تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ ۾ بجليءَ جي بحران جو ذميوار ڪير؟

سنڌ ۾ بجليءَ جو بحران هڪ وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ماڻهن جي زندگي عذاب آهي، واسطيدار اختياريون عملو اگھور ننڊ ۾ بيپرواهه آهن، ڇو ته ماڻهن کي سهولت ڏيڻ، ماڻهن جي مصيبت کي گھٽائڻ ۽ انهن جو ازالو ڪرڻ بجاءِ هو انهن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.
واپڊا هڪ اهڙي بي لغام ۽ زوردار کاتو آهي جنهن سان ڪنهن به عام ماڻهوءَ جو مهاڏو اٽڪائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي،توڙي جو هاڻي بجلي جي ورهاست لاءِ مختلف ڪمپنيون قانم ڪيون ويون آهن جيڪي مختلف ريجن ۾ مختلف نالن سان ڪم ڪن پيون جيئن حيسڪو ،سيپڪو ،ڪي اليڪٽرڪ وغيره وغيره، پر اڄ به انهن کي صرف وڏا ماڻهو، بااثر ماڻهو ۽ طاقتور ماڻهو ئي منهن ڏئي سگھن ٿا، ڇو ته جيڪو به انهن جي خلاف ڳالهائيندو آهي يا ڪو دانهن ڪوڪ ڪندو آهي ته ان کي واڌو بل ۽ ڳاٽي ٽوڙ بجلي بل ملندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪو وڌيڪ ڀوڳيندو آهي اهو آهي عام ماڻهو، غريب ماڻهو ڇو ته هو نه ڳالهائي سگھندو آهي نه ئي وري هن جي ڪا مالڪي هوندي آهي.
جيئن اپريل شروع ٿيندو آهي ته گرميون وڌڻ شروع ٿينديون آهن تڏهن کان انهن ڪمپنين وارن جا جاوا ۽ ڪمائڻ جي سيزن شروع ٿيندي آهي، پوءِ وري لائين مينن کان ويندي لائين سپروائيزرن تائين ۽ سپر وائيزرن کان ايس ڊي او تائين، ميٽر ريڊر کان وٺي ميٽر سپروائيزر تائين سڀني جي اهميت به وڌي ويندي آهي.
اڳي ايئن هوندو هيو جو لائين مين پاڻ ڪم ڪندا هئا پر هاڻي انهن لائين مين صاحبان جا به الڳ ڇاڙتا آهن جيڪي انهن سان ڪم ڪندا آهن ۽ پوءِ وري شاباس طور اهي پنهنجي گھر جي ته بجلي مفت ٻاريندا آهن پر پنهنجي پاڙي وارن کي هو پئسن تي ڪنيڪشن ڏيندا آهن جنهن مان انهن کي ڪنهن ننڍي ۽ ڪچي ملازم جيتري آمدني ٿيندي آهي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي جو جنهن جو ميٽر هوندو آهي ان تي ڪنڊي واري جو سمورو بار ڪيرايو ويندو آهي. ملڪ ۾ هر شيءِ اميد جي ابتڙ ٿيندي آهي. هڪ عام ماڻهو، غريب ماڻهو، مزدور ماڻهو، جنهن جي گھر ۾پکو به مشڪل سان هوندو آهي ۽ ٻيون جيڪي اضافي گھريلو سطح تي استعمال ٿيندڙ شيون آهن. ايئرڪنڊيشنڊ، فرج، استري، گيزر، هيٽر، ايئر ڪولر اهي سڀ شيون ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهو وٽ ته ٿي سگھن ٿيون پر عام مزدور، مسڪين ماڻهو وٽ مشڪل سان هونديون، ڇو ته ڏهاڙيءَ تي ڪمائڻ وارا ماڻهو اهي شيون نٿا خريد ڪري سگھن. پر هن کي هنن سمورين مٿي ذڪر ڪيل شين جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن عام طور تي بجلي جي کپت جو جائزور ورتو وڃي ته گھڻي بجلي ڪير استعمال ڪندو آهي.
زميندار، وڏا آبادگار، جن وٽ ٽيوب ويل آهن، جنريٽر آهن ۽ اوطاقن ۾ ايئرڪنڊيشنڊ لڳل آهن، گھرن ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ لڳل آهن اهي گھڻي بجلي استعمال ڪندا آهن.
ٻيا اهي ڪاروباري ماڻهو ڪارخانيدار، دڪاندار، وڏا سيٺيون جن وٽ هر ڪمري ۾ ايئرڪنڊيشنڊ لڳل هوندا آهن انهن وٽ به بجلي گھڙي استعمال ٿيندي آهي.
اسان جا چونڊيل نمائندا، وزير، مشير جن وٽ بجلي استعمال ڪرڻ جو لائسنس هوندو آهي ۽ اختيار هوندو آهي۽ اهي تمام گھڻا بااثر ۽ طاقتور هوندا آهن، انهن جي بي جا ۽ بي رحماڻي طريقي سان استعمال سبب اسان وٽ بحران به رهي ٿو ۽ کوٽ به رهي ٿي ڇو ته انهن کي ڪير به چوڻ وارو نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري روڪڻ وارو هوندو آهي. اهي شهنشاهه ۽ بادشاهه هوندا آهن ڇو ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن.
ٻيو اسان وٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارو ڪم تمام گھڻي سست رفتاريءَ سان هلي رهيو آهي، لڳي ٿوڪرائي تي هلندڙ بجلي وڌيڪ فائدي مند آهي جنهن جي ڪري پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ سان شايد فائدو نه ٿيندو.
هڪ سال پهرين اهي چوٻول هيا ته بابا هاڻي پوري ملڪ ۾ ڪيبل سسٽم اچي ويو آهي تنهن ڪري هاڻي بجلي چوري نه ٿي سگھندي، پر اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھندو ته بجلي چوري نه ٿئي. پهرين ڳالهه ته سمورا ڪنيڪشن ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيا وڃن. ٻي ڳالهه ته انهن سمورن صارفين جي کپت مطابق هڪ حد مقرر ڪئي وڃي جيئن اسان موبائيل استعمال ڪندا آهيو، جنهن ۾ هڪڙا پوسٽ پيڊ نمبرز هوندا آهن، ٻيا وري پنهنجي ضرورت ۽ حيثيت مطابق هوندا آهن ۽ صارف جي پراڻي ريڊنگ مطابق هڪ حد مقرر ڪري اهي ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن، اهڙيءَ طرح سان ڪنڊا ڪلچر مان جان آجي ٿي ويندي ۽ بجلي جوغير ضروري استعمال ۽ زيان ٿيڻ کان جان ڇٽندي.
ٻي ڳالهه ته اصل ۾ بجليءَ جا چور وڏا ڪارخانيدار، صنعتڪار ۽ ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جا مالڪ آهن ۽ اهي پنهنجي پئسي جي طاقت جي زور تي بجلي چوري ڪري ڪارخانا هلائيندا آهن، غريب ماڻهو انهن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه به ناهن.
ٻي اهم ڳالهه ته بجليءَ جي چوريءَ ۾ ملوث ملازمن کي چوري ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ نوڪرين مان ڪڍيو وڃي ڇو ته انهن جي پيشيوراڻا بدديانتيءَ جي ڪري اداري کي تمام گھڻو نقصان ٿو پوي. ڇو ته انهن جي واردات ڪرڻ جو طريقو به نرالو ۽ منفرد آهي، اهي پنهنجي صارفين کان پئسا وٺي ميٽر شنٽ Shunt ڪري ڏيندا آهن جنهن سان ميٽر هلائيندڙ جو بل گھٽ ايندو آهي ۽ ميٽر نه هلندو آهي، ان کان سواءِ هڪ نئون ڊرامو جيڪو هلي پيو اهو آهي اصلي ميٽر ۽ نقلي ميٽر، ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو رات ڏينهن ايئرڪنڊيشنڊ هلائڻ ٿو چاهي ته اهو لائين مين يا لائين سپروائيزر کي هر مهيني 15 هزار رپيا ڏيندو يعني في اي سي تي پنج هزار رپيا ۽ ٽي ايئر ڪنڊيشنڊ تي پندرنهن هزار رپيا، جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڪيلي سر نٿو ڏئي سگھي ته ان صورت ۾ هو ٻه ٻيا ماڻهو به پاڻ سان گڏ شامل ڪري هن فائديمند اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ هي سڀ ڪجھه اهڙي ديدا دليري سان ڪنهن اعليٰ آفيسر جي سرپرستيءَ کان سواءِ ڪو ننڍو اهلڪار يا ملازم ڪري سگھي ٿو؟
هن سڄي پسمنظر ۾ صرف غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهو ڀوڳي ٿو. اهڙي بيداد نگري ۽ انڌير نگري کي بند ڪرڻ لاءِ ۽ عام ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن فرق بجلي جي سهولت ڏيڻ لاءِ هنن ظلمن ۽ زيادتين جو ازالو ٿيڻ گھرجي ۽ پنهنجي اداري سان سچائي ثابت قدميءَ جو ثبوت ڏيڻ گھرجي نه ته چوندا آهن ته گوشت جا واهي گدڙ هوندا ته پوءِ ڪک به نه بچندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *