تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سياسي ستم ظريفي جي ور چڙھيل سنڌ جا ڪتب خانا

پاڻ دنيا جي وڏين وڏين صنعتن جا نالا ٻڌا آھن جن ۾ زندگي جي واھپي  جي شين جي پيداوار ڪئي وڃي ٿي پر تمام گھٽ ماڻھن کي اھا خبر ھجي ٿي ته لائبريريون به صنعتون آھن جن ۾ دنيا جي ھر شعبي سان واسطو رکندڙ ڏاھا، اڪابر،  سائنسدان، انجينيئر، شاعر، ليکڪ، اديب،  دانشور، وڪيل، استاد ، تاريخدان ، تعليمي ماھر، صحافي، تجزيا نگار ۽ ٻين ڪيترن ئي غير معمولي ماڻھن جي تخليق ٿيندي پئي رھي آھي. 
زندھه ھجن ٿيون اھي قومون جن وٽ لائبريري جھڙا لازوال خزانا موجود ھجن ٿا، نه صرف موجود ھجن پرڪتب خانن جي اھميت ۽ مالڪي جي جذبي سان به سرشار ھجن. يقينن اھي قومون زوال پذير آھن جيڪي ڪتب خانن جھڙن  املھه خزانن کان وانجھيل آھن. ڇاڪاڻ جو پھريان جتي قومون  پنھنجو جياپو( Survival) جديد ۽ ايٽمي ھٿيار جي طاقت ھجڻ کي سمجھنديون ھيون پر ھاڻي دنيا جون شعور يافتا قومون پنھنجي بقا جديد طرز سان ٺھيل لائبريرين ۾ سمجھن ٿيون. ڇاڪاڻ جو لائبريريون قومن ۾ خود اعتمادي، مقابلي ڪرڻ جي طاقت ، بردباري ۽ جاڳرتا پيدا ڪن ٿيون ۽ ٻئي پاسي ذھني دٻاءُ(Depression) ۽ احساسي ڪمتري کي ختم ڪن ٿيون جڏھن تي ڪاميابي يقيني بڻجيو وڃي. ھتي اھيا به ڳالھه ڪندو ھلان ته جيڪي قومون لائبريرين  جي املھه خزاني سان مالا مال ھجن ٿيون انھن قومن ۾ خودڪشي جي شرح(Rate of sucide attempt) بلڪل زيرو ھجي ٿو. 
اچو ته لائبريري کي سمجھون؛
لئبريري لفظ لاطيني( Latin) زبان جي لفظ لائبر مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ڪتاب. لائبريري بابت ٻيو حوالو پڙھڻ لاءِ اهو ملي ٿو ته ڪاغذ جي ايجاد کان اڳ لکائي جو ڪم ڇوڏن تي ٿيندو ھو جنھن کي انگريزي ۾ باڪ چيو ويندو ھو جنھن اڳتي ھلي بڪ يعني ڪتاب جي شڪل ورتي. 
ھاڻي اچو ته دنيا جي ٻين قومن جي نسبتن سنڌ ۾ لائبريري جي وڇايل ڄار جو جائزو وٺون ۽ اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيون ته پاڻ ڪٿي بيٺا آھيون؟ جڏھن ته دنيا جون ٻيون قوم ڪٿي بيٺل آھن؟
بنگلاديش لائبريرين جو بھترين ڄار وڇائي چڪو آھي، ھڪڙي ننڍڙي ريسرچ مطابق بنگلاديش ۾ ھن وقت لڳ ڀڳ 1300 جي قريب لائبريريون آھن جن ۾مجموعي طور تي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڪتاب پيل آھن ، بنگلاديش جو لٽريسي ريٽ89 . 72 سيڪڙو آھي. 
سريلنڪا ۾ ھن وقت 1281 لائبريريون موجود آھن جن ۾  به مجموعي طور تي تقريبن ڪروڙ کان مٿي ڪتاب پيل آھن، جڏنھن ته سندن لٽريسي ريٽ 92 سيڪڙو آھي. اھڙي طرح جاپان ۾ 3000 کان مٿي لائبريريون آھن چين ۾ 50 ھزار کان مٿي لائبريريون آھن جڏھن ته چين ۾ آمريڪا جي ڪانگريس لائبريري کانپوءِ ٻيون نمبرWorld second largest Library دنيا جي وڏي ۾ وڏي نيشنل لائبريري موجود آھي، جنھن ۾ تقريبن پوڻا ٽي ڪروڙ ڪتاب موجود آھن. ساڳي طرح انڊيا ۾ 30 ھزار کان مٿي لائبريريون موجود آھن، جڏھن ته پاڪستان ۾ 600 ۽ ڪجھه لائبريريون موجود آھن، پاڪستان جو لٽريسي ريٽ فقط 13. 59 سيڪڙوآھي جڏھن ت فقط 29 لائبريريون سنڌ ۾ موجود آھن ۽ لٽريسي ريٽ 60 سيڪڙوبه مشڪل سان ھجي. خطرناڪ صورتحال ته  اھا آھي جو ھڪ مليل ڄاڻ مطابق سنڌ جي سورنھن ضلعن ۾ ھن وقت ڪا به لائبريري موجود ناھي. سنڌ ۾ موجود 29 لائبريرين ۾ فقط اٺ کان نو اھڙيون لائبريريون آھن جيڪي فنڪشنل آھن پر اھي به گھڻي ڀاڱي بنيادي سھولتن کان وانجھيل آھن. الميو اھو آھي ته سنڌ جي ٻه سو ٻارنھن ارب چار ڪروڙ جيتري تعليمي بجيٽ خرچ ڪٿي ٿئي ٿي جو سندن ادارا ۽ تعليمي اثاثا ننڌڻڪا ٿيا پيا آھن؟؟ 
جيڪو صوبو زرعي ۽ معدني حوالي سان شاھوڪار ھجي ان سان اھڙو حشر جو ان جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ڳولي به نٿو ملي. سنڌ زرعي ۽ معدني حوالي سان پاڪستان جي ٽوٽل GDP ۾ 39 سيڪڙو جوحصو ڳنڍي ٿو جنھن ۾ زرعي حوالي سان سنڌ چانور جي پيداوار 29 سيڪڙو، ڪمند 34سيڪڙو، ڦٽي س17 سيڪڙو ۽ ٽماٽو19 سيڪڙو ٻي پاسي پيٽرول 69 سيڪڙو،گيس 71 سيڪڙو۽ مٽي جو تيل (گاسليٽ) 49 سيڪڙو پوءِبه سنڌ جا مارو ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾. 
ايترا وسيلا  ۽  بجيٽ ھجڻ باوجود اسان کي اسڪولن، لائبريرين ۽ پبلڪ پارڪن کان محروم رکيو پيو وڃي ان پٺيان سياسي راند کي سمجھڻ کپي. 
اچو ته پاڻ سان ۽ لائبريرين سان ٿيندڙ ٻي وڏي جٺ جو جائزو وٺون . اھا جٺ اسان سان لائبريري جي ڊگري بيچلرس ان لائبريري سائنس(Bachlors in Library Science)  جي نالي ٿئي ٿي جيڪا يونيورسٽين مان چار سال جي پروگرام ھيٺ ھلندڙ آھي. ھاڻي جڏھن ته سنڌ ۾ ايتريون لائبريريون آھن ئي ڪونه وري جيڪي آھن سي ته تقريبن غير فعال آھن ان صورتحال ۾ سنڌ  جي  نوجوانن سان  ڇو لائبريري سائنس جي ڊگري ھيٺ مشڪري ڪئي پئي وڃي؟ ڇاڪاڻ جو ان فيلڊ ۾ نوڪري ته ٻين شعبن وانگر اڻلڀ آھي. 
وري اچو ته ٻيو ظلم ڏسون ، قانون موجب سنڌ جي ھر سرڪاري اسڪول ۾ لائبريري ھئڻ لازمي آھي پر اسان سان حشر ھي ته سنڌ ۾383 ، 42سرڪاري اسڪولن مان صرف 734 اسڪولن ۾ لائبريريون آھن باقي لکو خير انھن مان به گھڻيون فعال نه ھونديون . سنڌ ۾ لائيبريريون نه ھئڻ ڪري سنڌ ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل اسڪالرس جو تعداد نه ھئڻ برابر آھي ڇاڪاڻ جو اھڙي معيار جا ڪتاب ۽ لائبريريون  نه ھئڻ برابر آھن نتيجي ۾ سنڌ جا نوجوان ٻين وڏن شھرن جو رخ ڪن ٿا اتي وري غريب نوجوانن کي کاڌي پيتي ۽ رھائش جا مسئلا درپيش ھجن ٿا جنھن جي ڪري گھربل نتيجن کان وري به نوجوان محروم رھجيو وڃن. 
لائبريرين ۽ تعليمي حوالي سان صورتحال ڪافي ڳڻتي جوڳي آھي پوءِ ان ڳنڀيرتا ۾ نوجوانن جو ڪردار اھو ھئڻ کپي ته  بجائي ڪنھن سرڪاري تدارڪ جو انتظار ڪرڻ جي پنھنجن ڳوٺن شھرن ۾ جيڪي به ننڍيون وڏيون لائبريريون آھن انھن کي فعال ڪرڻ گھرجي. انھن جي مالڪي ڪرڻ کپي، نوجوانن جون ننڍيون ننڍيون تنظيمون ٺاھي شھرن جي اھل ذوق ۽ صاحب حيثيت ماڻھن سان ملڻ کپي انھن کان لائبريرين کي منظم ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ کپي ۽ روزاني اخبارن،  رسالن ،  ڪتابن ۽ ٻين بنيادي شين جي دستيابي کي يقيني بنائڻ کپي جنھن سان بھتري ضرور ايندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *