تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌ ۾ بهتر پوليسنگ جو تصور ڪيئن جڙندو؟

سنڌ حڪومت ۽آءِ جي پوليس ۾ هلندڙ اختلافن جو ڊراپ سين آخرڪار سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ مٿان چارج شيٽ ۽ وفاق کي لکيل خط سان ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام جون خدمتون فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار پاران آءِ جي سنڌ مٿان جيڪي الزام لڳايا ويا آهن تن ۾ سندس ڪمانڊ جي ڪمزوريءَ سبب بدامنيءَ جي واقعن ۾ واڌ، رولز آف بزنس جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سميت ٻيا به الزام لڳايا ويا آهن.
جيتري قدر سنڌ ۾ بدامنيءَ جو تعلق آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ ۾ بدامنيءَ جا واقعا هاڻ شدت اختيار ڪري ويا آهن. هڪڙي پاسي ڪچي جا ڌاڙيل آهن، جن پاران نئين ٽيڪنالاجي ۽ عورتن جو استعمال ڪندڙ ماڻهن کي ڀنگ عيوض اغوا ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ڪراچي جي پوش علائقن مان دعا منگي ۽ بسمه ميمڻ جي اغوا ۽ ڀنگ عيوض بازيابي جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، سو ان حوالي سان ته شايد ئي ڪنهن کي اختلاف هجن ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي ناهي. پر ٻئي پاسي اهو به سچ آهي ته ڪليم امام ڪو پهريون آءِ جي پوليس ناهي، جنهن جا سنڌ حڪومت سان اختلاف ان حد تائين رهيا هجن جو معاملو الزام بازيءَ تائين پهتو هجي پر ان کان اڳ اي ڊي خواجا جڏهن آءِ جي هو ته سنڌ حڪومت سان سندس تڪرار وڃي عدالت تائين پهتو هئو. تنهنڪري عام ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال پيدا ٿيڻ فطري آهن ته آخر آءِ جي پوليس ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڪا ورڪنگ رليشن شپ ڇو نٿي جڙي؟ جيڪا نه هجڻ سبب نه رڳو حڪومت جي عملداري ڪمزور ٿئي ٿي پر ڏوهارين جا به حوصلا وڌن ٿا، نتيجي ۾ عام ماڻهو ڀوڳي ٿو، جيڪو نه رڳو جاني پر مالي، ذهني ۽ جسماني پيڙائن مان گذري ٿو. انهيءَ ورڪنگ رليشن شپ نه هجڻ جا سبب انتظامي هجن يا اختياري ٻنهي صورتن ۾ پوليس جي مورال کي پڻ ڌڪ لڳي ٿو. هيٺئين سطح تائين پوليس فورس ۾ بددلي ۽ بي چيني پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ بي چينيءَ جو هڪ مک سبب پوليس اندر سياسي مداخلت به آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪو نئون لقاءُ ڪونهي. پنهنجي پسند جا آفيسر مقرر ڪرائڻ ۽ ناپسند آفيسرن کي بدلي ڪرائڻ جي سياسي روايت هڪ کليل راز آهي پوءِ انهن پوليس آفيسرن کان سندن پيشيوراڻين ذميوارين ۽ فرضن کان هٽي ڪم وٺڻ وارو معاملو به ڪنهن کان لڪيل ڪونهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن پوليس کي فقط سياسي مفادن جي پورائي جو ذريعو سمجهيو وڃي ته پوءِ انهن مان پروفيشنل هجڻ جي توقع ڪيتري رکي سگهجي ٿي؟ بنيادي ڳالهه پوليس کاتي جي عوام اندر ساک ۽ اعتماد جي آهي، عوام جي اڪثريت وٽ پوليس جو تصور ڪنهن محافظ اداري وارو نه جڙي سگهڻ ۽ پاڙون پختيون نه ڪرن سگهڻ جو سبب اهو ئي آهي ته پوليس کي هڪ نج پروفيشنل اداري طور اُسرڻ جو موقعو ئي فراهم نه ڪيو ويو آهي. پوليس جي بنيادي ڍانچي کان ويندي اهلڪارن جي ڀرتين، تربيت، هٿيارن ۽ سهولتن کان ويندي ڏوهارين جي نفسيات ۽ جاچ جي جديد طريقن تائين ڪيترن ئي حوالي سان سنڌ پوليس پنهنجو اميج بهتر ڪرڻ ۾ کُٽل آهي. مٿان وري انهيءَ اداري جي سربراهه ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڪو ربطه، هم آهنگي ۽ ورڪنگ رليشن شپ نه هجڻ بدران اختلاف ايترا شديد هجن جو ان کي هٽائڻ لاءِ پوري چارج شيٽ ڏني وڃي ته پوءِ سنڌ ۾ بهتر پوليسنگ جو تصور ڪيئن ٿو جڙي سگهي؟
جيتوڻيڪ صديون پُراڻيون انگريزن جو پوليس قانون ختم ٿي چڪو، نئون قانون پاس ٿي چڪو، جنهن تحت سيفٽي ڪميشن جا اجلاس به ٿين ٿا، پوليس پلان به پيش ٿين ٿا، پر زميني حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کان ويندي شهري علائقن تائين خوف واري صورتحال آهي. هو امن امان چاهين ٿا، ڏوهن کان نجات ۽ تحفظ چاهين ٿا. اها ڪنهن جي ذميواري آهي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *