تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

سنڌ ۾ صوفيت جو تنقيدي ۽ تخليقي ڪلچر!

مارچ، اپريل 2004ع ۾ آئون جڏهن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اينٿراپالاجي ۾ ماسٽرس جي شاگرد طور عمرڪوٽ ۾ استاد شفيع فقير ۽ انهن جي مڱڻهار راڳي ڪميونٽي تي فيلڊ ريسرچ ڪري رهيو هوس ته ان دوران صوفي شاهه عنايت شهيد جي سالياني ميلي ۾ پهريون ڀيرو استاد شفيع فقير سان گڏجي ويو هئس. استاد شفيع فقير شاهه شهيد جي سالياني ميلي ۾ شام جو ٿيندڙ ڪچهري جي راڳ ۾ صوفي صادق شاهه جو ڪلام پيش ڪندو آهي، ان کان علاوه هن ڪچهري جي راڳ جي روايت ۾ سائين رکيل شاهه درگاهه فتح پور بلوچستان جا راڳي فقير پڻ ڪلام پيش ڪندا آهن. جيئن ته مان راڳيندڙن ۽ راڳ ويراڳ تي ريسرچ ڪري رهيو هوس، ان ڪري منهنجي لاءِ بطور اينٿراپالاجسٽ هن ميلي ۾ شرڪت سنڌ ۾ صوفي درگاهن تي ٿيندڙ راڳ جي روايت ۽ ورثي جي حوالي سان ڏاڍو اتساهيندڙ هئي، ڇو ته سنڌ ۾ صوفي شاهه شهيد جي درگاهه صوفياڻي راڳ ويراڳ جي حوالي سان هڪ منفرد تعارف رکي ٿي، ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شاهه شهيد جي درگاهه نه صرف سنڌ پر پاڪستان ۾ صوفي راڳ ويراڳ جي ورثي جو هڪ انتهائي وڏو مرڪز آهي، جتي سڄي سنڌ جي صوفي درگاهن جا راڳي فقير، مريد، عقيدتمند، نوجوان ، ڪامريڊ، قومپرست، پيڙهيل طبقا ۽ عام ماڻهو اچي راڳ ٻڌن ٿا.
اُتي استاد شفيع فقير منهنجي ملاقات شاهه شهيد جي موجوده گادي نشين جي ڀاءُ صوفي غلام حسين ستاري سان ڪرائي جيڪو انتهائي خوش دل ۽ دلبر دوست طور مون کي ميلي ۾ صوفياڻي راڳ جي روايت بابت معلومات ٻڌائيندو رهيو. تصوف، صوفي درگاهن، اُتي ٿيندڙ ميلن ۽ راڳ ويراڳ جي ڪلچر ۽ ان کان علاوه ٻين سماجي سياسي پهلوئن تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ ٿئي پيو، ڪافي تنقيدي پاسا آهن جنهن بابت ڳالهائي سگهجي ٿو، پر اڄوڪي مضمون ۾ پاڻ هڪڙي رخ تي ڳالهائينداسين.
هتي برن يونيورسٽي سئٽزرلينڊ ۾ مون پنهنجي پي ايڇ ڊي ريسرچ جي حوالي سان تازو اينٿراپالاجي جو هڪڙو ڪتاب پڙهيو، جنهن جي موضوع کي صوفي ڪلچر ۽ خاص ڪري شاهه شهيد جي درگاهه تي ٿيندڙ صوفياڻي راڳ، اُتي ٿيندڙ ڪثرتي سماجي معاشي طبقن سان لاڳاپيل ماڻهن جي شرڪت جي حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو. ڪتاب جو موضوع آهي تخليقيت ۽ اينٿراپالاجي (Creativity & Anthropology)۽ ڪتاب جا ٽي ايڊيٽر آهن سمدر لوي، ڪرن نارائڻ، رينا ٽوروزالڊو، ڪتاب جو مک تجزياتي موضوع ۽ نُڪتو اينٿراپالاجي طرفان “ثقافتن ۾ تخليقيت” کي فوڪس ڪرڻ جي حوالي سان آهي، يعني ڪلچر ۾ تخليقي، تنقيدي ڪردار، دانائي، تخيل، نواڻ، ڊائلاگ، مُروج، مڃيل ۽ جمودي قدرن ۽ روايتن جي اُبتڙ متضاد، تبديل ٿيندڙ، مزاح، چٿر، طنز، خودشناسي وارا ڪردار ۽ خيال، ڪوي ۽ ڪويتائون، داستان ۽ داستان گو ثقافتي اظهار وغيره مطلب اهي اينٿراپالاجسٽ جن مختلف ڪلچرس ۾ انهن رخن تي ڪم ڪيو آهي، ان کي هن ڪتاب ۾ ثقافتي تخليقيت ۽ اينٿراپالاجي طور ڏٺو ويو آهي. هاڻي اسان ان موضوع کي سنڌ يا مسلم معاشرن ۾ تصوف جي ڪلچر سان ڪيئن ڏسي سگهون ٿا؟ اسان ان کي صوفي ميلن، راڳ ويراڳ، صوفين جي مثال طور ڏسي سگهون ٿا، اهو ان معنيٰ ۾ ته ميلا بنيادي طور هڪ اينٿراپالاجسٽ لاءِ ثقافتي سماجي سياسي اظهار جو تخليقي دائرو آهن، جيڪي ڳالهيون ۽ شيون ماڻهو مُروج قدرن واري نظام (Normative Order) ۾ نٿو ڪري سگهي اُهي ميلي ۾ آساني سان اظهاري سگهي ٿو. اوهان صرف صوفي شاعري ۽ راڳ جي اظهار جو ئي مثال وٺو ته اهو ڪهڙي نه تنقيدي، اُبتڙ نوعيت جو هوندو آهي، اهو مروج سماجي ڍانچي ۾ ڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. صوفي ميلن ۾ صوفين جو راڳ، شاعري ان مروج قانوني ڍانچي جي حدبندين کي ٽوڙي ٿو، مثال طور سنڌ جي هڪڙي وڏي هاڪاري ملامتي صوفي فقير مهدي سائين جي هڪ ڪلام جا ٻول آهن؛
سڀئي ڀڳيون سين حدون، ڪاهي پيا آهيون ان قصور ۾،
يا صوفي فقير علي محمد ٽالپر جو ڪلام آهي.
خيال ۾ آهيان خيال ۾ ملندس، خيال ڏٺم خود کولي او يار!
اهو ڪير ٻوليون ٿو ٻولي، اهو پاڻ ٻوليون ٿو ٻولي او يار!
خيال ۾ هندو خيال ۾ مسلم، خيال ۾ سک، خيال ۾ عيسائي،
خيال ۾ آدم ذات سڏايم ، حق انهي جي اولي او يار!
هاڻي جي تخليقي اينٿراپالاجي جي فريم ورڪ سان انهن صوفي شاعرن جي خيالن کي ڏسبو ته بلڪل هو هڪڙا تخليقي تنقيدي صوفي ڪردار ٿي سامهون بيهن ٿا، جيڪي مُلا واري مروج محدود اسلامي تشريح جي ابتڙ هڪ تخيل، دانائي ۽ ڊائلاگ پيش ڪن ٿا ۽ اهو ئي اهم نُڪتو آهي تخليقي اينٿراپالاجي جو، ته ڪلچرس ۾ تخليقي ثقافتي اظهاريندڙ ڪردارن، خيالن، فڪرن کي ڏسجي ته جيئن ڪلچرس بابت جمودي تصور جي ابتڙ ڪلچر جو تخليقيت، تخيل ۽ تبديلي جو تصور اُڀري. خود شاهه شهيد جو مزاحمتي صوفياڻو ڪردار مغل دور جي سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جو تخليقي ڪردار آهي، جنهن وٽ پنهنجو فڪر آهي، جيڪو ماڻهن جو ميڙ ٿو ميڙي مقامي ۽ مرڪزي اقتداري قوتن خلاف.
تخليقي اظهار جي حوالي سان شاهه شهيد جو ميلو ان ڪري به اهم آهي جو سڄي سنڌ جي صوفي درگاهن جا راڳي فقير ۽ لاڳاپيل ڪميونٽيز اچي اتي گڏ ٿين ٿا، شاهه شهيد جي ميلي ته هندو سيٺئي ڪلاس سان گڏ پيڙهيل هندو ذاتين، طبقن جون ٻاريون ۽ راڳي فقير به اچن ٿا. شاهه شهيد جي درگاهه ۽ ميلي ۾ تخليقيت جي حوالي سان ياد ٿو اچي ته 2012ع ۾ مان ۽ منهنجو سنڌ يونيورسٽي جو استاد دوست ڪامريڊ شعبان سهتو ويا هياسين جتي اسان جي ملاقات ٻن عجيب ۽ منفرد ڪردارن سان ٿي هئي، فقير حاجي سليم مهر ۽ جوڻيجو فقير جنهن جو نالو وسري ٿو. فقير سليم مهر جيڪو گذريل سال هن جهان مان پيالو ڪري ويو آهي، پنهنجي سڀاءَ ۾ مڻيادار ماڻهو، جمودي قدرن اُبتڙ هڪ عجيب ڪردار هو. اسان جون ميلي جا ٽئي ڏينهن ۽ راتيون وڏيون ڪچهريون ٿيون هيون، جنهن ۾ استاد شفيع فقير، صوفي غلام حسن ستاري به گڏ هئا. ڪامريڊ شعبان جو کين اهو سمجهائڻ تي زور هو ته صوفي ازم موجوده حالتن ۾ سنڌي سماج لاءِ ڪنهن ڪم جو ناهي، فقير سليم انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهو، هن جهان مان پيالو ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين مون سان مسلسل رابطو ڪندو هو، واٽس ايپ ڪال ڪندو هو، ڊگهيون ڪچهريون ڪندو هو، سنڌ جي سياست تي سماجي قدرن تي. پنهنجو پاڻ کي اڻپڙهيل چوندو هو، پنهنجا پٽ ۽ نياڻيون سڀ پڙهايائين، آخري دفعو مان جڏهن ماسڪو ۾ هئس ته اتي به رات دير سان ڪال تي ڪچهري ڪئي هئي سين.
هن سال شاهه شهيد جو ميلو گذري ويو، مان سئٽزرلينڊ ۾ هجڻ ڪري نه وڃي سگهيس، ڪلهه پنهنجي يونيورسٽي آفيس ۾ شام جو يو ٽيوب کوليم ته فقير مجيد سيال، جيڪو شاهه شهيد جي درگاهه جو ويراڳي فقير آهي، تمام سهڻو ڳائيندو آهي، هُن جو 2017ع ۾ ڪراچي ۾ انٽرنيشنل صوفي ڪانفرنس ۾ ڳايل ڪلام جيڪو دراصل شاهه شهيد جي صوفياڻي مزاحمتي تحريڪ واري ورثي کي ڀيٽا آهي، کي ٻڌڻ لاءِ ڪلڪ ڪيم، ڪلام جا ٻول آهن،
“دمادم شاهه شهيدا، دمادم مست شهيدا”
ڪلام ٻڌندي مون سوچيو پئي ته شاهه شهيد جي مزاحمتي تحريڪ جهڙن تخليقي ڪردارن جي سنڌ جي موجوده جمودي سماج کي اشد ضرورت آهي، سنڌي سماج کي عملي طور هڪ تنقيدي تخليقي ڪلچر گهرجي جيڪو تبديلي لاءِ تحريڪ جو ڪم ڏئي.

Bookmark the permalink.

3 Responses to سنڌ ۾ صوفيت جو تنقيدي ۽ تخليقي ڪلچر!

  1. شير مهراڻي says:

    بهترين

  2. رميش راجا says:

    سائين اوهين جس لهڻو اسان جو اوهان کي سلام حق موجود

  3. Ali Raza Soomro says:

    سنڌ جي اندر ئي هڪ پڙهيل لکيل طبقو صوفي لڏي کي ڪاهل، سست سڏيندڙ آهي. ان طبقي جو خيال آهي ته اڄ جي خانقاهي ڪلچر، پيري مريديءَ جي عجيب رسم پيدا ڪري ماڻهن کي انڌي تقليد جو خواه مخواه پوئلڳ بڻايو آهي. ٻيو ته درگاهن تي صرف مسئلن جا ماريل ۽ غربت جا سٽيل ماڻهن جا هشام ئي گڏ ٿين ٿا. اهي سڀ ڳالهيون پهنجي جاءِ تي، پر سنڌ ۾ ڪنهن به شعبي ۾ جڏهن علمي، ادبي، تنقيدي ۽ تخليقي ڪم ٿئي ٿو ته خوشي محسوس ٿئي ٿي. تصوف تي تنقيدي ۽ تخليقي حوالي سان اسان وٽ ڪم بنهه نه هئڻ جي برابرآهي. رفيق وساڻ جي ڪالم ۾ ان حوالي سان نواڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڏسون ته اڳتي هلي هوثقافتي تخليقيت جي تناظر ۾ صوفي راڳ رنگ، شاعري ۽ ان جا سماج تي پوندڙ مثبت ۽ منفي اثر جي حوالي سان ڇا پيش ڪري ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *