تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي!

سَچ پچ هن صديءَ جون ڪمپيوٽر، موبائل ۽ انٽرنيٽ ڪرامتي ايجادون آهن. مان ماسي مراد ماءُ جي هٿن جي ٺهيل ڪاون واري چلڪندڙ ڳاڙهي ٽوپي، مٿي تان لاهي، هٿ ۾ جهلي، انهن شين جي ٺاهيندڙن کي سليوٽ ڪيان ٿو، ڇو ته پاڻ ۽ پنهنجي بزرگن ڇڙو ڀت کي گهوڙو بڻائي، هلائي، ڪم نه ڪار جو معجزو ڪيو آهي.
پاڻ وٽ پراڻي ناس جي دٻليءَ جيتري موبائل آهي، ضرورت آهر استعمال ڪندو آهيان. ڪنهن سان ٻه منٽ ڳالهايو، ڪنهن ٽي منٽ ڳالهايو. جان ڇُٽي. وقتي پيغام موڪليو، ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندا. موبائل واري ڪئلينڊر ۾ پهرين تاريخ ڏسي، آٽو ٽيلر مشين مان پگهار ڪڍائي، سودو سُود وٺي، اوڌر لاهي، گهر اچو، نه تو ڏٺي، نه مون ڏٺي. ڪيلڪيوليٽر استعمال ئي نه ڪيون، جو ليکا ڪيون ئي نه. ڪا گهڙي واند ٿئي ته گاڏين واري راند کيڏي دل وندرايون. هن مهل ڇهه سؤ اسڪور بيٺو آهي، اڳتي الله ڀلي ڪندو. هفتي سوا پنهنجي پٽ جي موبائل کڻي. ڪمپيوٽر ۾ لڳائي، بند ڪمري ۾ انٽرنيٽ هلائي ٻه اڍائي ڪلاڪ ويهي، دل وندرائبي آهي. وڏو جهان آهي. سمنڊ به ننڍڙو آهي. ڪمال آهي، فيس بڪ جي ويجهو ئي نه وڃون. رڳو فوٽو رکيل.
اِي – ميل باڪس ۾ دنيا جي مشهور ڪتابن جي ادارن پينگوئن ۽ پيڪاڊار جا آيل نيوز ليٽر پڙهبا آهن. انهن ۾ نون آيل ڪتابن جو تفصيل هوندو آهي. دنيا جي نوبل انعام يافته ۽ مشهور ليکڪن جون خبرون چارون هونديون آهن. جي ايم ڪوئزي نئون ناول لکڻ ۾ رڌل آهي. پولش شاعر تاديوش روزي وچ ۾ پنهنجن نظمن کي سهيڙي رهيو آهي. ليکڪه ٽوني موريسن گذاري وئي، ڪڏهن نه اهڙي خبر پڙهيم ته ٽالسٽائي جي ورسي ملهائي وئي يا پال ٿئيرو پنهنجي سالگرهه ملهائي، اسان وٽ رڳو واويلا. موئن جي دڙي جي ماڻهوءَ جي ورسي گهر ڀاتين خاموشيءَ سان ڪئي. ثقافت کاتي سار نه لڌي. شهر ۾ سوين شاعر ۽ ليکڪ رهن ٿا، سڀئي روزگار وارا آهن، لک لک پگهار اٿن، پنج پنج سؤ ڪڍڻ هنن لاءِ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، سڀ ڪُٽي کائڻ وارا مجنون. دنيا ۾ ليکڪن کي مڃتا سندن ڪتابن جي ڪري ملندي آهي. هر سال سندن ڪتابن جا نوان ڇاپا ڇپبا آهن. ورسيون ۽ سالگراهون نمائش آهن. وليم شيڪسپيئر جي ناٽڪن تي ايڏا ڪتاب لکيا ويا آهن، جو سڌا قطار ۾ رکيا وڃن ته هڪ ميل جي پکيڙ ۾ اچي ويندا. بائيبل کان پوءِ جاسوسي ناول نويس اگاٿا ڪرسٽيءَ جا ناول پڙهيا ويا آهن. انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندي هئي ۽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو ساڻس رات جي ماني کائيندي هئي. جاسوسي ناولسٽ هيرالڊ رابنس جا ناول آمريڪن صدر ڪينيڊي وهاڻي هيٺان رکندو هو. پڙهندو هو، هن کي پاڻ وٽ گهرائي، گڏجي چانهه جي ڪوپ تي ڪچهري ڪندو هو.
ڪنهن ليکڪ جو ڪتاب ڇپبو آهي. مهورت نه ٿيندي آهي. هال ۾ پروقار تقريب ٿيندي آهي. ڪتاب تي سٺي نموني علمي ڳالهايو ويندو آهي. شانائتي نموني سوال جواب ٿيندا آهن. پڇاڙيءَ ۾ پڙهندڙ خريد ڪيل ڪتاب تي ليکڪ کان آٽو گراف وٺي خوشيءَ ۾ ويڙهجي ويندا آهن. اسان وٽ الائي ڇاهي! ڪاڏي ٿر، ڪاڏي سکر، اتان توڏو اُٺ خالي دِلو کڻي اچي ٿو. ان ۾ به سوراخ. ڪيئن ڀرجي؟ لاڙڪاڻي جو اديب ڪتاب جو پڙ خيرپور کڻي اچي ٿو. مهورت ويل ٽي چار شاعر، اسٽيج تي، ڪتاب کي قرباني جي ٻڪر وانگر جهلي فوٽو ڪڍائن ٿا. شاعر پنهنجو ڪتاب ٻئي کي ڏيندي ايئن ٿو فوٽو ڪڍائي، جيئن ڪانووڪيشن ۾ گورنر، يونيورسٽي جي شاگرن ۾ ڊگريون ورهائيندي ڪڍائيندو آهي.
سينيمائن جو عروج هو، فلم به عاليشان ٺهندا هيا. فلم ۾ سالگره جو منظر ڏيکاريو ويندو هو. هيرو جي گهر دعوت ۾ ٻاهران مهمان تحفا کڻي ايندا هيا. هيرو مٺي مرڪ سان سندن آڌرڀاءُ ڪندو هو. پل پڄاڻان فلم “آنسو” جي اهڙي منظر ۾ اداڪاره فردوس پيانو اڳيان رکيل اسٽول تي ويهندي هئي. موسيقار نذير علي جي سهيڙيل روح کي راحت ڏيندڙ موسيقيءَ ۾ مهدي حسن جو ڳايل گانو، هيرو سٺي ادڪاري ڪندي ڳائيندو هو، “جانِ جان تُو جو ڪهي، گائون مين گيت نئي، اور ڦر چاهيي ڪيا، سامني تو جو رهي.” سينيما فلم ڏسندڙ پاڻ کي پروقار سالگره جي محفل ۾ ويٺل ڀائيندو هو. وڏي خوشي حاصل ڪندو هو.
اسان جي تر جا ٻه ٽي شاعر سالگره، ملهائڻ جا وڏا شوقين، وس پڄين ته ڪنهن نجوميءَ کان مرڻ جي تاريخ پُڇي، ورسي به ڪرائين. ڏهن سالن کان شهر جي ڪا سِٽ نه لکي سگهيا آهن. هر سال سالگره جو ٻين جي ڪلهن تي بار رکي، خيراتي ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ پوپريءَ وانگر پينگهه ۾ لڏندي، ڪلاڪ سوا دير ڪري، هال ۾ پُڄندا آهن. اسٽيج تي ويهندا. هنن سان گڏ گذريل پنجن سالن کان ساڳيا ويهندڙ صدر ۽ مهمان، مائيڪل ائنجلو جا مجسما بڻجي ويٺل هوندا آهن. چپن تي نه ڪا مرڪ، نه ئي منهن ۾ ڪا خوشي، ڄڻ فوتگيءَ جي تڏي تي ويٺل آهن. ڪيڪ ڪٽي، اسٽيج تي ويٺل ئي کائيندا. هال ۾ ويٺل هنن جي چپن تي لڳل ملائي ڏسي پنهنجا خالي سکڻا چپ چٽيندا. ان کان پوءِ هنن جي ويجهو رهندڙ تڪ بند شاعر درٻارين وانگر ڪورنش بجا آڻي، گذريل تقريرن جو ورجاءَ ڪري کين، مهان شاعر بڻائيندا. لاهوتيءَ جي شربت وانگر ساڳئي ڪئسٽ پئي ڦرندي.
رات جو دير سان سالگره جي پڄاڻي ٿيندي، شاعر کي تاج پهرائيندڙ، سندن گهڻگهرا، کين گهٽ وڌ ڳالهائيندا، پنهنجي اندر جو اوڳر ڪڍندا ويندا. سکڻِي ڪُنيءَ جو اهو ئي حال هوندو آهي. فرئنچ جڳ مشهور ليکڪ زان پال سارتر کان انٽرويوئر سوال پڇيو، “سائين! اوهان نوبل انعام ڇو نه ورتو؟” وراڻيائين: “مَن! پنهنجو ڪهڙو ڪم انهن اڪيڊمين ۽ انعام سان، پاڻ لاءِ سڀ کان وڏو انعام ۽ اعزاز اهو ئي آهي ته ماڻهو منهنجا ڪتاب پڙهندا آهن.”

Bookmark the permalink.