تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

سکر آءِ بي اي: سِڪي جو ٻيو پاسو به ڏسو!

سکر واري آءِ بي اي يونيورسٽي سموري سنڌ ۾ باقي ٻين يونيورسٽين ۾ سڀ کان مٿي بيٺي آهي.  پنجويهه سال کن اڳ وجود ۾ ايندڙ هي تعليمي ادارو اڄ سنڌ جو اهم ۽ اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي بڻجي چڪو آهي. سالن جي اڻٿڪ محنت جي حاصلات اها آهي جو آءِ بي اي سکر اتر سنڌ جي ڏهن ٻارنهن ضلعن جي ڪروڙ کان مٿي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي معياري اعليٰ تعليم جا خواب پورا ڪري ٿو. آءِ بي اي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو مخفف آهي. بنياد پوڻ وقت هن اداري جو مهارت جو مُک شعبو بزنس ايڊمنسٽريشن ئي هو جنهن جو سادي ٻوليءَ ۾ مفهوم اهو آهي ته سائنسي بنيادن موجب ڪاروبار ڪجي. هوريان هوريان هن اداري ۾ فزيڪل ايجوڪيشن، انجنيئرنگ، ووڪيشنل ٽريننگس ۾ بيوٽيشن جا ڪورس، ٽيلرنگ جا ڪورس، ڪمپيوٽر جا شارٽ ڪورس ۽ الائي ته ڇا ڇا. ان سموري مڪس اچار جي برنيءَ ۾ ڪا خبر نه ٿي پئي ته آءِ بي اي جو مينڊيٽ ڇا رهيو آهي، هنن جي اسپيشلائيزيشن ڪهڙي آهي. انگريزي جي مقولي موجبJack of all master of none  واري ڪار ته نه ٿي آهي.
ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي سربراهه / وي سي جي عهدي جي لاءِ پي ايڇ ڊي لازم قرار ڏنل آهي، ان کان سواءِ انٽرنيشنل معيار جي جرنلس ۾ گھٽ ۾ گھٽ 25 ريسرچ پيپر شايع ٿيل هجن. ڪورٽ سڳوريءَ جي احڪامن موجب 65 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهوءَ کي وي سي نه ٿو مقرر ڪري سگهجي. وي سي سنڌ حڪومت پاران جوڙيل “سرچ ڪاميٽي” جي سفارشن موجب مقرر ڪيو ويندو. ڪوبه وي سي ٻن ڀيرن کان پوءِ ٽيون ڀيرو وي سي نه ٿو ٿي سگهي. آءِ بي اي جو سربراهه نثار صديقي هڪ معتبر نالو آهي. مٿي ڄاڻايل قانونن جي سخت ڀڃڪڙين جي باوجود هُن هڪ عاليشان ادارو جوڙيو آهي. صديقي صاحب هاڻي پيرسني ۾ آهي، ڇا اها ڪارڪردگي سائين جن کان پوءِ به برقرار رهندي؟ ڇا ڪشمور کان حيدرآباد تائين جاگرافيائي پکيڙ ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن کان وٺي نرسري ڪلاسن جي پرائمري تعليم ۽ بيوٽيشن جي ڪورسن جو ڦهلاءُ ايندڙ وقت ۾ اداري  جي ساک جي لاءِ سوال نه پيدا ڪندو؟
انجنيئرنگ يونيورسٽي جا فارغ التحصيل نوجوان گھڻي قدر انجنيئر ٿيندا آهن، بوتيڪ نه کوليندا آهن. ميڊيڪل ڪاليج جا فارغ التحصيل نوجوان ڊاڪٽري شعبو اختيار ڪندا آهن، سيمينٽ بجري جي ٺيڪيداري نه ڪندا آهن، ساڳي ريت فيشن ڊزائن جي شعبي جا ماڻهو فيشن ڊزائننگ جو ڪم ڪندا آهن، اچار جو ڪاروبار نه ڪندا آهن. پر ڇا اها حيرت ۽ کِل جوڳي ڳالهه ناهي ته بزنس ايڊمنسٽريشن جا ماڻهو هر ڪم ڪندا آهن سواءِ پنهنجي لاڳاپيل شعبي جي. اصولي طور ٿيڻ ته ايئن گهرجي نه ته بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊگري وٺي هنن نوجوانن کي ڪاروبار ڪرڻ گھرجي ڇوته هنن ڪامرس جي فيلڊ ۾ چار سال ڪتابي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي، پر ڪمال آهي ته بي بي اي، ۽ ايم بي اي ڪندڙ سؤ سيڪڙو نوجوان نوڪري ڪرڻ چاهيندا آهن. اهو “نوڪري سنڊروم” سنڌي سماج جي ذهن جو بيڪٽريا بڻجي ويو آهي. سنڌ جي پبلڪ يونيورسٽين تي ته ڪائي ميار نٿي ٺهي.ميار به “معيار” ڏسي ڪري ڏبي آهي. پر آءِ بي اي جهڙن ادارن جي “معيار” کي ڏسي ميار ضرور ڏبي. آءِ بي اي اوٻاوڙو، دادو، نوشهرو فيروز، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، خيرپور، ڪنڌ ڪوٽ ۽ حيدرآباد تائين وڃي پهتو آهي. سٺي ڳالهه آهي پر ايڏي وڏي ڦهلاءَ کي سنڀالڻ به ته هڪ وڏو چيلينج آهي، ظاهر آهي معيار ڪِرندو (۽ ڪِري رهيو آهي).
پبلڪ يونيورسٽين جو ته حال آهي ئي نه! پر هي آءِ بي اي وارا ڇا پيا ڪن؟ هر سال سوين هزارين نوجوانن جي هٿن ۾ ڊگريون ڏئي مارڪيٽ ۾ لاهين ٿا ۽ سڀ جا سڀ نوڪري واري لائين ۾! اُهو ئي “نوڪري مينيا.”  يعني حد ٿي وئي ته ايم بي اي ڪواليفائيڊ، مارڪيٽنگ ۾ اسپيشلائيزيشن ڪندڙ ۽ مارڪيٽنگ جي مخصوص ٽيڪنيڪل موضوعن تي ٿيسز لکندڙ نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ڪنهن به هلڪي ڦُلڪي اين جي او ۾ فائنانس اسسٽنٽ يا ايڇ آر اسسٽنٽ جي پتڪڙي نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا پر انٽرپرينئرشپ يا بزنس طرف سوچڻ جو تصور به نٿا ڪن. ان رَويي جو نوي سيڪڙو ذميوار انهن جو تعليمي ادارو آهي. آءِ بي اي ۾ پڙهندڙ نوجوانن جي نصاب ۾ اڪائونٽنگ، اڪانامڪس، مارڪيٽنگ، آرگنائيزيشنل بِهيويئر، بزنس ڪميونيڪيشن، ايڇ آر ۽ ٻيا لاڳاپيل مضمون ٿيوري طور پڙهائجن ٿا پر انهن جي پريڪٽيڪل ائپروچ، انهن جي ادراڪ ۾ ناهي. استادن توڙي شاگردن جي ذهن ۾ صرف سٺن نمبرن سان امتحاني پيپر پاس ڪرڻ مقصد هوندو آهي ۽ بس. 
[email protected]



Bookmark the permalink.

2 Responses to سکر آءِ بي اي: سِڪي جو ٻيو پاسو به ڏسو!

  1. Vijesh Kumar says:

    Agreed with every word of it.

  2. ameermandhro says:

    ڇا اها به حقيقت ناهي ته آءبي اي سکر ڪريل تعليمي معيار جي دور ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪندي نالو پيدا ڪيو آهي .هتان جي ڊگري رکندڙ شاگرد پرائيويت سيڪٽر ۾ هڪ برانڊ وارو تعارف رکن ٿا ۽ انهن کي ڪٿي به شرمندگي جو منهن ڏسٻو نه ٿو پوي ،هن اداري ئي سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ ملڪ اندر پنهنجو نالو ڪمايو آهي .تنقيد سان گڌ انهن رخن کي به ضرور پرکڻ کپي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *