تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سياسي پارٽين ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ مايوس نوجوان

سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه  عام جام ڏسڻ لا ملي ٿي. اھڙي ڀڃ ڊاھه تڏھن سياسي ڏاج ھجي ٿي جڏھن اھا نظرياتي ۽ شعوري بنيادن تي ھجي نه ڪي ذاتيات ۽ انائن جي بنياد تي ھجي. ان جو اثر عام ڪارڪن تي ٿئي ٿو جيڪو فقط پارٽي ۽ نظريي جي عشق ۾ ھلي ٿو جيڪو پارٽي جي مرڪزي يا سينٽرل ڪاميٽي کان ٻاھر ھجي ٿو جنھن کي اندروني چالبازين جي خبر ئي ناھي ھوندي. 
ڀڃ ڊاهه فطري ھجي ٿي پوءِ اھا سوچن۽ خيالن  ۾ به ٿي سگھي ته گروپن ۾ به مطلب ته زندگي جي ھر ڪاروھنوار ۾ ٿي سگھي ٿي. 
جئين ته ھتي پاڻ سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاھه تي پيا ڳالھايون. اھڙي صورتحال ۾ ڪنھن به منظم پارٽي جو بنيادي۽ آدرشي اصول ھجي ٿو يا ھئڻ گھرجي ته اھڙين حالتن جو حقيقي جائزو وٺجي ۽ ان جا بنيادي ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ھڪ غيرجانبدار اسڪروٽني ٽيم تشڪيل ڏجي ۽ غيرجانبدار تحقيقي رپورٽ منظر عام تي پيش ڪرڻ گھرجي جنھن سان اھيا خبر پوندي ته  اصل ماجرا ڇا آھي؟  ان سان نه صرف حقيقتن جو تعين ڪري سگھبو پر عام سياسي ورڪرن لا ڪنھن  به پارٽي کي منتخب ڪرڻ ۽ پارٽي ۾  آزاد راءِ رکڻ لاءِ به راھه ھموار ٿيندي. 
بدقسمتي سان اھڙو عمل سنڌ جي ڪنھن سياسي جماعت وٽان ڏسڻ ۾ اڃان تائين ناھي مليو ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ڪو اڳواڻ ڪنھن پارٽي کان ڪن سببن ڪري پنھنجا رستا الڳ ڪري ٿو ته اھو انجو جمھوري حق آھي پر پٺيان بغير ڪنھن تحقيق جي ان کي غدار ابن الغدار ڪوٺڻ جو حق ان اڳواڻ  سان سلھاڙيل پارٽي جي قيادت کي ڪنھن ڏنو آھي؟ ان اڳواڻ تي اڻ تصديق ٿيل  شخصي الزام  ۽ سندس سماجي ۽ اخلاقي تقدس پائمال ڪرڻ جو  حق ڪنھن ڏنو آھي؟؟
ان ڪري سياسي پارٽين کي ان روايت کي ٽوڙي آزاد سياست ۽ اظھار راءِ رکڻ ۾  سياسي ڪارڪنن لاءِ راھ ھموار ڪرڻ گھرجي، جيڪڏھن ماضي وارو سياسي اوج حاصل ڪرڻو آھي ته ،نه ته پوءِ فيض احمد فيض چواڻي 
جو ڪوئي چاهني والا طواف ڪو نڪلي،
نظر جهڪا ڪي چلي جسم جان بچا ڪي چلي     
پوءِ روز ڪا نه ڪا بغاوت ھوندي روز ڪو نه ڪو پيو استيفا ڏيندو.  ڇو جو ھاڻي ھا ۾ ھا ملائڻ،  ھر ڳالھه تي لبيڪ چوڻ ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي ھلڻ جو دور ويو ھاڻي دور آھي جدت جو نئين سوچ ۽ نون لاڙن جو، ان نواڻ ۽ جدت کي توھان کاري ھيٺان لڪائڻ جي ڪيڏي به ڪوشش ڪيو پر اھي شيون کاري ھيٺيان لڪڻ  کان وڏيون آھن جيڪي ڪڏنھن به لڪي نه سگھنديون. 
سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سياسي پارٽين ۾ اھڙي ڀڃ ڊاهه ڇو ٿي ٿئي؟؟
ان جا بنيادي ڪارڻ ھي به ٿي سگھن ٿا، ھڪ ته جڏھن پارٽين ۾  قيادت جو فقدان ھجي ته پارٽين ۾ خاص ڪري  عام سياسي ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙبي آهي جنھنڪري پارٽيون پنھنجو سياسي ڊسيپلين وڃائي ويھن ٿيون ، اھڙي مايوسي ايستائينختم نٿي ٿي سگهي جيستائين ڪا متبادل ۽ جٽادار قيادت نه ملي ھجي.  
جڏھن ته ٻيو ٻاھرين ايجنسين جو فيڪٽر آھي جيڪي پنھنجا ٽارگيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ٻولي لڳائيندا آھن ۽ پوءِ کوڙ سارا وڪامجي به وڃن ٿا۽ لوڪ جي اڳيان اھڙو ته فن جو مظاھرو ڪندا جو کين ازل کان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي سڌاري جو ڪو گھرو اونو ھجي پر ان فن ۽ اداڪاري جي پٺيان ڪم ھو پنھنجي آقائن جو پيا ڪندا آھن، جنھن جو مثال توھانکي  ماضي قريب ۾ ملندو اھي ماڻھو جيڪي ڪنھن وقت ۾ ھڪ انقلابي، آدرشي، سائنسي،  مارڪسي ۽ جدلياتي  سوچ رکندڙ ۽ سياست ڪندڙ پارٽي جو حصو ھئا اھي اڄڪلھه ھشاش بشاش ۽ انتھائي لگزري زندگيون پيا گذارين پوءِ اھڙن ماڻھن لاءِ اڄ انقلاب، نظريو، آدرش ۽ سياست فقط ئي فقط پئسو ۽ پيٽ ھجي ٿو. 
تازو عوامي تحريڪ جو اڳوڻي مرڪزي صدر جي اين کوسو صاحب پنھنجي ڪجھه ساٿين سان گڏ استعيفا ڏني آھي جنھن ۾ کوسي صاحب استعيفا جو سبب اھو ڄاڻايو آھي ته سندس ڪم ۽ سرگرمين جي ڪري پارٽي جي اڳواڻ  ساٿين کي ڏکيائي ٿئي ٿي. ياد رھي ته سائين رسول بخش پليجو صاحب پنھنجي حياتي ۾ جي اين کوسي صاحب کي صدر ڪيو ھو ھاڻي جنھن ماڻھن کي پليجي صاحب جھڙو ماڻھو صدارت لاءِ  پاس ڪري اھو يقينن گھڻ پڙھيو لکيو ۽ شعور رکندڙ ھوندو ڇاڪاڻ ته پليجو صاحب اھو سنگتراش ھو جيڪو پنھنجي ڏاھپ، علم،  عقل ، فھم ، شعور ۽ تجربي جي مھارت سان ماڻھو کي تراشي تراشي ان کي ھڪ خوبصورت انساني مورتي ٺاھي ڇڏيندو هو. 
ھتي سوال ھي به ٿئي ٿو ته آخر کوسي صاحب جون اھي ڪھڙيون سرگرميون ھيون جن سان پارٽي ساٿين کي اعتراض ھو ؟ پارٽي ساٿين کي ڪھڙا ڪھڙا اعتراض ھئا؟ انھن جون وضاحتون اڃان گھربل آھن پر کوسي صاحب جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ مٿس غداري ۽ شخصي الزامن جي سوشل ميڊيا تي اصل وارو وار لڳي پئي آھي. آئون مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان اڻ تصديق بغير ڪنھن ثابتي جي بنياد تي توھان کي الزام ھڻڻ جو ڪو حق حاصل ناھي پر جي ثابتيون آھن ته منظر عام تي اچڻ کپن. 
گھٽ ۾ گھٽ ھاڻي اھو روايت جو پتلو سڙڻ کپي ته جيسائين ڪو اڳواڻ گڏ آھي ته اھو اديب به آھي، ڏاھو به آھي، نقاد به آھي،  چوٽي جو وڪيل به آھي ته چوٽي جو مقرر به آھي. پر اڳتي ھلي جيڪڏھن اھو اڳواڻ اختلاف راءِ رکي پاسيرو ٿي وڃي ته پوءِ اھو غدار ابن الغدار به ٿيو وڃي، اھو ايجنٽ به ٿيو وڃي.
اسان کي بخاري جون ھي سٽون به نه وسارڻ کپن 
جو ظلم خلاف جاري جنگ رکي 
سو انسان ابن الاانسان آ 
جو ظلم سھي ڪجھه ڪين ڪڇي
سو ڍور آ سو ڍور ڪبو. 
پارٽين جي اھڙي طرز سياست سنڌ جي نوجوانن لاءِ شعوري محرومي جو سبب بڻجي ٿي. سنڌ جو نوجوان جيڪو اڳئي گھڻين شين کان وانجھيل آھي ان کي اگر ان ڳالھه کان محروم ڪيو ويو ته ان جو ذميوار اھڙي طرز سياست ڪندڙ جماعتون ھونديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *