تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سوشل ميڊيا ۽ سائبر ڪرائيم

پاڪستان سميت پوري دنيا جي اندرسوشل ميڊيا جو استعمال وڏي تيزي سان وڌي رهيو آهي .
ڪنهن به شي جي اچڻ سان ان مٿان مختلف وقتن تي مختلف قانون سازيون ڪيون وينديون آهن اهو ان لاءِ ته ان اداري يا ڪنهن به سسٽم کي سهي سمت ۾ هلائي سگهجي .
اهڙي ريت پاڪستان ۾ به سوشل ميڊيا کي ضابطه اخلاف ۾ هلائڻ لاءِ ٻه ايڪٽ پاس ڪيا ويا آهن هڪ سائبر ڪرائم ايڪٽ ٻيو اليڪٽرانس ايڪٽ .
توهان ڏٺو هوندو ته پاڪستان اندر سوشل ميڊيا جو استعمال تمام گهڻو ٿي رهيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن تمام گهڻو وڌي رهيو آهي .
انتهائي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ماڻهو سوشل ميڊيا ته استعمال ڀلي ڪن پر ڪرائم نه ڪن . اسان وٽ عام طور ايئن ٿيندو آهي جو ماڻهو ڪنهن کي به ڪمينٽس ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي ڇڏيندا يا ڌمڪيون ڏيندا آهن يا وري بليڪ ميل ڪندا آهن اهو سڀ قانون جي نظر ۾ ڪرائم آهي . هڪ قانون جو ادني ٰ شاگرد هئڻ جي حيثيت سان آئون اڪثر ڏسندو آهيان ته هر ٻيو ماڻهو سائبر ڪرائيم ڪري چڪو هوندو آهي پر هو اهو ڪرائيم ناهي سمجهندو . ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا هڪ ته قانوني ڄاڻ نه هئڻ يا وري ڄاڻي واڻي لاتعلقي اختيار ڪرڻ پر ڪجهه به هجي توهان مڃو يا نه مڃو پر اهو جرم جي زمري ۾ ايندو آهي.
هي دنيا تمام گهڻو تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي. ڏينهون ڏينهن جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي . هر روز جديد ايپ اچي رهيون آهن جتي رابطن جي دنيا ۾ آساني ٿي آهي اتي وري ڪاروبار به جديد ايپ جي ذريعي ٿي رهيو آهي مطلب ته دنيا پراڻي طرز کي ڇڏي نئين طرز طرف وڌي رهي آهي، ڇوته هر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ آسانيون ٿو پيدا ڪرڻ چاهي ۽ وقت به بچائڻ ٿو چاهي. اهو سڀ آن لائن ايپ ذريعي ئي ممڪن آهي پر ياد رهي ته هن نئين طرز ۾ اچڻ لاءِ ڪجهه قانون سازيون به ڪيون ويون آهن ان قانون جي حدن ۾ رهي اهو سڀ ڪرڻ ممڪن آهي جيڪڏهن ڪو ايئن نه ڪندو ته پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪندو . انهن سڀني شين جو ڳانڍاپو اليڪٽرانڪس ايڪٽ سان جڙيل آهي .
ڪا به شيئرنگ يا موبائل ذريعي ڪجهه به ٿئي پيو جهڙوڪ ميسيج ، ڪال ، ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ وغيره.سائبر جي دنيا ايتري ته وسيع آهي جواسان ان جو اندازو به نٿا لڳائي سگهون . سائبر جي دنيا جا ماڻهو تمام وڏا ذهين ۽ شاطر هوندا آهن ماضي ۾ دنيا جون وڏي ۾ وڏيون ويب سائٽز جهڙوڪ سي اين اين ۽ ايمزون ١٣ سالن جي ڇوڪرو هو جنهن هيڪ ڪري ورتيون ان کانپوءِ ئي سائبر ڪرائيم قانون سازي جي ضرورت پئي . سائبر ڪرائم جيڪو ٿيندو آهي اهو خلائي ڪرائيم هوندو آهي پاڪستان ۾ انکي ايف آءِ اي ڊيل ڪندو آهي .
سائبر ڪرائم کي سمجهڻ لاءِ ان جرم ۾ ملوث ماڻهن جي سزا لاءِ پاڪستان جي هر صوبائي اسيمبلي اليڪٽرانڪس ايڪٽ ٢٠١٦ع متعارف ڪرايو آهي .
اچو ته هاڻي هن موضوع جو قانوني جائزو وٺون .
سائبر ڪرائم مختلف قسمن جو ٿئي ٿو جهڙوڪ سائبر بلنگ، سائبر ٽئريزم، سائبر ٿريٽنگ، سائبر هيڪنگ، سائبر اسپيمنگ وغيره .
ڪنهن به ماڻهو جو ليپ ٽاپ يا وري موبائل ان جي اجازت کانسواءِ استعمال ڪرڻ يا ان اندر محفوظ ڊيٽا تائين وڃڻ انتهائي وڏو جرم آهي جنهن جي سزا ٣ مهينا قيد يا ٥٠ هزار ڏنڊ يا ٻئي سزائون به اچي سگهن ٿيون.
ڪنهن به سوشل نيٽ ورڪ ذريعي نفرت انگيز مواد يا تقرير رکڻ يا ڪا اهڙي نفرت واري پوسٽ رکڻ سان ٧ سال سزا ۽ هڪ ڪروڙ ڏنڊ يا ٻئي سزائون به اچي سگهن ٿيون.
توهان ڪنهن به خلاف ڪا بداخلاقي يا نفرت واري ڪا تقرير يا ويڊيو ٺاهيو ٿا ۽ انکي شيئر ڪري مختلف هنڌن تي ڦهلايو ٿا يا ڪنهن جي ڪردارڪشي ڪيو ٿا ته ان جرم ۾ اوهانکي ٧ سال سزا يا ڳري رقم جو ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.
ڪنهن به ماڻهو جي شناخت چورائڻ يا وري ڪنهن جي پروفائل کڻي فيڪ اڪائونٽ ٺاهي انجو غلط استعمال ڪريو ٿاته اهو انتهائي سنگين جرم آهي جنهن جي ٧ سال قيد ۽ ڳرو ڏنڊ پڻ آهي يا ٻئي سزائون به اچي سگهن ٿيون .
توهان ڪنهن به ماڻهو جي تصوير ان جي اجازت کان بغير ڪڍو ٿا يا انکي ڪراپ ڪري يا وري ڪيپچر ڪري تصوير ڪڍو ٿا ته اهو انتهائي سنگين جرم آهي جنهن جي سزا ٣ سال قيد ۽ ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو يا ڳري رقم جي صورت ۾ ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو.
ڪنهن به ماڻهو جي تصوير کڻي ان کي ايڊٽ ڪري ميمز ٺاهي يا وري جانورن سان جوڙي شيئر ڪرڻ انتهائي سنگين جرم آهي جنهن جي سزا ٣ سال قيد يا ڳري رقم جي صورت ۾ ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو يا ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون.
توهان سوشل نيٽ ورڪ ذريعي ڪنهن کي به حراس ڪيو ٿا يا وري ڪمينٽس ۾ بداخلاقي ڪريو ٿا يا انکي ڌمڪيون ٿا ڏيو يا بليڪ ميلنگ ڪري ان جي ڪردارڪشي ڪريو ٿاته اهو وڏو جرم آهي ان جي سزا ٣ سال قيد يا ١٠ لک ڏنڊ يا وري ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون .
توهان ڪنهن به شخص کي ڪنهن سوشل نيٽ ورڪ ذريعي ڏهن کان مٿي ميسيج ڪيو ٿا يا وري ١٠ کان ٥٠ جي درميان ڪالز ڪيو ٿا ته اهو سائبر اسپيمنگ جرم آهي جنهن جي سزا ٣ مهينا قيد ١٠ لک ڏنڊ يا ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون.
سائبر ڪرائم کان ڪئين ٿو بچي سگهجي ۽ ان خلاف ڪئين ۽ ڪاٿي درخواست ڏبي ؟
سائبر ڪرائم کان بچڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته سوشل نيٽ ورڪ جيڪي به پاليسيون جوڙيون آهن انهن تي عمل ڪرڻ گهرجي ٻيو وري جيڪي به ٽولز آهن انهن کي فالو ڪرڻ گهرجي.
سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اڪائونٽ جي سيڪيورٽي سختي ڪري ڇڏجي .
سائبر ڪرائم خلاف آن لائن هن اي ميل [email protected] ذريعي به درخواست ڏئي سگهجي ٿي .
ان کان علاوه ايف آءِ اي جي ڪال هيلپ لائن ٩٩١١ تي به شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي.
يا وري ايف آءِ اي جي آفيشل ويب سائٽ www.fia.gov.pk تي وڃي اتي به درخواست ڏئي سگهجي ٿي .
سڀ کان وڌيڪ آسان ۽ تڪڙو طريقو اهو آهي ته ضلعي آفيس ايف آءِ اي پاڻ وڃي ڪري درخواست ڏئي سگهجي ٿي. هي مختصر تحرير سائبر ڪرائيم کان بچڻ ۽ انبابت قانونن تي عمل ڪرڻ ۾ فائديمند ٿي سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *