تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

سياست جي ور چڙهي ويل جي آءِ ٽي رپورٽس

ڪراچي جيڪو دنيا جي گهڻ آبادي وارن ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ هن ملڪ جو معاشي حب آهي اتي ڏوهاري وارداتن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، انهن وارداتن جا پيرا کڻڻ وارن سرڪاري ادارن ڪيترن ئي ڪيسن جا فائيل بند به ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي معصومن جي موت جا ذميوار اڃان تائين منظر عام تي اچي ناهن سگهيا ۽ نه ئي کين ڪا سزا ملي آهي، انهن واقعن توڙي ڏوهاري ڪاررواين جي جاچ به ڪٿي پڌري ناهي ڪئي وئي. هن وقت جڏهن سنڌ حڪومت عدالتي حڪم تي ٽي جي آءِ ٽيز رپورٽون منظر عام تي آنديون آهن ته اهي رپورٽون نه رڳو تڪراري بڻجي ويون آهن، پر انهن تي سياست به ٿي رهي آهي. انهي ۾ ڪوشڪ ناهي ته اهي رپورٽون سياسي بنيادن تي ئي منظر عام تي آنديون ويون آهن، ڇاڪاڻ جو پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ هاڻوڪي وفاقي وزير علي زيدي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي، لياري امن ڪاميٽي جي سربراهه عذير بلوچ ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي سربراهه نثار مورائي جي جي آءِ ٽيز کي منظر عام تي آڻڻ جي استدعا ڪئي هئي، انهي جو مقصد پنهنجي سياسي مخالفن جي حوالي سان جي آءِ ٽيز ۾ شامل ڳالهين تي سياست ڪرڻ هئي. عدالت جڏهن جي آءِ ٽيز رپورٽ کي پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ان کانپوءِ به سنڌ حڪومت انهن جي آءِ ٽيز کي منظر عام تي آڻڻ کان لنوائي رهي هئي. مونکي ياد آهي ته جڏهن مون گهروکاتي جي سيڪريٽري کان انهن رپورٽن جي ڪاپي بابت پڇيو هو ته هن ٻڌايو ته عدالتي فيصلي خلاف مٿئين عدالت ۾ اپيل ڪنداسين، انهي ڪري قانون واري کاتي سان صلاح مشورو هلندڙ آهي، بهرحال ان تي ڪا اپيل ڇو نه ٿي سگهي اها ته سرڪار کي ئي خبر آهي پر جڏهن وفاقي وزير علي زيدي اهي رپورٽون پبلڪ نه ڪرڻ خلاف وري عدالت پهتو ۽ توهين عدالت جي درخواست ڏنائين ته سنڌ حڪومت بلديا ٽائون سانحي سوڌو عذير بلوچ ۽ نثار مورائي جون رپورٽون منظر عام تي آڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻه ڏينهن اڳ انهن رپورٽن کي گهروکاتي جي ويب سائيٽ تي رکيو ويو، انهن رپورٽن کي منظرعام تي آڻڻ کان اڳ وفاقي وزير علي زيدي قومي اسيمبلي جي فلور تي دعويٰ ڪئي هئي ته جي آءِ ٽيز ۾ پ پ قيادت بابت انڪشاف ٿيل آهن، جڏهن ته علي زيدي جي ان قسم جي دعويٰ کي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب رد ڪندي، چيو ته سندس قيادت خلاف ڪا به ڳالهه جي آءِ ٽي ۾ شامل ناهي. هن جڏهن اهي رپورٽون عام ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ته هر صحافي اڳ ۾ رپورٽون هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، شروعاتي طور جيڪا سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل عذير بلوچ واري رپورٽ ۾ ته پ پ قيادت جو ڪو ذڪر نه هو، پر جيڪا نثار مورائي بابت رپورٽ 18 صفحن تي مشتمل هئي اها ملي ته ان رپورٽ ۾ ته عالم بلوچ جي قتل کان وٺي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ تي قاتلاڻي حملي ۽ سندس اسٽنٽ جي قتل توڙي ڪراچي ۾ اسٽيل مل چيئرمين جي قتل بابت اهم انڪشاف ٿيل هئا، جنهن ۾ انهن سمورن ماڻهن جو ذڪر ٿيل هو، جيڪي انهن ڪيسن ۾ نامزد هئا، ان کان علاوه بلديا سانحي واري رپورٽ به ملي، جنهن ۾ هڪ اڳوڻي صوبائي وزير سميت ٻين ماڻهن جي ملوث هجڻ جو ذڪر ٿيل آهي. انهن ٽنهي رپورٽن کي جڏهن سرڪاري طور گهرو کاتي جي ويب سائيٽ تي رکيو ويو ته هڪڙي نثار مورائي جي جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ايتري تبديل هئي ته انهي رپورٽ ۾ پ پ جي اڳواڻن جا نالا شامل ناهن، پر اڳوڻي پ پ اڳواڻ ۽ هاڻوڪي وفاقي حڪومت جي اتحادي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو نالو شامل آهي، جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار عدالتي حڪم تي جي آءِ ٽيز رپورٽس ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيون آهن، پر وفاقي وزير علي زيدي الزام هنيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽس جيڪي اصل آهن، اهي سنڌ حڪومت منظر عام تي ناهن آنديون ۽ سنڌ حڪومت علي زيدي جي ان الزام جي ترديد ڪئي آهي، پر اصل حقيقت اها آهي ته هاڻي جي آءِ ٽي تي به سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت ۾ سياست ٿي رهي آهي، هونئن ته جڏهن به ڪو وڏو واقعو ٿيندو آهي ته ان جي جاچ لاءِ ڪميشن يا جي آءِ ٽيز جوڙيون وينديون آهن پر انهن کي وقت جي سرڪار دٻائي ڇڏيندي آهي ۽ منظر عام تي ناهي آڻيندي، جنهن سبب سرڪار جي ڪردار تي عوام کي سدائين شڪ رهندو آهي. هن ڀيري به هڪ لمحي لاءِ سوچيون ته سنڌ سرڪار جي آءِ ٽي رپورٽون جيئن جو تيئن اپ لوڊ ڪري ڇڏيون آهن، پر پوءِ سرڪار سان آخر ڪهڙو مسئلو هو جو پاڻ جي آءِ ٽي جوڙي هئي ۽ ان جي رپوٽ سرڪار پاڻ پنهنجي ماڻهن جي آڏو ڇو نه آندي؟ نه رڳو اهو پر جڏهن عدالت حڪم ڏنو ته رپورٽون پبلڪ ڪريو ته پوءِ ڪهڙو مسئلو هو جو انهي عدالتي آرڊر کي مٿئين عدالت ۾ چئلنيج ڪرڻ جو سوچيو پئي ويو يا وري جيستائين توهين عدالت جي درخواست داخل ٿي تيستائين رپورٽ منظر عام تي آڻڻ ۾ ڪهڙي پريشاني هئي؟ هاڻي جڏهن سنڌ سرڪار سو سيڪڙو سچ تي ٻڌل اهي ئي اصلي رپورٽون منظر عام تي آڻي چڪي آهي ته پوءِ روزاني جون وضاحتون ڇا جي لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ علي زيدي کي جيڪڏهن سنڌ سرڪار جي جاري ڪيل رپورٽن تي شڪ آهي ته اهو پاڻ وفاقي حڪومت جو حصو آهي ۽ انهن ٽنهي رپورٽن جي اصلي هجڻ يا نه هجڻ جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙائي سگهي ٿو ۽ اهي ماڻهو جيڪي انهن انويسٽيگيشن ٽيمن جو حصو هئا، انهن کان ڪميشن بيان رڪارڊ ڪري، اصل حقيقتون سامهون آڻي سگهي ٿي، پر انهن جي آءِ ٽيز رپورٽن کي تڪراري بنائڻ جو مطلب پنهنجن ادارن جي ساک کي نقصان رسائڻ برابر آهي، انهي ڪري هن وقت جيڪڏهن وفاقي حڪومت ان تي ڪا ڪميشن نه ٿي جوڙي ته سنڌ سرڪار انهي تي جوڊيشل ڪميشن جوڙي ۽ پبلڪ جي آءِ ٽيز ۾ شامل ميمبرن جا بيان رڪارڊ ڪري، اهو ثابت ڪري ڏيکاري ته وفاقي وزير جا لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ سنڌ سرڪار اصل جي آءِ ٽي رپورٽون سامهون آنديون آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار اهو نه ٿي ڪري ۽ وفاقي وزير علي زيدي به انهن رپورٽ بابت ڪا ڪميشن جوڙائڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ته عوام انهن ٻنهي ڌرين جي ڪردار کي نه رڳو شڪي نظر سان ڏسندو پر هن جي آءِ ٽيز جي سنجيده معاملي کي به ڪورونا، ماڪڙ، اين ايف سي ۽ ٻين معاملن تي ٿيندڙ سياست جو ئي حصو سمجهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *