تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

صدارتي نظام جون ڳالهيون ڇو ۽ ڪنهن جي لاءِ؟

قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم عمران خان 30 جون 2020ع واري ڏينهن تي پنهنجي حڪومت مان پنهنجي مائينس ٿيڻ جي خدشي جو اظهار ڪري چڪو آھي ان بعد ملڪ اندر حڪومت جي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو بحث زور وٺي ويو آهي، ڪي وزير اعظم عمران خان جي جاءِ تي پرويز خٽڪ، ته ڪي شاهه محمود قريشي ،ته ڪي وري محمد ميان سومري جي اچڻ جا امڪان ظاهر ڪندا رهيا آهن ڪجهه ماڻهو ته حڪومتي صفن ۾ اهڙي تبديلي اچڻ لاءِ تاريخون به ڏيندي نظر اچي رهيا هئا. ڪي آڪٽوبر تائين ته ڪي نئين سال جي اچڻ کان اڳ ته ڪي نئين سال بعد تبديلي جا امڪان ظاهر ڪندا رهيا پر بجيٽ جي منظوري ۾ حڪومت کي 160 ووٽ ملڻ واري مامري عمران خان جي جاءِ تي نئين وزير اعظم جي چونڊجڻ واري عمل کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آھي ڇو ته سادي اڪثريت جي حڪومت لاءِ 342 ميمبرن جي قومي اسيمبلي جي ايوان مان 172 ميمبرن جا ووٽ گهربل آھن.
اهو سڀني کي معلوم آھي ته وزير اعظم جهڙي عهدي تي تبديلي جي امڪان کي عملي جامو پهرائڻ ۽گهربل ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نئين سر ووٽن عيوض نون مطالبن ۽ فرمائشن کي نه رڳو منهن ڏيڻو پوندو پر انهن کي پورو به ڪرڻو پوندو، ان هائوس تبديلي نا ممڪن ڀلي نه هجي پر سولي هرگز ناهي.جيڪڏهن مرڪز ۾ اهڙي تبديلي ٿيندي ته پوءِ يقينن پنجاب ۾ به تبديلي جون خواهشون تيز ٿي وينديون. جيتوڻيڪ مخالف ڌر وٽ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو آئيني رستو موجود آھي پر مخالف ڌر ۾ سياسي ميدان جي ويٺل تجربيڪار سياستدانن کي معلوم آھي ته جيستائين عمران خان سان طاقت ور ڌريون گڏ آھن ان وقت تائين ان کي هٽائڻ شايد ممڪن نه ٿي سگهي ڇو ته سينيٽ جي 104 ڪل ميمبرن جي ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ 60 ميمبرن جي واضح اڪثريت هجڻ باوجود سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪرائڻ ۾ ناڪامي ٿي ڇو ته صادق سنجراڻي سان طاقتور ڌريون گڏبيٺل رهيون. شايد اهو ئي سبب آھي جو مخالف ڌر بجيث ۾ سادي اڪثريت کان به گهٽ ووٽ ملڻ باوجود وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ نه آڻي رهي آھي.
ان جو هڪ سبب وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ ۽ ان ۾ ڪاميابي لاءِ گهربل سپورٽ اڃان نه ملڻ يا ان حوالي سان مخالف ڌر جي سمورين پارٽين ۾ اتفاق نه هجڻ به ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اتفاق ٿي به وڃي پر پوءِ به ڪجهه سيٽن وارا حڪومتي اتحادي ان جو ڇو حصو ٿيندا. جڏهن کين معلوم هجي ته مخالف ڌر وارا ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرائي سگهن ٿا ته پوءِ اهي ڇو حمايت ڪندا. حڪومتي تبديلين جي ڳالهين جو اهو سٽ اڃان سلجهيو ئي نه آھي ته ملڪ اندر صدارتي نظام اچڻ جا خدشا ظاهر ٿيڻ لڳا آھن پهريان ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جي اچڻ جي امڪانن جون ڳالهيون نجي ڪچهرين ۾ ٿي رهيون هيون پر سينيٽ جي 13 جولاءِ 2020 ع جي اجلاس ۾ ن ليگ جي پارلياماني ليڊر مشاهد الله، جي يوآءِ ، پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ ٻين مخالف ڌر جي ميمبرن هڪ ٻئي پويان ملڪ اندر صدارتي نظام اچڻ جا نه رڳو خدشا ظاهر ڪيا پر مشاهدالله خان يحيٰ خان، ايوب خان،ضياء الحق ۽ پرويز مشرف جي صدارتي دورن جا حوالا ڏيندي چيو ته اهو صدارتي نظام ئي هو جنهن ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿيو. ظاهر آھي ته مخالف ڌر جي سينيئر ترين ميمبرن پاران صدارتي نظام آڻڻ جا خدشا ظاهر ٿيڻ مان اهو واضح طور محسوس ٿي رهيو آھي ته ڪجهه ته آھي جو مخالف ڌر فلور آف دي هائوس ان جو اظهار ڪري رهي آھي پر اهڙن خدشن جي سامهون اچڻ بعد سوال هي آھي ته آئين ۾ ته ملڪ اندر صدارتي نظام جو ڪو تصور نه آھي. آئين ۾ جيڪڏهن صدارتي نظام لاءِ رستو نه آھي ته اهو ڪم ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو؟
اهڙي سوال جو جواب ملڪي تاريخ ۾ موجود آھي ملڪ جي آئين ۾ ڪڏهن به مارشلائن جي گنجائش نه رهي آھي پر ان باوجود ملڪي تاريخ مان اڌ کان وڌيڪ وقت تائين ملڪ اندر آمريت رهي آھي پر 18 ترميم بعد جي آئين کي ڏسجي ٿو ته ملڪ اندر مارشلائن ۽ آئين يا ان جي ڪجهه آرٽيڪلن کي التوا ۾ رکڻ ماضي وانگر نه رڳو آسان عمل نه آھي پر ان عمل کي آئين ۾سنگين غداري طور پيش ڪيو ويو آھي. سوال هي به آهي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن صدارتي نظام آڻڻ جي ڪا تجويز زير غور به آھي ته اهو به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته صدارتي نظام موجوده صدر عارف علوي لاءِ ته نه آندو ويندو. ظاهر آھي ته جيڪڏهن صدارتي نظام جي ڪا تجويز زير غور آھي ته صدارت لاءِ به عمران خان يا ڪنهن ٻئي جو نالو ئي هوندو پر ملڪ اندر صدر جي عهدي لاءِ به چونڊ جو آئيني طريقيڪار موجود آھي. هن صورتحال ۾ حڪمران ڌر لاءِ نئين وزير اعظم چونڊرائڻ کان وڌيڪ صدر جي چونڊ مشڪل آھي ڇو ته ان ۾ چئني صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن سوڌو پارليامينٽ جي ميمبرن جا ووٽ به گهرجن. جيڪڏهن هڪ منٽ لاءِ اهو مڃي به وٺجي ته طاقتور ڌرين جي مدد سان حڪمران ڌر صدارتي چونڊ کٽي به وڃي پر سوال هي آھي ته آئين ۾ ته هن وقت طاقتور ترين عهدو وزير اعظم جو آھي 18 ترميم وقت ان وقت جي صدر آصف زرداري پارليامينٽ کي اختيار واپس ڪري ڇڏيا جنهن ڪري هن وقت صدر کي اهي آئيني اختيار نه آھن جيڪي پرويز مشرف کي هئا پوءِ صدارتي نظام لاءِ اهي اختيار ڪيئن واپس ڪرايا ويندا.
پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ سبب قانون سازي نه ڪري سگهڻ سبب حڪومت کي مامرا هلائڻ ۾ مشڪلاتون آھن ۽ اهو ڪجهه نه پئي ڪري سگهي جيڪو ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ صدارتي نظام لاءِ ته آئين کان ڪو مٿانهون قدم ئي کڻڻو پوندو. مان نٿو سمجهان پي ٽي آءِ اهڙو آئين کان ابتڙ ڪم ڪندي ڇو ته ان رستي تي پي ٽي آءِ جي اچڻ سان سندس سياسي سڃاڻپ سخت متاثر ٿيندي. سياسي ساک ته حڪومت جي ڪارڪردگي سبب به متاثر ٿي آھي خاص طور تي پي ٽي آءِ 18هين ترميم۽ اين ايف سي کي ڇيڙڻ جي ڪوشش سان پنهجي سياسي اثر کي ننڍن صوبن ۾ متاثر ڪري رهي آھي نه رڳو ايترو آئين ۾ گيس پيداور ڏيندڙ صوبي جو آئين جي آرٽيڪل 158تحت استعمال تي جيڪو پهريون حق تسليم ڪيو ويو آھي ان تي به نظرثاني ڪرڻ جون هي حڪومت ڳالهيون ڪري رهي آھي. 18هين ترميم تحت ڪل وسيلن مان 56 سيڪڙو وسيلن مان حصو ملڻ کي رڳو 10 سال ٿيا آھن ڏهن سالن ۾ وفاق ان عمل کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻ تي سندرا ٻڌي بيٺل نظر اچي رهيو آھي توڙي جو صوبن وچ ۾ سموري آمدني جي تقسيم نه ٿي رهي آھي. پيٽروليم ليوي جي مد ۾ هرسال ساڍا چار سو ارب وصول ٿين ٿا ان کان سواءِ گيس تي وصول ٿيندڙ جي آءِ ڊي سي ،ليويز، ڊيوٽيز جي مد ۾ ٿيندڙ سموري آمدني وفاق پاڻ وٽ رکي ٿو ان آمدني مان صوبن کي هڪ روپيو به نٿو ملي نه رڳو ايترو پر نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ به هن سال 16 سو ارب گڏ ٿيا انهن مان به صوبن کي روپيو نه مليو. مطلب ته چڱي خاصي اهڙي آمدني آھي جيڪا وفاق صوبن کي نٿو ڏئي پر ان باوجود صوبن جي وڌايل ٿوري حصي تي ايتري نظر اٿس جو ان مان هرحال ۾ڪٽوتي ڪرڻ جا ارادا نظر اچي رهيا آھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *