تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سڪون ڪٿي آهي!؟

سڪون جي حاصلات جو خواب انسان جي اها اڃ رهيو آهي جيڪا ازل کان سندس نڙيءَ کي خشڪ رکيو آئي آهي ۽ شايد تا ابد اها اڃ اجهامي نه سگهي سڪون جي حسين ڪائنات جا دروازا تمام گهٽ ئي ڪنهن لاءِ کلي سگهندا آهن.
”سڪون” هر دل جي ضرورت آهي، هر دماغ جي گهرج آهي، ڏٺو وڃي ته ماڻهو سڪون ماڻڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري دينداريءَ کان وٺي دنياداريءَ تائين سڀڪجهه آزمائي قلبي سڪون لاءِ ڪوشان رهي ٿو، مگر مڙني ڳولائن جي باوجود صورتحال في الحال هن شعر واري وڃي بيٺي آهي ته:
“جسي موت آئي سڪون مل گيا”
ته ڇا موت واقعي سڪون جو مسڪن آهي!؟ ان جي جواب ۾ مذهب اسان آڏو اهو واضع ڪري ٿو ته موت به فقط انهن لاءِ ئي سڪون جو باعث بڻجي سگهي ٿو، جن پرهيزگاريءَ، نيڪي ۽ خدا جي عبادت واري واٽ ورتي، باقي ماڻهن لاءِ ته موت باعث سڪون نه پر هڪ مسلسل اذيت جو نالو آهي.“اب تو گهبرا ڪي يه ڪهتي هين ڪه مرجائين گي
مر ڪه ڀي چين نه آيا تو ڪدهر جائين گي ”
سو جڏهن ماڻهو پنهنجي انا کي تسڪين پهچائي به سڪون ماڻي نه ٿو سگهي ۽ بي سڪون، مضطرب ۽ انتشار جو شڪار رهي ٿو ته پوءِ سڪون ڇا ۾ آهي، ته ڇا ڀلا پوءِ دولت سڪون جو سرٽيفڪيٽ بڻجي سگهي ٿي!؟
ليوٽالسٽاءِ جي هڪ ڪهاڻي آهي “How much land does a man need” ”هڪ ماڻهو کي ڪيتري زمين گهرجي“ ان ڪهاڻيءَ ۾ پاهم نالي هڪ هاري هو، جنهن وٽ تمام ٿوري زمين هئي پوءِ هن تي امير بڻجڻ جو ڀوت سوار ٿيو ۽ هو امير بڻجڻ لاءِ وڌيڪ اڃان به وڌيڪ زمين خريد ڪرڻ لڳو ۽ ايئن اڃان به وڌيڪ زمين جي چڪر ۾ باشڪرن جي ملڪ هليو ويو. جتي زمين مفت ملندي هئي پر ان لاءِ شرط اهو هو ته هن کي صبح کان هلي ڪري سج لهڻ کان اڳ ئي ان جاءِ تي واپس پهچڻو پوندو جتان هو هليو هو ۽ ايئن ان چڪر لڳائڻ ۾ هو جيتري زمين ڪور ڪري ويو سا سندس ملڪيت هوندي ۽ پاهم لالچ ۾ ايترو ته اڳتي هليو ويو جو واپس موٽندي موٽندي هن کي سج لهي چڪو هو ۽ مقرر ڪيل جڳهه تي پهچي هو بي ساهو ٿي ڪري پيو ۽ مري ويو. پوءِ کيس اتي ئي کڏ کوٽي پوريو ويو ۽ ايئن کيس رڳو ڇهه فوٽ زمين نصيب ٿي.“
ايئن جڏهن دولت به انسان کي سڪون جو سامان مهيا ڪري ڏيڻ بدران ويتر وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ بي سڪون بڻائي ڇڏي ٿي ۽ ننڊ آرام ڦٽائي ٽرنڪولائزر جو عادي بڻائي ڇڏي ٿي ته پوءِ اسان ان ڳالهه کي ڪيئن حقيقت تسليم ڪريون ته دولت ئي سڪون جي مستند سند آهي!؟
ته ڇا پوءِ غريبي ۾ سڪون آهي!؟ ڇو ته غريب بغير ٽرنڪولائيزر کائڻ جي ڊگهي ننڊ ڪري ٿو، مگر مهانگائي، بيروزگاري، عدم تحفظ ته هن کي به سڪون جو ساهه کڻڻ ڪونه ٿا ڏين، ته پوءِ سڪون آخر آهي ڪٿي!؟
ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته “انسان پنهنجي زندگيءَ جا اڌ غم حاصل ڪري بي سڪوني رڳو ٻين مان اميدون وابسته ڪرڻ ڪري خريد ڪري ٿو.” جڏهن ته اها چوڻي به عام آهي ته “هيءَ دنيا اميدن تي قائم آهي” مگر اتي وري هو بهتري جي اميد رکي ويهي ٿو ته تڏهن هو پاڻ کي بدتر لاءِ ذهني طور تيار ڪري ئي ڪونه ٿو، بلڪه ويتر دل کي سبز باغ ڏيکاري اهڙو ته حقيقت کان بي نياز بڻجي وڃي ٿو، جو جڏهن بهتر جي بجاءِ بدتر موٽ مليس ٿي تڏهن ان جي سٽ سهي ڪونه ٿو سگهي ۽ ايئن سڪون سندس حياتيءَ مان واريءَ جيان وهندو وڃي ٿو.
پوءِ آخر سڪون آهي ڪٿي!؟
انسان سڪون لاءِ صدين کان ڀٽڪي رهيو آهي، ڪڏهن دينداراڻي عبادتن ۾ سڪون تلاش ڪيو اٿس، ڪڏهن بي دين ٿي مٿي ماري ڪئي اٿس، ڪڏهن سياستدان ٿي سڪون کي ڳوليو اٿس ڪڏهن ڪو تخليقڪار بڻجي سڪون لاءِ سرگردان رهيو آهي، ڪڏهن تصوف جي آڱر پڪڙي اٿس، ڪڏهن دنيا جي گوڙ گهمسان، ماڻهن جي ميڙ ۾ سڪون ماڻڻ چاهيو اٿس، ڪڏهن دنيا تياڳي رڻ جو راهي ٿيو آهي، ڪڏهن نشي ۾ غلطان ٿي سڪون کي جاچيو اٿس مگر سڪون نالي جل پريءَ جا جلوه سندس آڏو اچڻ بجاءِ سندس پهچ کان پري رهندا آيا آهن.
مشهور مصنفه اجيت ڪور جي هڪ نظم جو عنوان آهي ته “درد ئي سڀ کان وڏو سچ آهي” ته ڇا پوءِ سڪون هڪ وڏو سچ ناهي. جيڪڏهن آهي ته پوءِ ڪٿي آهي!؟
سعادت حسن منٽو کي جڏهن سڪون تلاش ڪرڻ جو خيال آيو ته هن هڪ ڪردار تخليق ڪيو جيڪو سڪون جي تلاش ۾ نڪتو. هڪ باغ ۾ سڪون مليس، مگر اتان ان ڪري نيڪالي مليس جو دروازي ٻاهران “بغير اجازت اندر اچڻ منع آهي” جو بورڊ لڳل هو، پوءِ هو فطرت جا حسين شاهڪار تصويرن جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ هڪ آرٽ گيلري ۾ وڃي ٿو، مگر اتي به بغير اجازت وارو بورڊ کيس تڙي ڪڍي ٿو ۽ ايئن هو گهر ڏانهن سڪون جو ساهه کڻڻ لاءِ جڏهن وڃي ٿو ته هو نوڪر کان اندر اچڻ جي اجازت گهري ٿو ۽ نوڪر جي حيرانگيءَ جي جواب ۾ وراڻيس ٿو ته هي گهر منهنجو ناهي ڇو ته هي مون کي سڪون پهچائي ٿو ۽ هر اها شي جيڪا مون کي سڪون پهچائي ٿي اها منهنجي ناهي ان تي “بغير اجازت” جو بورڊ لڳل آهي. البته گهر جون غلاظتون منهنجون آهن، هن ماحول جي گندگي منهنجي آهي ۽ هر اها شئي منهنجي آهي جنهن کان مون کي ڪوفت ٿئي ٿي. باقي هر اها شيءَ جيڪا مون کي سڪون ڏئي ٿي سا منهنجي ناهي.
ته ڇا واقعي ايئن ئي آهي. هر سڪون ڏيندڙ شيءَ اسان لاءِ ممنوع آهي!؟ هر پرسڪون جڳهه اسان لاءِ علائقا غير آهي. مٿس “بغير اجازت” جو بورڊ لڳل آهي..!؟ انسان هاڻ روح جي گهراين تائين ٿڪجي پيو آهي، هو هاڻي اداسين کي الوداع چئي سڪون جا سرها ساهه کڻڻ چاهي ٿو.
“دل ڍونڊتا هي پهر وهي فرصت ڪي رات دن
بيٺي رهين تصور جانان ڪئي هو”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *