تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿي سگهنديون؟

دنيا جي هر جمهوري ملڪ ۾ جتي هڪ کان وڌيڪ قومون ۽ صوبا يا انتظامي يونٽ هوندا آهن اتي حڪومت ٽن سطحن Three Layers تي مشتمل هوندي آهي. جنهن ۾ وفاقي يا مرڪزي حڪومت، صوبائي يا رياستي حڪومت ۽ مڪاني ادارا شامل آهن. دنيا جي مڃيل جمهوريتن ۾ ته مڪاني ادارا ايترا مضبوط هوندا آهن جو انهن ادارن جي سربراهن وٽ ڪنهن به ملڪ جي سربراهه کان گهٽ اختيار نه هوندا آهن. انهن علائقن جي آمدني انهن ئي علائقن تي انهن مڪاني ادارن وسيلي خرچ ڪئي ويندي آهي. ايستائين جون اڪثر ملڪن ۾ سياسي پارٽيون مڪاني ادارن کان ئي پروان چڙهي صوبائي ۽ مرڪزي سطح تي حڪومتون قائم ڪنديون آهن. ترڪي جي موجوده حڪمران جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي ۽ فلسطين جي حماس جا نالا انهن پارٽين طور ڳڻائي سگهجن ٿا جن پهرين مڪاني ادارن ۾ جاءِ ٺاهي ۽ پوءِ مرڪزي سطح تي اڀري آيون. دنيا ۾ اهڙا کوڙ سارا ٻيا مثال به موجود آهن. پر اسان جي ملڪ ۾ رڳو وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي سياست ڪئي وئي ۽ صوبن کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن ڪري مڪاني ادار به جڙي نه سگهيا. آمرن ڪڏهن جنرل ايوب خان ۽ ڪڏهن جنرل پرويز مشرف جي صورت ۾ بنيادي جمهوريت يا مڪاني حڪومتن جي نالي تي مڪاني ادارا جوڙيا جن وري صوبن جي حيثيت ثانوي بڻائي ڇڏي. ان ڪري جڏهن انهن جون آمريتي حڪومتون ختم ٿيون ته سندن آندل مڪاني نظام به ويڙهجي ويو.
ملڪ ۾ 2008ع جي عام چونڊن بعد بحال ٿيل جمهوريت جي شروعاتي ٽن سالن تائين ته ملڪ ۾ پرويز مشرف جو ناظمي نظام قائم رهيو پر جيئن ئي ان جو مدو پورو ٿيو ته صوبن ۾ مختلف پارٽين جون حڪومتون هجڻ جي ڪري انهن پنهنجي پنهنجي مرضي جا مڪاني نظام آندا. سنڌ ۾ پهرين مڪاني ادارن جو 1999ع وارو نظام واپس آندو ويو پر پوءِ ترميمون ڪري نئون نظام آندو ويو ۽ انهن ۾ وري ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ڪاميٽيون، ٽائون ڪاميٽيون قائم ڪري چيئرمين ۽ ميئر ٻئي مقرر ڪيا ويا. اهو نظام سنڌ ۾ گذريل چئن سالن کان قائم آهي. جڏهن ته بلوچستان، خيبرپختون خوا ۽ پنجاب ۾ ڪجهه مختلف مڪاني ادارا قائم آهن. سنڌ ۾ مڪاني ادارا پنهنجو مدو ايندڙ مهيني پورو ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هو مڪاني چونڊون هن وقت ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهن ان لاءِ هڪ ته ڪورونا وائرس ۽ ٻيو ته 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جا نتيجا سامهون نه اچڻ کي جواز بڻايو ويو آهي. ان باري ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهم اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ٽي وي چينلن جي بيورو چيفس سان ملاقات دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو مدو 30 آگسٽ تي پورو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ اڃا تائين آدمشماري کي قبول ناهي ڪيو ويو، جيستائين آدمشماري قبول نه ٿي ٿئي، تيستائين تڪ بنديون ۽ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ مشڪل آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن اهو به چيو ته اسان تمام جلد مڪاني ادارن جي مستقبل ۽ انهن جون چونڊون ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ بابت اجلاس ڪوٺائي اهم فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته مڪاني ادارن جي قانون موجب سنڌ حڪومت کي اختيار حاصل آهي ته اها چيئرمينن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري، بهرحال ان باري ۾ جيڪو قانون هوندو اسان ان تي عمل ڪنداسين.
اسان جي ملڪ ۾ عام طور تي اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته مڪاني ادارا آمرن جي ضرورت آهن ان ڪري آمريتي حڪومتون انهن کي طاقت ور بڻائينديون آهن جڏهن ته جمهوريت جون چيمپئن بڻجندڙ سياسي پارٽيون مڪاني چونڊن کان وئون وينديون آهن. اها به حقيقت آهي ته 4 سال اڳ جڏهن مڪاني چونڊون ٿيون هيون ته ان وقت ملڪ ۾ مسلم ليگ نواز جي حڪومت هئي پر اهي چونڊون حڪومت ڪو خوشي مان نه ڪرايون هيون پر ان لاءِ به سپريم ڪورٽ کي مداخلت ڪرڻي پئي هئي. عدالت پاران زور ڀرڻ تي مڪاني چونڊون ته ڪرايون ويون پر مڪاني ادارن کي نالي ماتر اختيار ڏنا ويا جنهن ڪري اهي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام ويا ۽ اهڙي ريت مڪاني ادارن جي قيام جو عوام جي خدمت سندن در جي چائنٺ تي ڪرڻ وارو مقصد فوت ٿي ويو. هاڻ وري سنڌ حڪومت جي هن اعلان مان لڳي ٿو ته مستقبل قريب ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن. اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گذارش آهي ته اهي مڪاني ادارا بحال ڪن ۽ سموريون رنڊڪون ختم ڪري مڪاني چونڊون ڪرائين ته جيئن عوام پنهنجي خدمت لاءِ ماڻهن جي چونڊ ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *