تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سيراڻي کان سنڌ اسيمبلي تائين برساتي ٻوڏ

سيراڻي کان سنڌ اسيمبلي تائين برساتي ٻوڏ سالن جي حڪمراني ، انتظامي نااهلي ۽ ناقص منصوبابندي کي هڪڙي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو آهي،سنڌ جي ٽن ڊويزنن ڪراچي ،حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جو شايد ئي ڪو شهر يا ڳوٺ هجي جيڪو سانوڻي جي هن وهڪري ۾ ٻڏڻ کان بچي ويو هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه موسميات کاتي جي اڳواٽ آگاهين باوجود ٿي ويو آهي،جنهن مطابق موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته سانوڻي جا هيلوڪا مينهن ڪي رواجي مينهن نه هوندا بلڪه اهي معمول کان وڌيڪ هوندا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي،اها اڳڪٿي ڪو هڪ ٻه ڏينهن اڳ نه ڪئي وئي هئي نه ئي اوچتو آگاهي ڏني وئي تنهن هوندي به ڪي اثرائتا اپاءُ نه وٺڻ ڪري اڄ سنڌ جي انهن ٽنهي ڊويزنن جا ماڻهو هڪڙي عذاب مان گذري رهيا آهن.توڙي جو اهي مينهن معمول کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هيا پر جيڪڏهن انتظامي سطح تي انهن اڳڪٿين کي سنجيده وٺي ڪوششون ڪيون وڃن ها ته شايد اهڙي خراب صورتحال نه ٿئي ها.
سانوڻي جي هيلوڪي وسڪارن سڀني انتظامي ناڪامين کي ميڙي هڪ هنڌ ايئن گڏ ڪيو آهي جيئن ڪي برساتي نالا ۽ نيون گند ڪچري کي لوڙهيندي اچي هڪ هنڌ ڦٽو ڪنديون آهن انهن ۾ ڪک به هوندا آهن ته ڪانا به هوندا آهن ته انهن ۾ پٿر به هوندا آهن ته ڪاغذن جا ڍير به هوندا آهن، تيئن ئي هنن وسڪارن انتظامي اهليت کي به گهلي اچي ماڻهن آڏو رکيو آهي ته حڪمرانن جي عوام لاءِ پرواهه کي به وائکو ڪيو آهي ته سالن کان برساتي وهڪرن جي لنگهن تي ٿيندڙ قبضن کي به اگهاڙو ڪيو آهي ته شهرن ۾ نون اڏاوتن جي منصوبا بندي ۾ لاپرواهين کي به نروار ڪيو آهي.سنڌ جي ٽن ڊويزنن ۾ شهري ٻوڏ ڇا رڳو برساتن جي وڌيڪ پوڻ سبب ٿي آهي ؟ يا انهن برساتن ۾ ٿيندڙ تباهين ۾ مٿي ڄاڻايل نالائقين ۽ ناڪامين جو به ڪو هٿ آهي.وڌندڙ آبادي ۽ شهرن ۾ بنا منصوبا بندي جي عمارتن جي اڏاوتن ۽ نيڪال کان وٺي ٻين سهولتن جي اڻاٺ سبب ٿوري برسات ۾ به اهڙي تباهي جو سبب بڻجي وڃي ٿي.ڇا اسان وٽ اڄ تائين شهري رٿابندي تي ڪو عمل ٿيو آهي ڪنهن شهر ۾ جيڪڏهن ڪي اڏاوتون ٿين ٿيون ته ان ۾ انهي ڳالهه جو خيال رکي ويندو آهي ته انهي ۾ نيڪال جو نظام اوتري آبادي جيترو رکيو ويو آهي جيتري آبادي اتي اچي رهندي ؟ ڇا اسان وٽ انهي ڳالهه جو خيال رکيو ويندو آهي ته جيڪا عمارت يا اڏاوت ٿئي پئي ڪٿي اها ڪنهن نالي جي مٿان ته ناهي ،ڪٿي پاڻي جو اهو لنگهه ته ناهي؟ اها سڄي ذميواري انتظاميا کان وٺي اول ۽ آخر حڪمرانن جي ٿئي ٿي.انهي کانسواءِ ڇا اسان جا مڪاني ادارا فعال آهن يا رڳو ڪاغذي ڪارروائي ۾ پورا آهن جيڪي شهرن جا ڊرينيج نظام آهن انهن جي وقت تي مناسب صفائي ٿيندي آهي يا نه؟ وڏا شهر ته شهر هاڻي ته ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن تائين قبضن جي حالت اها وڃي بيٺي آهي جو اتان به پاڻي جي نيڪال جي رستن تي عمارتون ٺهي ويون آهن،مٿان وري انتظامي نااهلي ۽ مڪاني ادارن جي صحيح ڪم نه ڪرڻ جي عادت ۽ روايت رهيل ڪسر پوري ڪري ٿي ڇڏي پوءِ حالت اڄ اسان جي سامهون آهي جو ڪراچي جهڙي ميٽروپوليٽن شهر توڙي سمنڊ جي ڪناري آباد سيراڻي جهڙي ننڍڙي شهر ۾ به برسات سبب ٻوڏ جي ساڳي صورتحال آهي. لڳاتار تباهين کانپوءِ به اسان جا حڪمران اک نه ٿا کولين برسات سبب ويجهي ماضي ۾ شهري ٻوڏ هي ڪو پهريون ڀيرو نه آئي آهي. ان کان اڳ 2011ع ۾ سنڌ ان شهري ٻوڏ کي منهن ڏئي چڪي آهي انهي کانپوءِ به ڪيترن شهرن کي ساڳئي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي پر حڪمران وقتي اعلان ڪرڻ کانپوءِ ان مسئلي جي مستقل حل ڪرڻ واري ڳالهه وساري ويهي رهندا آهن.
برساتي ٻوڏون هڪڙي قدرتي فنا منا آهن پر جيڪڏهن بهتر انتظام ڪاري هجي ته انهي کي سٺي انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي ٿو جيستائين برسات وسندي آهي ته پاڻي روڊن رستن تي بيٺل هوندو آهي پر برسات جي بند ٿيڻ سان اهو پاڻي پنهنجا وهڪرا وٺي رستا صاف ڪري ڇڏيندو آهي اسان وٽ ته مصيبت اها آهي ته ڏينهن جا ڏينهن گذرڻ باوجود به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهندو آهي جنهن جو سبب انهي برساتي وهڪرن جي لنگهن تي قبضا ٿيل آهن يا وري جيڪي نيڪال نظام لاءِ نالا ۽ گٽر ٺهيل آهن انهن جي صفائي نه ٿيڻ آهي .
هن وقت تقريبن اڌ سنڌ تباهي هيٺ آهي،ايمرجنسي جي بنيادن تي ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن مقصد لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ٺاهيون ويون هيون. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت اين ڊي ايم اي ، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي ماڻهن جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي ۽ ماڻهن جي بحالي کانپوءِ جيڪي مٿي مسئلا بيان ڪيا ويا آهن انهن تي سنڌ حڪومت کي ڪا منصوبابندي ڪري انهن مسئلن جو مستقل حل ڳولڻ گهرجي توڙي جو اهي ڪم گهڻي وقت جا گهرجائو آهن پر ڪا منصوبابندي ٿيندي نظر ته اچي جيڪڏهن انهي تي ڪم نه ڪيو ويو ته پوءِ سدائين اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي رهندي ۽ ماڻهو ان جو ذميوار حڪمرانن کي ئي سمجهندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *