تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سنڌ ۾ حڪمراني ڇو نظر نه ٿي اچي؟

سنڌ ۾ حڪمراني جي انداز تي سوال ته ڪيتري وقت کان وٺي سياسي مخالف ۽ عام ماڻهو اٿاريندا رهيا آهن ۽ حڪمران ڌر انهي کي سياسي مخلفن جي پروپئگنڊا سڏي پاڻ ۾ سڌارا آڻڻ بدران انهي کان ڪن لاٽار ڪندي رهي آهي پر هاڻي ته ڳالهه سياسي مخالفن ۽ عام ماڻهو کامن وڌي اچي ملڪ جي اعليٰ عدليا تائين پهتي آهي جو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اهڙا ريمارڪس ڏيڻ تي مجبور ٿيو آهي ته سنڌ ۾ ڪٿي به حڪمراني نظر نه پئي اچي، وڏو وزير رڳو هيليڪاپٽر تي دورا ڪندو آهي ۽ هر ماڻهو مافيا بڻيل آهي.
ڪراچي ۾ برساتن دوران سائن بورڊ ڪرڻ ۽ ٻن شهرين جي زخمي ٿيڻ جو پاڻمرادو نوٽيس جي شنوائي ڪندي چيف جسٽس اهڙا ريمارڪس ڏنا.توڙي جو انهي شنوائي ۽ انهي شنوائي دوران چيف جسٽس جي ريمارڪس جو محور رڳو ڪراچي شهر جا مسئلا هيا پر جيڪڏهن ڏسجي ته اهي سڄي صوبي تي حڪمراني جي انداز ۽ کاتن جي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري رهيا هيا ته بيڊ گورننس جا سڄي صوبي تي ڪهڙا اثر پيا آهن.صوبي جو ڪو به کاتو پاڻمرادو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.سانوڻي جي برساتن حڪومت جي انهي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري پڌري پٽ ڪيو آهي،سانوڻي کان اڳ سڄي سنڌ جي آبپاشي نظام جي پڇڙي وارا سوڪهڙي جو شڪار هيا ته هاڻي برساتن کانپوءِ سنڌ جا اڪثر علائقا ٻوڏ جو منظر پيش ڪري رهيا آهن مڪاني ادارن جي نگراني ۾ هلندڙ هر شهر جو ڊرينيجنظام ناڪاره بڻيل آهي. ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ٿو ملي ته ضلعي اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي پرچي کانسواءِ ٻي ڪا سهولت نه ٿي ملي. ساڳئي طرح شهرن ۾ هر هنڌ سرڪاري ايراضين تي قبضا آهن ته ڪير انهي تي ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهي ،ضلعي انتظاميا جي حالت اها آهي جو پنهنجي آفيسن کان ٻاهر جي دنيا جي انهن کي خبر ئي ناهي باقي سڄو ڪم ڪاغذن ۾ اهڙو ڏيکاريل هوندو ڄڻ سڄي سنڌ سون لڳي پئي آهي. جيڪڏهن امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺبو ته اتر سنڌ هڪ دفعو ٻيهر ڄڻ ڌاڙيلن ۽ هٿياربندن حوالي هجي، جتان ڪيترا ئي ماڻهو اغوا ٿيل آهن ۽ پوليس انهن ڌاڙيلن خلاف ڪا اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي.اهو ته ڪورونا جو ڪمال آهي جو ڪجهه مهينن کان تعليمي ادارا بند پيا آهن نه ته اڪثر اسڪول اوطاقون بڻيل ،جنهن جو تعليم وارو وزير پاڻ اسيمبلي ۾ اعتراف ڪري چڪو ته اهڙن هنڌن تي اسڪول ٺاهيا ويا جيڪي هاڻي وڏيرن جون اوطاقون يا مال جا وٿاڻ بڻيل آهن ڇو ته اتي اسڪولن جي ضرورت ئي نه هئي ۽ سرڪاري خرچ تي سياسي رشوت طور وڏيرن کي اهي عمارتون ٺهرائي ڏنيون ويون.جيڪڏهن استادن جي ڀرتين جو حوال وٺجي ته ان جو اعتراف پاڻ تعليم وارو وزير ڪري چڪو ته استادن جا بلينڪ آرڊر سياسي ماڻهن کي ڏنا ويا انهن جي جاچ ڪٿي پهتي اڃان تائين ڪا خبر ناهي. اهو ته هيو ڪجهه صوبائي کاتن جو ذڪر جيڪڏهن صوبي ۾ وري ڪي اليڪٽرڪ کان وٺي حيسڪو ۽ سيپڪو جو جائزو وٺجي ته گهٽ انهن به نه ڪئي آهي ڀلي کڻي اهي وفاقي حڪومت جي نگراني يا ماتحتي ۾ ڪم ڪندا هجن پر انهن جا افعال به ساڳيا ئي آهن ۽ صوبائي حڪومت انهن خلاف ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ ڀوڳي اهو عوام ئي ٿو جيڪو 18 ،18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ سخت گرمين جا ڏينهن گهاري ٿو.انهي کانسواءِ کائڻ پيئڻ جي عام واهپي جي شين جي وڌندڙ اگهن کان وٺي ذخيره اندوزي سميت ٻيا کوڙ مسئلا آهن جيڪي عوام کي ڀوڳڻا پون ٿا پر حڪومت ۽ انتظاميا جو ڄڻ ڪو واسطو ئي ناهي جو انهن معاملن کي حل نه ته به گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. سنڌ حڪومت کي پنهنجي حڪمراني جي انداز کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن عوام جي تڪليفن ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *