تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سياست مان عوام ئي گم !

الزام تراشي ، بهتان بازي ،پوائنٽ اسڪورنگ،مسئلن جو ذميوار ٻين کي قرار ڏيڻ جي سياست گهڻي ٿي وئي ،عوام جي مسئلن تي سنجيدگي سان سوچڻ ، انهن تي بحث ڪرڻ ،انهن لاءِ گڏجي ويهڻ ۽ انهن جو حل ڪڍڻ لاءِ ڪڏهن سياسي پارٽيون ڪوششش ڪنديون.؟جيڪي به سياسي پارٽيون آهن ڀلي اهي مخالف ڌر ۾ هجن توڙي حڪومت ۾ ڪنهن جي وفاق ۾ حڪومت هجي ياڪنهن صوبي ۾ اهي عوام جي خدمت جي نعري هيٺ اقتدار ۾ آيون آهن يا ڪيتري وقت کان اقتدار ۾ اينديون رهيون آهن پر حقيقت اسان جي اڳيان آهي هر ٻيو ڏينهن عوام لاءِ وڌيڪ مسئلا ۽ مصيبتون کڻي ٿو اچي،انهن جا مسئلا گهٽ ٿيڻ بدران وڌي رهيا آهن.
سياست عوامي خدمت جو نالو آهي جنهن ذريعي سماج جي جوڙجڪ ۽ گڏوگڏ تربيت به ڪئي ويندي آهي،ماڻهن جي مسئلن کي ٻڌو۽ سمجهيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ جا گس ڪڍيا ويندا آهن جيڪي پارٽيون اقتدار ۾ اينديون آهن اهي انتظامي مشينري ذريعي عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏيڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن ،جيڪي پارٽيون رهجي وينديون آهن اهي مخالف ڌر ۾ ويهي عوامي مسئلن بابت حڪومتي پاليسين مان خاميون ڪڍي انهن تي تنقيد ڪري حڪمرانن جي راهه درست ڪرڻ جو ڪم ڪنديون آهن ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر پارٽيون هڪڙن پريشر گروپس جون ڪم ڪنديون آهن جيڪي حڪومت توڙي مخالف ڌر کي مجبور ڪنديون آهن ته جڏهن به پارليامينٽ ۾ ڪي بحث، ڪي ڳالهيون ٿين ،ڪي پاليسيون ٺهن يا قانونسازي ٿئي ته انهن ۾ عوامي مفادن کي آڏو رکڻ نه وسارين. ايئن سماج پنهنجي مسئلن کان آگاهه به رهندو آهي ته انهن کي حل ڪرڻ جا گس به ڪڍندو آهي ۽ عوام جي سياست ۾ دلچسپي به وڌندي آهي ۽ هو پنهنجي هر مسئلي جو حل سياست ۾ ئي تلاش ڪندو آهي .پر اسان وٽ بدقسمتي اها آهي جو ملڪ ۾ لڳاتار آمريتن جا ڊگها دور هلڻ ڪري سياست ۾ عوامي سطح جا ماڻهو اچڻ بدران سليڪٽو ماڻهو اچي ويا آهن جو هيٺين سطح جي ماڻهن لاءِ سياست ڪرڻ ڄڻ ته ناممڪن بڻجي ويو آهي ۽ سياست مان عوام ئي گم آهي ٻيو هر سياسي پارٽي ۾به اهو ئي آمرن وارو انداز اچي ويو آهي ۽ اهي ڪنهن به ريت سڌي طرح ماڻهن سان ڄڻ ته ڳنڍيل ئي ناهن ،جڏهن قيادت ماڻهن سان سڌي ريت ڳنڍيل ئي نه هوندي ته انهن کي عوام جي مسئلن جو ڪهڙو ادراڪ هوندو تنهن ڪري عوام جي سياست مان دلچسپي سياست مان ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي نه صرف گهٽجي رهي آهي پر اها سياست کي ئي ڄڻ خراب سمجهي ٿي .
ملڪ ۾ تازو ڪڻڪ کان وٺي ،کنڊ ۽پيٽرول جا بحران پيدا ٿيا پر انهن تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه قدم نه کنيو ويو حڪومت ته ذميوار آهي ئي آهي پر انهي تي مخالف ڌر جو ڪردار به ڪو ساراهه جوڳو نه هو ،رڳو رسمي بيانن ۽ پارليامينٽ ۾ تقريرن کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو .جيڪڏهن مخالف ڌر چاهي ها ته حڪومت سان گڏجي انهن بحرانن جي ذميوار ماڻهن خلاف ڪو قدم کڻي سگهجي ها پر ڇو ته انهن بحرانن جي ذميوار ماڻهن مان ڪو نه ڪو هر پارٽي ۾ ويٺو آهي ان ڪري ڄڻ ته ٻنهي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ هڪڙي خاموش مفاهمت هئي جيڪا ٻنهي کي عملي طرح اڳتي وڌڻ کان روڪي ويٺي هئي ،بجيٽ دوران به مخالف ڌر جو ساڳيو رويو هو. مخالف ڌر عوامي مسئلن تي ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ته ان وٽ پارليامينٽ جهڙو مورچو موجود آهي ۽ مخالف ڌر جي ڪا ايتري ڪمزور نمائندگي (عددي اعتبار جي حوالي سان ) به ناهي ته پوءِ ڇو اها عملي تحرڪ نه ٿي وٺي. اسان سمجهون ٿا ته پنهنجي پنهنجي سياسي بيانيي تي رهندي به پارليامنيٽ ۾ موجود سموريون پارٽيون عام کي رليف ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ ان ذريعي ئي عوام جو سياست تي اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو ڇو ته اول آخر عوامي مسئلن جو حل سياست ۾ ئي آهي رڳو پارٽين کي پنهنجي سياسي لائين درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *