تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

صحت کاتي بابت حڪومت جا عجيب فيصلا

سنڌ حڪومت جا فيصلا ڪيترا نه عجيب آهن، سرڪاري کاتن ۾ انتظامي معاملن جي ڦيرڦار کان اڳ حڪومت ايترو به نه ٿي سوچي ته جيڪي انتظام ۽ اختيار منتقل ڪيا پيا وڃن ۽ جن ڏانهن منتقل ڪيا پيا وڃن انهن جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي؟ پر هن ڀيري تازو جيڪو صحت کاتي جي اختيارين پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي منظوري کان پوءِ 8 ورٽيڪل پروگرامن کي ختم ڪري انهن جا انتظام ڊي ايڇ اوز حوالي ڪيا ويا آهن، ان کان صرف هڪ ڏينهن اڳ ئي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) پاران صحت کاتي جي اختيارين کي خط لکي صوبي جي 9 ڊي ايڇ اوز خلاف ڇرڪائيندڙ رپورٽ ڏيندي چيو هو ته 9 ڊي ايڇ اوز جي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي، مطلب ته هڪ پاسي صحت کاتي جي اختيارين پاران ڊي ايڇ اوز جي اهليت ۽ قابليت تي اعتراض ڪيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي وري خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ واري ورٽيڪل پروگرامن جا انتظام به سندن حوالي ڪيا پيا وڃن؟ مليريا ڪنٽرول پروگرام، ٽي بي ڪنٽرول پروگرام، هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام، ڊينگي ڪنٽرول پروگرام، ايڊز ڪنٽرول، ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام، ماءُ ۽ ٻار جي صحت وارو پروگرام، پريويوينشل اينڊ ڪنٽرول آف بلائنڊ نيس پروگرام جو ڍانچو مڪمل طور تي تبديل ڪيو ويو آهي. صحت کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل 8 ورٽيڪل پروگرام هاڻي ترقياتي منصوبن مان ڪڍي غيرترقياتي رٿائن ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل ورٽيڪل پروگرام ڪيئي ورهين ۽ ڏهاڪن کان ڄاڻايل بيمارين جي ٽوڙ خلاف خاص اداري طور ڪم ڪري رهيا هئا. جن ۾ صحت کاتي جي اختيارين پاران پراجيڪٽ ڊائريڪٽر (پي ڊي) ۽ پروگرام مينيجر (پي ايم ) مقرر ٿيل هئا. پر هاڻي انهن جون پوسٽون به ختم ڪيون ويون آهن. صحت کاتي جي اختيارين پاران ڄاڻايل پروگرامن جي ڍانچي ۾ تبديلي وارو نوٽيفڪيشن پهرين جولاءِ 2020ع کان لاڳو پڻ ڪيو ويو آهي.
حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي کنگهه ۽ زڪام جي ٽِڪي ۽ دوا به نه پئي ملي، زخمين کي ايمبولينس ۽ مڙهه کڻائڻ لاءِ به گڏهه گاڏا استعمال ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي اچن ٿيون، ۽ اهي معاملا ئي ڊي ايڇ اوز جي لاءِ وڏي چيلينج کان گھٽ ناهن ته پوءِ ايڊز، هيپاٽائيٽس، ٽي بي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي علاج معالجي ۽ مانيٽرنگ وارا اختيار ۽ انتظام ان ڊي ايڇ اوز حوالي آخر ڇو ڪيا ويا آهن؟ سرڪار جي اهڙي فيصلي جو هڪ رُخ اهو ٿي سگھي ٿو ته ڄاڻايل بيمارين جو خاتمو پري پري تائين صحت کاتي جي اختيارين کي نظر نه پيو اچي، ٻيو رُخ اهو ٿي سگھي ٿو ته ورٽيڪل پروگرامن جا “اعليٰ اختيار” ڄاڻايل بيمارين تي ضابطي لاءِ ڪي قدم نه کڻي سگھيا. انهي ٻنهي صورتن ۾ حڪومت ۽ خاص طور تي صحت کاتي جي اختيارين لاءِ سوال اهو آهي ته ڇا جيڪڏهن ورٽيڪل پروگرامن جا مينيجر ڄاڻايل پروگرام درست نموني نه هلائي سگھيا ته پوءِ حڪومت اهو فيصلو درست ڪيو آهي ته ورٽيڪل پروگرام ختم ڪري اختيار ۽ انتظام ڊي ايڇ اوز حوالي ڪيا ويا آهن؟
صحت کاتي جي اختيارين پاران ورٽيڪل پروگرامن جو ڍانچو تبديل ڪرڻ بابت هڪ سال کان وٺي ڪوششون ڪيون پئي ويون، گذريل سال ئي صحت کاتي جي اختيارين پاران وڏي وزير ڏانهن سفارشون اماڻيون ويون هيون. جنهن بعد نيٺ وڏي وزير پاران منظوري ڏني وئي. ۽ نئين مالي سال 2020_21ع جي بجيٽ ۾ به ڄاڻايل بيمارين جي خاتمي لاءِ 4 ارب 60 ڪروڙ رپيا غيرترقياتي منصوبن تحت مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صحت کاتي جي ڊي ايڇ اوز لاءِ هاڻي اهو وڏو چيلينج آهي ته هُو جتي ايمبولينسن جو استعمال به نه ٿا ڪري سگھن ۽ ايمبولينسن کي پئٽرول نه ڏيڻ سبب زخمين کي تڙپائين ٿا ته اهي هن بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترو سنجيدگي ۽ ايمانداري سان ذميواريون نڀائي سگھندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت کاتي جي اختيارين پاران ورٽيڪل پروگرامن ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي به ساڳئي طرح ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي ضلعي سطح تي ضم ڪيو ويندو.
صحت کاتي جي اختيارين کي گھرجي ته ڄاڻايل خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ وارن پروگرامن جو ڍانچو مٽائڻ کان پوءِ هاڻي انهن پروگرامن کي مڪمل طور تي ڊي ايڇ اوز جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ ان بيمارين جي مانيٽرنگ لاءِ به خاص طور تي اعليٰ سطحي ٽيمون جوڙيون وڃن. جيئن ڄاڻايل مرضن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ نه ٿي سگھي.
صحت کاتي جي اختيارين کي هاڻي صحت جي ٻين معاملن ڏانهن به خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن نموني سنڌ جي سمورن ضلعن، تعلقن ۽ ننڍن شهرن مان خاص طور تي مريضن ۽ سندن وارثن سان انياءُ سامهون اچي پيو ان سان صحت کاتو پنهنجي هجڻ جو وجود ڄڻ وڃائي رهيو آهي. ان ڪري هاڻي صحت کاتي جي اختيارين کي خاص طور تي ڪي اپاءُ وٺڻا پوندا، جيئن صوبي ۾ مهانگائي ماريل عوام کي سرڪاري اسپتالن مان ڪو وقتائتو رليف ملي سگھي، ان سان گڏوگڏ جيئن تازو ڪجهه وقت کان سرڪاري ايمبولينسون نه ملڻ بابت مريضن جي وارثن جون رڙيون اچن پيون ان طرف به صحت کاتي جي اختيارين ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي خاص توجهه ڏيڻ گھرجي. جيڪڏهن اڃان به صحت کاتي جي اختيارين دوا ٽڪي لاءِ عوام لاءِ سرڪاري اسپتالن جا در بند ڪيا ۽ زخمين کي ايمبولينسن جي سهوليت نه ڏني وئي يا ڪو مڙهه کڻائڻ لاءِ به پئٽرول نه هجڻ جا جواز ڄاڻايا ته پوءِ صحت کاتي جي هجڻ يا نه هجڻ جو سان ڪهڙو ٿو فرق پوي ؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *