ڪيو ايم طرفان اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ لاءِ سينيٽ ۾ بل پيش ڪرڻ جي ڪوشش هئي جنهن کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو. سمورا اختيار مرڪز وٽ هئڻ جا حامي ماڻهو سدائين صوبن جو مالياتي حصو ڪٽڻ لاءِ اهو دليل ڏيندا رهيا آهن ته مرڪز وٽ ڪجهه نه هئڻ ڪري ملڪي معاملا هلائڻ ڏکيا ٿي پيا آهن جڏهن ته صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي حامي ڌرين وٽ اهو دليل آهي ته جڏهن صوبا انتظامي ۽ مالي طور خودمختيار هوندا ته اهي مرڪز کي وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جو سبب بڻبا.
اهو بحث اڄ جو ناهي ملڪ ٺهڻ کانوٺي اختيار ڌڻين ۽ سياسي پارٽين ۾ اهو موضوع ئي سياسي سرگرمين جو محور رهيو آهي ته ملڪي معاملا هلائڻا ڪيئن آهن،اڳ جڏهن سمورا اختيا مرڪز وٽ هوندا هيا ته صوبائي حڪومتون پنهنجن صوبن ۾ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ مرڪز ڏانهن ئي واجهائينديون رهنديون هيون جنهن ڪري صوبن ۾ ترقياتي ڪمن کان وٺي صحت ،تعليم سميت ڪنهن به شعبي لاءِ پاليسي يا ڪو فيصلو ڪرڻ ۽ وري ان تي عمل ڪرڻ لاءِ به مرڪز کان اجازت وٺڻي پوندي هئي پر ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي جيڪا ٿوري گهڻي مالي توڙي انتظامي خودمختياري ملي آهي ان جي ڪري ئي صوبائي حڪومتون پنهنجي پنهنجي عوام ۽ صوبي کي ڪجهه ڏيڻ جي قابل ٿي سگهيون آهن. جنهن جو مثال سڀني کان وڌيڪ هاڻوڪو وزيراعظم ئي آهي. جڏهن سندس پارٽي جي رڳو ڪي پي ۾ حڪومت هوندي هئي ته امن امان صوبائي معاملو هجڻ ڪري هو سدائين اها دعويٰ ڪندو رهندو هو ته ڪي پي حڪومت جيڪي پوليس سڌارا ڪيا آهن اهي انهي ارڙهين ترميم جي ڪري ممڪن ٿي سگهيا هئا.جيڪڏهن ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي سبب صوبي کي مالي ۽ انتظامي خودمختياري نه هجي ها ته مرڪز ۾ مخالف حڪومت هجڻ ڪري هو اهي سڌارا ڪري ئي نه سگهي ها. اها ڪا ڏکي ڳالهه ناهي جو سمجهي نه سگهجي ته صوبن کي مالي خودمختيار ڏيڻ کانسواءِ اهي حڪومتون پنهنجي پنهنجي صوبن ۾ ڇا ڊليور ڪري سگهنديون يا عوام کي انهن وٽ ڏيڻ لاءِ ڇا هوندو؟.بس هڪڙي اشرافيا آهي جيڪا سياسي ماڻهن کان وٺي بيوروڪريسي ۾ موجود آهي جيڪا وفاق جي مضبوطي جي نالي ۾ اختيار صوبن کي منتقل ڪرڻ جي ڪوششن آڏو سدائين رنڊڪ وجهندي رهي آهي ڇاڪاڻ ته اهي وفاق جي نالي تي انهن اختيارن تياه اشرافيا ئي قابض رهي آهي تنهن ڪري اهو ٽولو صوبن کي ڪي به اختيار منتقل ڪرڻ جو مخالف رهيو آهي .جنهن جو اظهار ايم ڪيو ايم جي هڪ سينيٽر طرفان اين ايف سي ۾ ترميم لاءِ سينيٽ ۾ بل پيش ڪرڻ جي ڪوشش هئي جنهن کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو .انهي بل تي ڳالهائيندي جيڪي به تقريرون ٿيون آهن اهي ماضي جي تجربن کي بيان ڪري رهيون آهن ته ڪيئن مضبوط مرڪز جي نالي تي صوبن کي ڪمزور ڪري صوبن ۽ مرڪز ۾ بدگمانيون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ هاڻي به سياسي ۽ ڪاموراشاهي جو اهو ٽولو پنهنجي مفادن لاءِ اهڙي ئي راند کيڏي رهيو آهي جيئن صوبن کي مليل انڌا منڊا اختيار به واپس وٺي سگهجن ۽ ماضي وانگر صوبا سندن آڏو محتاج هجن.
اسان سمجهون ٿا ته مالي ۽ انتظامي طور مضبوط ۽ خودمختيار صوبا ئي مضبوط مرڪز جي ضمانت آهن جيڪڏهن وفاق کي ڪي مالي پريشانيون آهن ته اها پنهنجا خرچ گهٽائي خاص ڪري اهي وزارتون جيڪي صوبن ۾ موجود آهن انهن کي مرڪز ۾ برقرار رکڻ جو ڪهڙو ٿو جواز بچي.ماضي جي تجربن سيکاريو آهي ته صوبن کي بي اختيار ڪرڻ سان مرڪز کي ئي نقصان پهتو آهي ان ڪري ضروري آهي ته جيڪي صوبن کي اختيار مليا آهن انهن کي گهٽائڻ بدران اڃان به وڌايو وڃي ڇو ته صوبن جي مفادن ۽ ترقي سان ئي وفاق به اڳتي وڌندو ۽ مضبوط ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *