تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سو راڻل فاضل راهو هو!

ورهاڱي بعد سنڌ سياسي حوالي سان هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل هئي، جتي ظاهري طور واٽون ويهه هيون، پر انهن واٽن مان ڪهڙي واٽ صحيح آهي ۽ ڪهڙي واٽ صحيح ناهي، اها پڪ ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن لاءِ انتهائي مشڪل هو. سائين جي ايم سيد سميت کوڙ سياستدان جيڪي پهرين پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ۾ هئا، انهن بعد ۾ اهو چيو ته سنڌ هاڻي هن فريم ۾ نه هئڻ گهرجي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريزن خلاف گوريلا ويڙهه وڙهندڙ حر تحريڪ ۽ ان جا واڳ ڌڻي مضبوط وفاق جي ڳالهه ڪرڻ لڳا. ملڪي سياسي تجربن دوران سنڌ مان ئي هڪڙي قيادت ذوالفقار علي ڀٽو جي روپ ۾ نروار ٿي، جنهن ملڪي جمهوريت جو نعرو ڏنو. اهڙي دور ۾ سنڌ اندر ڪجهه نوان سياسي خيال ۽ سياسي سرگرميون شروع ٿيون، جن جا بنياد قومي هئا ته طبقاتي به هئا، جن سنڌ کي هڪڙي نئين اک سان ڏسڻ شروع ڪيو. انهن سياسي سرگرمين جا بنياد وجهندڙ رسول بخش پليجو ۽ شهيد فاضل راهو هئا. هي ٻئي مڊل ڪلاس جا ماڻهو هئا، پر ٻنهي ڄڻن سنڌ اندر هڪ نئين رخ سان سياست جو بنياد وڌو، جنهن بابت عوامي تحريڪ جا پراڻا ماڻهو چون ٿا ته رسول بخش پليجو جو ذهن ۽ شهيد فاضل راهو جو عملي ميدان 2 اهم جُز هئا، جن عوامي تحريڪ کي سنڌ اندر ايترو ته مضبوط ڪيو جو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سمورين سياسي، سماجي، ادبي، نظرياتي ۽ طبقاتي تحريڪن جو ڳاڻيٽو ڪبو ته عوامي تحريڪ جو حصو وڌيڪ نظر ايندو.
ان عوامي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جيئن مون مٿي لکيو آهي ته رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو اهم ڪردار هئا، ان ۾ وري فاضل راهو عملي ۽ سياسي حوالي سان هڪ اهڙي شخصيت ۽ ڀرجهلو ٿي اڳيان آيو جو جن غريب ۽ مسڪين سياسي ورڪرن وڏيرن ۽ ٻين وفاقي پارٽين کي ڇڏي مسڪين ماڻهن جي سياست ڪرڻ شروع ڪئي، ان مٿان ڄڻ ڇپر ڇانوَ هو. فاضل راهو لاڙ جي علائقي جو وچولي طبقي جو زميندار ماڻهو هو، مسڪينن سان محبت ڄڻ سندس رت ۾ سمايل هئي، اهو ئي سبب آهي جو هن عوامي تحريڪ جهڙي سياسي پارٽي ٺهڻ کان اڳ ئي پنهنجي علائقي جي اندر پورهيت ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ امير ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو، فاضل راهو جي تحريڪ اڳتي هلي سنڌ جي انهن سمورن ماڻهن کي سگهه بخشي جيڪي سياسي طور اڳتي آيا. ون يونٽ کان وٺي ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، نيلام بند ڪريو تحريڪ، صحافين جي تحريڪ، ايم آر ڊي جي تحريڪ سميت ڪيتريون ئي سياسي تحريڪون راهوڪي مان جنم وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتيون. ضياءَ جي دور ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ نفسا نفسي هئي، سياسي حوالي سان ماٺ هئي ته شهيد فاضل راهو راهوڪي ۾ عظيم هاري ڪانفرنس ڪري ڄڻ ته ضياءَ جي مارشل لا بابت جيڪا ماٺ جي ديوار هئي ان ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.
فاضل راهو بي انتها بهادر، سچو ۽ مستقل جدوجهد ڪندڙ سياسي اڳواڻ هو، هن پنهنجي سڃاڻپ وڏيري سياستدان بدران هاري اڳواڻ طور ڪرائي ۽ هو پنهنجو سڄو وقت وڏن ماڻهن يا پنهنجن طبقي جي ماڻهن سان گڏ گذارڻ بدران غريب، مسڪين ۽ پيڙهيل ماڻهن سان گذاريندو هو. هن سنڌ جي زمينن تي ڌاڙن خلاف جيڪا نيلام بند ڪريو تحريڪ هلائي ان جي ڪري خاص طور لاڙ سنڌ ۾ هزارين بي زمين ماڻهن کي زمينون مليون ۽ ڌاري آبادڪاري رڪجي وئي. فاضل راهو توڙي جو هاري اڳواڻ هو پر ايم آر ڊي تحريڪ کان اڳ هن پاڻ کي پاڪستان جو هڪ وڏو سياسي اڳواڻ مڃرائي ورتو هو، جنهن ڪري ولي خان کان وٺي عطاءُ الله مينگل، محمود خان اچڪزئي کان وٺي پاڪستان سطح جا سمورا سياستدان هن سان گڏ ويهڻ ۽ سياست ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. هو عوامي نيشنل پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو ته ايم آر ڊي دوران شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻين سياستدانن جو سهارو بڻيو. شهيد فاضل راهو روايتي وڏيرڪي سياست بدران سنڌ اندر هڪ اهڙي سياسي تحريڪ جا ٻج ڇٽيا جن جو فصل سڄي سنڌ شعور جي شڪل ۾ لڻي رهي آهي، سندس اوطاق غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڌرم شالا هئي، جتي 24 ڪلاڪ قومي گيت، شاعري ۽ نظرين تي بحث ٿيندو رهندو هو، ڪڏهن سرويچ ته ڪڏهن منشي، ڪڏهن مبين پنائي ته ڪڏهن محمد خان مجيدي جهڙا شاعر هارين لاءِ گيت لکندا هئا ته فاضل راهو انهن کي هزارين هارين جا ميڙ گڏ ڪري ڏيندو هو، ائين کڻي چئجي ته سنڌ اندر جيڪا طبقاتي شاعري ٿي رهي هئي، ان کي سگهه بخشڻ ۾ شهيد فاضل راهو جو انتهائي اهم ڪردار هو. فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي گڏجي سنڌ اندر جنهن سياست جا بنياد وڌا، اها روايتي وڏيرڪي، اليڪشني ۽ عوام دشمني واري سياست کان بلڪل الڳ بنياد هئا، انهن هارين کي ايڏو ته باشعور ڪيو جو سنڌ اندر ڪجهه عرصي لاءِ سڄو وڏيرڪو نظام لڏي ويو هو. عورتن، ٻارن، شاگردن ۽ مزدورن ۾ سجاڳي جي جيڪا لاٽ راهوڪي مان ٻري ان سڄي سنڌ کي روشناس ڪيو. پرڏيهي ڪمپنين خلاف فاضل راهو جي تحريڪ ايڏي ته سگهاري تحريڪ هئي جو ان کانپوءِ ايڏي وڏي تحريڪ ڪٿي هلي نه سگهي آهي.
فاضل راهو نظرياتي حوالي سان مارڪس وادي هو پر هن جي سياست جو محور سنڌ هئي، هو سنڌ جو هڪ ئي وقت قومپرست، وطن دوست، هاري، مزدور ۽ پورهيت اڳواڻ هو، گڏوگڏ سماج سڌارڪ ۽ انساني خدمتگار سياستدان به هو، اڄ به سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ڪنهن به سياسي ڪارڪن سان ڪچهري ڪجي ٿي ته هو فاضل راهو کي ياد ڪري لڙڪ لاڙي ويهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو فاضل راهو ورهاڱي بعد سنڌ جو اهو واحد شهيد هيو جنهن لاءِ شيخ اياز کان وٺي استاد بخاري تائين سنڌ جي سمورن شاعرن شعر چيا. شهيد فاضل راهو جي اڄ ورسي آهي، سنڌ جا هن قسم جا سياستدان پيدا ٿيڻ وارو فصل ڄڻ عارضي طور رڪجي ويو آهي، فاضل راهو زنده هجي ها ته يقينن سنڌ جو سياسي نقشو جيڪو هينئر نظر اچي رهيو آهي، اهو ائين نه هجي ها پر سازشن سنڌ کان هڪ اهڙو سياستدان ۽ عاشق کسي ورتو جنهن جو خال ويجهي ماضي ۾ ڀرجندي نظر نٿو اچي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *