تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سياست جو بدلجندڙ مزاج!

عام طور ڪنهن به مخصوص علائقي تي سياسي طاقت جي ذريعي هُنر ۽ عمل ذريعي حڪومت ڪرڻ کي “زميني سياست” چيو وڃي ٿو. پر هڪ ٻي وضاحت هيٺ، سياسي، جاگرافي ۽ علم سياسيات جي ميلاپ کي”زميني سياست” چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي تعلقات ۾ سياسي قيادت ۽ نظام سان گڏ، جاگرافيائي پوزيشن ڪنهن به قوم کي سگهارو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن اصطلاح جي شروعات مشهور سياسي ماهر ‘روڊولف ڪيلن’ 1899ع ۾ ڪئي ۽ ان اصطلاح کي مقبوليت ويهين صديءَ ۾ نصيب ٿي. جڏهن برطانوي جاگرافيدان ‘هالفورڊ مئڪنڊر’ جاگرافيائي حالتن کي دنيا ۾ برطانوي اثر وڌائڻ جو اهم محرڪ ڄاڻائيندي، اهو اصطلاح پنهنجي نظريي ۾ استعمال ڪيو. هن اصطلاح ۾ علائقو، آبهوا، بيهڪ، آبادي، وسيلا، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سرشتا اهم عنصر آهن.
ارتقائي عالمي سياست (Evolutionary World Politics) بين الاقوامي لاڳاپن جي هڪ اڀياسي شاخ آهي، جيڪا ماضيءَ ۾ دنيا ۾ ٿيل جوڙجڪي تبديلين (Structural Changes) بابت ڳڻ ڳوت ڪندي ڪجھه سوالن کي جنم ڏئي ٿي. هي موضوع بنيادي طور ان اصول تي بيٺل آهي، ته عالمي سطح تي ايندڙ هر سياسي تبديلي دنيا جي ارتقائي سلسلي جو هڪ حصو آهي. هن تصور هيٺ عالمي سياست ۾ مُلڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ روايتي سلامتيءَ ۽ معاشي لاڳاپن کان مٿڀرو ٿي، هڪ مثالي انساني سماج جي جوڙجڪ ۽ انصاف ڀري دُنيا جي قيام بابت وڪالت ڪيل آهي. هي اصطلاح عام طور تي بين الاقوامي تعلقات ۾ هاڪاري انداز ۾ استعمال ٿيندو آهي. بين الاقوامي تعلقات يا بين الاقوامي سياست جي اُبتڙ هي اصطلاح رڳو رياستن جي لاڳاپن جو مطالعو ڪرڻ تي زور نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي ان جا موضوع جنگ، امن، سلامتي يا فوجي طاقت وغيره تائين محدود آهن. ان بابت سماجي سائنسدانن Nye Joseph۽Keohane ٻُڌايو آهي، ته عام رواجي رياستي تصور جي چوڌاري ڦرندڙ ۽ بين الرياستي لاڳاپن تي ختم ٿيندڙ عالمي سياست ڪڏهن به عالمي برادريءَ بابت سچو ۽ چٽو عڪس نٿي ڏيئي سگهي. ان روايتي نقطئه نظر ۾ واضح تبديليون آڻي، تُز ڇيدَ ۽ تبديل ٿيل ڏانءَ ذريعي نئين دور جي دُنيا جا مسئلا سمجهي سگهجن ٿا. هن خيال موجب دُنيا ۾ ڪيتريون ئي خانگي ڪمپنيون آهن، جن جي مجموعي پيداوار گڏيل قومن ۾ ڪيترن ئي ميمبر مُلڪن کان وڌيڪ آهي ۽ ڪيتريون ئي ڪارپوريشنون آهن، جن جون پاليسيون مضبوط ۽ آزاد رياستن جي معيشيت کي به لوڏي سگهن ٿيون، جيڪڏهن اڄوڪي دور ۾ اهڙين حقيقتن کي سمجهڻو آهي، ته پوءِ رڳو رياستي بُنياد تي بيٺل بين الاقوامي سياست کي تبديل ڪرڻو پوندو. هو چون ٿا ته دُنيا جي سياست کي سمجهڻ لاءِ غيرسرڪاري تنظيمن، فردن ۽ سرشتن جي اهميت ۽ مڃتا اڻ ٽر آهي.پاڪستان کي ملڪ جي حيثيت ملندي ستر سالن کان مٿي عرصو ٿي چڪو آھي پر اڄ به مسئلا اڳ کان اڳرا آھن جيئن ته سياست ملڪ صوبي ۽ علائقي جي زميني حالتن جي نوعيت تي دارومدار رکندي آھي، ان ڪري پنھنجي پياري پاڪستان جي ھر صوبي ھر علائقي جي سياسي ذھن جي جيڪر پرک ڪبي ته پاڻ کي تمام گھڻو فرق نظر ايندو. ان جو مطلب اهو نه آھي ته ھر صوبي ۽ علائقي جي ماڻھن ۾ ذھانت جو فرق آھي، بلڪه فرق آھي ته سکيو ۽ ڏکيو ھجڻ جو. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي طبقاتي سسٽم يعني اڻ برابري عروج تي آھي. پاڪستان جي %100 ماڻھن منجھان صرف %5 ماڻھو حڪمراني ڪن ٿا، باقي %95 ماڻھو بک بدحالي ۽ خانن، چوڌرين، سردارن، وڏيرن جي ظلم ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿين ٿا. ھونءَ ته پاڪستان ۾ سياست جي نالي تي ڪيتريون ئي جماعتون ٺهيل آھن جيڪي ھر پنجين سال نالي ماتر اليڪشن ۾ گن پوائنٽ ذريعي وڏي اڪثريت سان کٽي اچن ٿيون پر انهن مان ڀلائيءَ جي اميد ڪرڻ ائين آھي جيئن ٻٻرن کان ٻير گھرڻ. ڇاڪاڻ ته اھي غير جمھوري حڪمرانن جي نئين شڪل آھن جيڪي سياست جي نالي تي داغ آھن.ماڻھن لاءِ ھٿرادو پيدا ڪيل بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري به سياست تي ناڪاري اثر پون ٿا. دراصل سياست لفظ جي معني آھي، انساني حقن جي بحالي جي جستجو، ۽ اسان جي ماڻھوءَ کي بک بدحالي بيروزگاري ڏيئي ڪري ان جي سوچ صرف پنھنجي گھر تائين محدود ڪئي وئي آھي. اسان جو ماڻھو صرف ان ۾ پريشان آھي ته ھي ويلو ته ٽري ويو پر ايندڙ ويلو ڪيئن ٽرندو ؟
تڪليفن باوجود به پاڪستان جي ماڻھن خاص ڪري سنڌ جي ماڻھن پاڻ ملھايو آھي. سنڌ ھر ڏکين حالتن ۾ پاڪستان جي حقيقي عوام دوست سياست ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آھي، جڏھن پاڪستان ۾ غير جھموري قوتون بين الاقوامي سامراج جي اشاري تي ملڪ دشمن ون يونٽ مڙھيو ته سنڌ جي شاگردن پاڻ ملھايو ۽ ون يونٽ خلاف سگھاري تحريڪ هلائي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ زور وٺي وئي پر سامراج پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ بنگال اسان کان جدا ٿي ويو. وري جڏھن جنرل ضياءُالحق جي ڪاري مارشلا ۾ سنڌ جي عوام شهيد محترمه بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، شهيد عوام محمد فاضل راھو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ شروع ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ زبردست احتجاج ٿيا، جن آمر ضياءَ جي تخت کي اھڙا ته لوڏا ڏنا جو سندس ڪرسيء ۾ لڳل ڪوڪا به چٻا ٿي ويا.
پاڪستان جي سياست تمام وڏيون ادبي توڙي سياسي شخصيتون پيدا ڪيون جن جي ڊگهي لسٽ آهي، هتي سمورن جا نالا لکڻ ممڪن ناهي ،پر هنن سياسي شعوري فڪري جيڪو ڏيو جلايو، ان جي روشني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آھي، پر هتي بدلجندڙ سياست جو مزاج ويتر مبهم ٿي ويو آهي، اهڙي ماحول ۾ هٿ مٿي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ جاکوڙ جاري رکڻ گھرجي ۽ انهي جنگ جو حصو بڻجي پنهنجي حصي جو حق ادا ڪرڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *