تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

شاگرد يونين وقت جي ضرورت

شاگرد يونين جو مقصد يونيورسٽين/ڪئمپسز ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن طرفان چونڊيل باڊي جيڪا شاگردن جي نمائندگي ۽ رھنمائي ڪري ۽ شاگردن جي گڏيل اجتماعي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجھد ڪري،شاگردن طرفان چونڊيل شاگردن جي باڊي مان ھڪ شاگرد(اميدوار) کي يونيورسٽي/ڪئمپس/ڪاليج جي سئنڊيڪيٽ ۾ پڻ شامل ڪيو ويندو آھي.
جڏھن شاگردن جو نمائندو سئنڊيڪيٽ ۾ ويھي ٿو ته اتي ٿيندر ھر فيصلي ۾ ان شاگردن جي نمائندي جو متفق ٿيڻ ضروري ھوندو آھي.
سئنڊيڪيٽ اداري طرفان چونڊيل باڊي ھوندي آھي جنھن ۾ اداري متعلق اھم فيصلا ڪيا ويندا آھن.
يونين جي بحال نه ھجڻ ڪري شاگردن جي نه نمائندگي آھي نه رھنمائي ھر غلط پاليسي انتظاميا طرفان شاگردن تي مڙھي وڃي ٿي.
9 فيبروري 1984ع ۾ سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾  شاگرد يونين تي پابندي جنرل ضياءَ طرفان ھنئي وئي ھئي جڏھن ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين تي پابندي جو سلسلو 1979ع کان شروع ٿي چڪو ھو. جنھن جا ٻڌايل سبب رياست پاران ئي پيدا ڪيا ويا هئا، هٿياربند شاگرد گروھه يونيورسٽين ۾ رياست جي سرپرستي ۾ ٺهيا، اسلامي جميعت طلبا کي استعمال ڪندي کاٻي ڌر جي شاگرد اڳواڻن مٿان حملا ڪيا ويا. 
شاگرد يونين تان پابندي پيپلز پارٽي جي وزيراعظم بينظير ڀٽو   1989ع ۾ ختم ڪئي ھئي پر پابندي ھٽائڻ واري فيصلي کي 1990ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ۽ ان فيصلي خلاف پٽيشن درج ڪرائي وئي ھئي ان پٽيشن جي آڌار تي شاگرد يونين تي سپريم ڪورٽ پاران پھرئين جولاء 1992ع تي پابندي ھنئي وئي پر وري ڪجھه غور ويچار بعد 1993ع ۾ سپريم ڪورٽ شاگرد يونين کي هيٺين شرطن تي بحال ڪيو :
انھن مان ٻه خاص پابنديون ھيٺ ڏجن ٿيون:
شاگردن جي سئنڊيڪيٽ مان نمائندي ختم ڪئي وڃي.
يونيورسٽين ۾ شاگردن جي سياسي سرگرمين تي پابندي ھجي.
شاگردن کي يونيورسٽي ۾ داخلا ڏيڻ کان اڳ انھن کان ھڪ قسم نامون صحيح ڪرايو وڃي جنھن ۾ لکيل ھجي ته ھو سياسي طور ڪنھن به جماعت سان نه وابستگي رکندو نه ڪنھن قسم جي سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺندو  ان قسم نامي جي خلاف ورزي تي شاگرد کي يونيورسٽي مان بيدخل ڪيو وڃي.
شاگرد يونين جو بنيادي مقصد ئي سئنڊيڪيٽ ۽ پوليٽڪس آھي ان کانسواءِ  يونين ڪھڙي ڪم جي ؟
مطلب پوءِ ايئن سمجھجي ته يونين اڄ به بحال آھي پر يونين کي مڪمل ناڪارا ڪري ڇڏيو ويو ان يونين جو ڪھڙو فائدو؟
شاگرد يونين تان پابندي ھٽائڻ لاءِ مختلف وقتن تي حڪمرانن طرفان رڳو دلاسا مليا آھن جيئن 2008 ع ۾ يوسف رضا گيلاني واعدو ڪيو ته ھو شاگرد يونين تان پابندي ھٽائيندو پر واعدو وفا نه ٿي سگھيو. 2017ع ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ سينيٽ ۾ بل پيش پيش ڪيو ويو جيڪو اڃان تائين پارليامينٽ تائين نه پهچي سگھيو ۽ تازو  2019ع ۾ جڏھن شاگردن يونين جي بحالي لاءِ ھڪ زبردست قسم جي مھم ھلائي جدوجھد ڪئي. ان دٻاءُ ۾ سنڌ گورنمينٽ طرفان پابندي ھٽائڻ جو چيو ويو ھو سنڌ ڪابينا يونين بابت ھڪ ڊرافٽ بل به ٺاھيو جيڪو ڪابينا منظور ڪري سنڌ اسيمبلي موڪليو ھو اڃان تائين ته ان بل جي به خبر ناھي پئجي سگھي.
جڏھن کان شاگرد يونين تي پابندي لڳي تڏھن کان شاگرد مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏيندا ڪندا پيا اچن.
جھڙي طرح ملڪ جون معاشي حالتون ڏينھون ڏينھن بدتر ٿينديون پيون وڃن اھڙي ئي طريقي سان شاگردن جون مشڪلاتون ڏينھون ڏينھن وڌنديون پيون وڃن ملڪ جي خساري جو بار به تعليمي بجيٽ تي ڪيرايو وڃي ٿو جيڪا وڌڻ بدران ھر سال گھٽبي وڃي ۽ ان جو ازالو شاگردن ذريعي پورو ڪيو وڃي ٿو. شاگرد يونين تي پابندي شاگردن جي قانوني ۽ جمھوري حقن تي پابندي آھي جيڪا قانوني طريقي سان ته سڌي سنئين آئين جي ڀڃڪڙي آھي ڇو جو آئين جي آرٽيڪل 17 ۾ اھو واضع لکيل آھي ته “ھر ھڪ شھري کي حق حاصل آھي ته ھو ايسوسيئيشن يا يونين ٺاھي سگھي ٿو.”
مڙهيل پابندي دراصل کاٻي ڌر جي نظرياتي سياست تي آهي باقي مذهبي جماعتون پنهنجو ڪم پهرين کان به وڌيڪ اثرائتي نموني ڪري رهيون آهن. حالتن اهو به ثابت ڪيو ته شاگرد سياست تي پابندي جي نتيجي ۾ يونيورسٽين اندر تشدد ۾ وڌيڪ تيزي آئي، شاگرد سياست تي پابندي جي نتيجي ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو جهنگلي ماحول يونيورسٽين اندر پيدا ٿي پيو. 
نتيجو اهو به نڪتو ته پارلياماني سياست ڪجهه خاندانن جي ذاتي ملڪيت بڻجي وئي.
شاگرد يونين تي پابندي ھئڻ ڪري يونيورسٽين ۾ ڪافي مسئلا وڌيا آھن.
اھا دعويٰ ته  شاگرد يونين تي پابندي ان ڪري ھنئي وئي ته جيئن يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار سٺو ٿي سگھي، امن قائم ٿي سگھي ۽ ھر قسم جي انتھاپسندي،دھشتگردي بداخلاقي،ھراسمين,غنڊاگردي، داداگيري کي ختم ڪري سگھجي.ھتي اسان شاگرد ان متعلق سوال ٿا پڇون ته آخر پابندي ھڻڻ کانپوءِ اهي مقصد حاصل ٿي سگهيا ؟ 
ڇا مشال خان جو قتل انتھاپسندي ناھي؟
ڇا نمرتا جو قتل ھراسمينٽ ۽ دھشتگردي جي زمري ۾ نٿو اچي؟
ڇا نائلا رند جي آپگھاٽ باوجود يونورسٽين ۾ امن جي دعويٰ ڪندڙ صحيح آھن؟
ڇا سائرا ٿھيم سان پيش آيل واقعو ھراسمينٽ جي ذمري ۾ نٿو اچي؟
ڇا ھڪ ڇوڪري کي رات جو دير سان ھاسٽل مان سندس سامان سميت روم مان ڌڪي ٻاھر ڪڍڻ بداخلاقي ناھي؟
پنھجي بنيادي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان درج ڪيل ايف آءِ آر ، شاھه لطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران پنھنجي بنيادي حق فارميسي ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس طرفان لٺيون،شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن طرفان بنيادي سھولتن خاطر ڪيل احتجاج تي شاگردن توڙي شاگردياڻين تي  پوليس جو تشددڇا اھا انتظاميا جي ڏاڍ مڙسي نه ھئي جيڪا شاگردن کي سھولتون ڏيڻ بدران کين ھر واري پوليس سان ملي تشدد جو شڪار بڻائيندي هئي
ڇا انتظاميا جو شاگردن سان ناروا رويو شاگردن کي بي وس ۽ لاچار نه پيو ڪري ؟ شاگرد يونين ھن وقت شاگردن جي ضرورت بڻجي چڪي آھي ڇو ته
شاگرد يونين کانسواءِ ڪنھن وڏي جدوجھد جو شاگرد لاڀائتو مقصد حاصل نه ڪري سگھيا آھن.
جيئن ھينئر تازو ئي ڪورونا وبا دوران ھيڪ طرفان آن لائن ڪلاسز جو اعلان ڪيو ويو
شاگردن طرفان آن لائن ڪلاسز خلاف جدوجھد ڏاڍي لاجواب نظر آئي مختلف ننڍن ننڍن شھرن ۾ احتجاج ڪيا ويا، ڌرڻا ھنيا ويا، بک ھڙتالون ڪيون ويون پر ان سڄي جدوجھد باوجود به شاگردن کي نه ھيڪ نه سنڌ گورنمينٽ نه ئي انتظاميا طرفان ڪو رليف ڏنو ويو.سڀني يونيورسٽين جي انتظاميا اھو ئي ڪيو جيڪو مٿان کين حڪم مليو هو.
۽ ان کانپوءِ وري شاگرد فيس خلاف ويٺل آھن احتجاج پيا ڪن ته فيس معاف ڪئي وڃي جڏھن يونيورسٽي ويا ئي ناھيون ته فيس ڇا جي، پر ان باوجود به مڪمل فيس معاف لاءِ ڪو به نوٽيفڪيشن ناھي نڪتو. ڪجھه يونيورسٽين شاگردن کي ٿورو رليف ڏنو آھي غير ضروري فيس ختم ڪري پر ڪجھه يونيورسٽين ۾ اڃان به انتظاميا پنھنجي ڏاڍمڙسي تي بيٺي آھي ۽ مڪمل فيس اوڳاڙي رھيون آھن جڏھن ته ھيڪ جي چيئرمين چيو آھي ته يونيورسٽيون غير ضروري فيون گھٽائين!
آن لائن تعليمي سسٽم ۽ فيسن خلاف شاگرد ته ڪافي گڏ ٿيا زبردست جدوجھد به ھلي پر ان جدوجھد جو مقصد حاصل نه ٿي سگھيو اھو سلو نه مليو جيڪو سڀ شاگرد گھري رھيا ھئا.
اھي واقعا نظرياتي شعور رکندڙ ۽ شاگرد دوست شاگردن لاءِ ڏاڍا قيمتي ھوندا آھن جيڪي ھر وقت شاگردن جي حقن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل ھوندا آھن ھو. انهن واقعن ذريعي ٻين شاگردن کي به پاڻ سان گڏ جدوجھد ۾ شامل ڪري وٺندا آھن پر جڏھن نتيجا نٿا ملن ته ھڪ نظرياتي شاگرد لاءِ ته ايڏو وڏو مسئلو نه ھوندو آھي پر جيڪي عام شاگرد جيڪي نوان جدوجھد ۾ شامل ٿا ٿين ۽ يقين ٿا رکن ته جدوجهد ۾ نتيجا ملندا اھي مايوس ٿيو وڃن ۽ پوءِ آھستي آھستي ھو شاگرد جدوجھد کان ئي پاسيرا ٿي ٿا وڃن.
ان مايوسي جو انت ۽ ھڪ ڪامياب ۽ نتيجا ڏيندڙ جدوجھد تڏھن حاصل ٿيندي جڏھن شاگرد يونين بحال ٿيندي شاگرد يونين جي بحالي ئي شاگردن جي مسئلن جو حل آھي ان لاءِ ھر شاگرد ان مسئلي کي پنھنجو سمجھي ان لاءِ جدوجھد ڪري.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *