تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

شهيدن سان وفا جي سزا!

سنڌ جو اهو اڀاڳ چئجي يا ٻيو ڪجھه، جو سنڌ ۾ حڪومت ته سنڌين جي هوندي آهي پر سنڌ ۽ سنڌ وارن لاءِ نه هوندي آهي، ٻي بدبختي اها آهي جنهن رات ڀٽي صاحب کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو ان ڏينهن کان سنڌ ڀٽي جي پارٽيءَ جي قرضي ٿي وئي. ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ هڪ دکدائڪ ڪٿا آهي. هڪ چونڊيل وزيراعظم کي عداتي فيصلي تحت قتل ڪيو ويو. ان بيڏوهه قتل جو تاريخي انصاف ته ٿي چڪو آهي ان جي قاتل جو نالو وٺندي ڪراهت ۽ ڪوفت محسوس ٿيندي آهي. ان کان وڌيڪ تاريخ ٻيو ڪهڙو انصاف ڪري سگھي ٿي. پر ڀٽي جي پارٽيءَ خاص طور بينظير صاحبه جي شهادت کانپوءِ شهيدن جا واسطا ڏئي سنڌين کي ڦريو لٽيو آهي. شهيدن جا حوالا واسطا ڏئي پ پ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي. سنڌي ماڻهن 2008ع کانپوءِ شهيدن جي رت سان وفا ڪندي پ پ کي مسلسل ٽي ڀيرا ووٽ ڪيو. پر ان هوندي به غريب ماڻهن کان زوريءَ روٽي به کسي وئي . مالدار ۽ ڀوتارن جي ساٿاري ٿي غريب تي ڳاٽي ٽوڙ ٽئڪس مڙهي ۽ انهن جا پئسا دبئي ۽ سوئس بئنڪن ۾ منتقل ڪيا ويا ڪندي. شهيد بينظير کانپواءِ ايئن لڳو ڄڻ پ پ ڪڏهن به عوام جي همدردر ۽ هڏڏوکي نه هئي ۽ نه ڪڏهن ٿيندي. پ پ جيڪي عوام سان ويل ڪيا اهي سڄي سنڌ جو ٻار ٻچو ڄاڻي ٿو.
پ پ جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي آهي يا پ پ جي ڪارڪردگي ۽ حڪمراني جو جيڪو عڪس آهي اهو ڪجھه هن ريت نظر اچي ٿو. ڪراچي کان ڪوهستان تائين سنڌي ماڻهن جون زمينون ملڪ رياض کي بحريا ٽائون اڏڻ لاءِ ڏئي ڇڏيون . فيڪ اڪائونٽسس وسيلي سنڌ جي دولت دبئي ۽ سوئس بئنڪن ۾ منتقل ڪندي رهي ، جنهن جا ڪيس نيب ۾ هلندڙ آهن. سنڌ جي سيٽن تي پنجاب جا رهواسي سينيٽ ميمبر مقرر ڪرايا ويا. ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائي ڏنا ويا ۽ پنهنجن کي ديوار سان لڳايو ويو. افغانين کي سنڌ جي شهريت ڏني وئي، سرڪاري نوڪريون پئسن تي کپايون ويون ۽ ڪجھه ڀوتارن ۽ جاگيردارن جي اولاد کي ڏنيون ويون. سنڌ جا اسڪول اوطاقن ۽ واڙن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. اسپتالون جيڪي شفاخانو هونديون آهن اهي مرده خانن ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. مريض ايمبولينس بدران گڏهه گاڏن تي اسپتال پهچن ٿا. سنڌين کي پاڻي گٽرن جو پياريو وڃي ٿو. سنڌ جا فصل ماڪڙ کائي تباهه ڪري ڇڏيا پ پ حڪومت ويگو گاڏيون ورتيون آهن ۽ انهن تي ماڪڙ ماريندا. پوليس کي خانگي نوڪر بڻايو ويو آهي، ٻڌڇوڙ جو ڪاروبار هلايو وڃي ٿو. هر ڏينهن گلڙن جھڙن ٻارن جو ريپ ٿئي ٿو. نياڻين جون عصمتون لٽجن پيون، وڏيرا، ڀوتار انهن جا جرڳا ڪري عزتن جا سودا ڪن ٿا. جوئا جا اڏا سرعام هلن ٿا ۽ انهن اڏن مان ڀوتارن کي منٿليون ملن ٿيون. امن امان نالي ڪا شيءِ سنڌ ۾ ڪانه آهي، چوريون، ڌاڙا، ڦرون ۽ قتل معمول بڻيل آهن، نه جان محفوظ نه مال، نه عزت! ان کان وڌيڪ ڪهڙي بهترين پ پ جي حڪمراني ٿي سگھي ٿي؟!
ٻيا مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي پ پ غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن جو پاڻي چوري ڪرائي جيالن جون ٻنيون آباد پئي ڪرائي. دادو جو تعلقو جوهي گذريل 15 سالن کان سراپا احتجاج بڻيل آهي پر جوهي کي هيل تائين حڪمران ڌر پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ڏئي سگھي آهي. بدين ۽ ٺٽي سان به ساڳي ويڌن آهي، اهي پاڻيءَ لا ٻاڪاري رهيا آهن پر انهن کي پاڻي نه ملي سگھيو آهي. باقي سنڌ سان به ساڳي وارتا آهي. جوهي گذريل 15 سالن ۾ بنجر ٿيندي ڏٺو آهي ۽ اها جوهي کي شهيدن سان وفا ڪندي پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏني وئي آهي. جوهي پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪي پئي.
جوهي گذريل 15 سالن کان پاڻي پاڻي ڪري رهي آهي پر ظالم حڪمران جوهي جو پاڻي روڪيون ويٺا آهن. گذريل 15 سالن جون اخبارون کڻي ڏسو جوهي کي نه پيئڻ جو پاڻي ٿو ملي نه زرعي پاڻي ٿو ڏنو وڃي. جوهي ڪاڇي جي ڪنڌيءَ تي ننڍڙو پر سرسبز شاداب شهر هو. پر جوهي جو پاڻي بند ڪري جوهي کي بنجر بڻايو ويو آهي. شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي. جوهي جا ماڻهو پاڻي لاءِ دانهون ڪوڪون ڪندي ٿڪا آهن پر ڪٿان به جوهي جي داد رسي نه ٿي آهي. داد رسي نه ٿيڻ جو اهم ڪارڻ اهو آهي ته حڪمران ڌر ۽ مخالف ڌر جا ڀوتار جوهي جا پاڻي چور آهن. جوهي جا ماڻهو جڏهن احتجاجي هڙتالون ڪري ڀوتارن جي زمين تنگ ڪندا آهن ته ڪجھه وقت لاءِ ٿورو ٿڪو پاڻي شاخن ۾ ايندو آهي پر جيئن ئي احتجاج بند ٿيندا آهن ته وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه، يعني وري پاڻي بند ڪيو ويندو آهي. جوهي ۾ ڪاهيل فصل جا سلا سڪي ويندا آهن. وري جوهي جا هاري ناري روڊن تي، اها ڪار سالن کان جوهي وارن سان هلندي اچي، هاڻي به جوهي جي پاڻيءَ لاءِ احتجاج هلندڙ آهي، جوهي جي پاڻيءَ جو مسئلو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستان به اٿاريو آهي پر اڃان ڪو کڙتيل ناهي نڪتو.
جوهي واسي ٻارين ٻچين، مرد توڙي عورتون پاڻيءَ ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جون اڀ ڏاريندڙ صدائون هڻي هڻي ٿڪجي چڪا آهن پر نه چونڊيل نمائندا ڳوليا ٿا لڀن نه جوهي کي پاڻي ٿو ملي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جوهي کي آخر پاڻي ڇو نٿو ملي؟ ان سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ مون ڪافي ماڻهن کان انٽرويوز ورتا، تحقيق، ريسرچ پڻ ڪئي ۽ سرزمين جي حالتن کي ڏٺو، جيڪي حالتون ۽ حقيقتون سامهون آيون آهن اهي ڪجھه هن ريت آهن.
جوهي تعلقي کي دادو ڪئنال مان پاڻي جوهي بئراج وسيلي ملندو آهي، دادو ڪئنال ۾ پاڻي تمام گھڻو نه پر پورو سارو وهي پيو، دادو جي ٻين علائقن ۾ ٿورو گھڻو پاڻي موجود آهي پر جوهي ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ناهي. گذريل 15 سالن کان جوهي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي.
جوهي جو پاڻي بااثر ڀوتار، جتوئي، جمالي، جوڻيجا، لغاري، آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجن ٻنين، زرعي فارمن تي ڪاهي وڃن ٿا، رهيل پاڻي پنهنجي سهولتڪارن ۽ واٺن کي ڏين ٿا.
جوهي بئراج جي منڍ وارن علائقن ۽ ڦلجي وليج بهاولپور ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڀوتارن جي مدد سان پابندي پيل فصل جھڙوڪ ساريون پوکيون وڃن ٿيون، اهي فصل تمام گھڻو پاڻي پي وڃن ٿا ۽ پڇڙي جي ماڻهن کي پاڻي نٿو ملي.
جوهي بئراج جي سالن کان کاٽي نه ڪرائي وئي آهي، نتيجي ۾ جوهي بئراج ۾ گھربل مقدار جيترو پاڻي نٿو اچي. بئراج ۽ شاخن جا مانڊول ڀڳل آهن، جيڪا پاڻيءَ جي لپ اچي ٿي اها منڍ وارا زميندار ۽ جاگيردار پيو ٿا وڃن. جوهي بئراج مان وڏين مشينن ۽ ٽريڪٽرن ذريعي پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو، شاخن کي وڏا بند ٻڌي بااثر جاگيردار پاڻي چوري ڪن ٿا. اڳوڻي پاڻي ۽ بجلي جي وزير جوهي بئراج مان 2 شاخون ڪڪڙ ۾ ڪڍرايون آهن، رهيل پاڻي اهي شاخون کڻي ٿيون وڃن.
مطلب ته دادو ڪئنال مان ته جوهي بئراج لاءِ ٿورو گھڻو پاڻي ملي ٿو پر منڍ جا بااثر ڀوتار جاگيردار جوهي جو پاڻي چوري ڪري ٿا وڃن. ان چوريءَ ۾ حڪمران ۽ مخالف پارٽين جا ڀوتار ڀاڱي ڀائيوار آهن. حڪمران ڌر جي ذميواري اڃان گھڻي آهي جو هو هيل تائين جوهي کي پاڻي نه ڏئي سگھيا آهن. جوهي جو عوام گذريل ڪيترن ئي سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندو پيو اچي پر پ پ جوهي کي بک ۽ ڏڪر کان سواءِ ڪجھه به ناهي ڏئي سگھي.
15 سال پهرين جوهي جو ڪو به ٻنيءَ جو ٽڪرو غيرآباد نه هوندو هو. چؤطرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي، باغ بهاري پکين جون مٺڙيون لاتيون ختم ئي نه ٿينديون هيون. ڪارڙا ۽ ڀورڙا تتر، پاريهر، ڪبوتر، طوطا، ڳيرا، جھرڪيون، ڪانو ۽ ڪٻرين جا ولر هوندا هئا اڄ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري اهي جيوت ڳوليا نٿا لڀن. مينهن، ڳئن، ٻڪرين، رڍن ۽ اٺن جا ڌڻ هوندا هئا اهي به پاڻيءَ جي کوٽ ڪري تمام ٿوري انگ ۾ وڃي بچيا آهن. ڪيئي مارو ماڻهو پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري پنهنجن ابن ڏاڏن جا اجھا ڇڏي ٻين علائقن ڏانهن هليا ويا آهن. جوهي نسوري سڃ ٿي وئي آهي. پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري جوهي جي ٻنين ۾ واري پئي اڏامي. جوهي بنجر بڻجي وئي آهي. سڄو ماحول برباد ڪيو ويو آهي. جوهي جي رڃ تي سڄو ماحول ڄڻ ته سوڳوار آهي. ان سڄي بربادي ۽ تباهي ۾ ٻيو ڪنهن جو نه پر جوهي دادو جي چونڊيل نمائندن جو ئي هٿ آهي. جوهي جي سادڙن سٻاجھڙن ماڻهن شهيدن جي خون سان وفا ڪندي پ پ کي ووٽ ڪيو پر موٽ ۾ جوهي پنهنجو وجود وڃائي ويٺي آهي. جوهي کي اها شهيدن سان وفا ڪرڻ جي سزا ڏني وئي آهي پر هاڻي جوهي سجاڳ ٿي آهي، جوهي جي ننڍي وڏي مرد توڙي ٻار جي هڪ ئي صدا آهي ته جوهي کي پاڻي، جوهي کي جيئڻ ڏيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *