تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سنڌ ۾بدامني جي ڀڙڪندڙ باهه

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي تازي لهر شروع ٿي وئي آهي، جتي ڪراچي ۾ ڀتي خور دڪانن تي ڪريڪرن جا حملا ڪري رهيا آهن ته اتي مختلف ضلعن ۾ ڌاڙيلن ماڻهن کي اغوا ڪرڻ ۽ ڀنگ وٺڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڏنو آهي، اخبارون جتي سياسي خبرن جي والار هيٺ هجن ٿيون اتي سياسي خبرن کي ڇڏي ٻيون سموريون خبرون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان بدامني سان ئي تعلق رکن ٿيون، نه رڳو اغوا ۽ ڀتي خوري جو سلسلو شروع ٿيو آهي پر گڏو گڏ روزانو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهي به خبرون اچي رهيون آهن ته ڪنهن غريب جي ٻڪري محفوظ ناهي، ڪو ماڻهو دڪان آڏو موٽر سائيڪل بيهاري سامان وٺڻ ٿو وڃي ته پٺيان ڪاٽڪو سندس موٽر سائيڪل به ڪاهي ٿا وڃن. هي سڀ ڪجهه اهڙن ڏينهن ۾ شروع ٿيو آهي جڏهن سنڌ جي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊيل پ پ سرڪار پنهنجي لاڳيتي ٽئين اقتداري دور ۾ ڪيترائي ڀيرا پوليس قانون ۾ ترميمون ڪري اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته امن امان اسان جي ذميواري آهي، هاڻ ماڻهن جو جان ۽ مال محفوظ هوندو. گڏوگڏ اي ڊي خواجه جي دور کان وٺي آءِ جي سيد ڪليم امام تائين سنڌ حڪومت جا پوليس آفيسرن سان جيڪي به جهيڙا ٿيا انهن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جو سمورو زور ان ڳالهه تي هو ته پوليس سندس ماتحت ناهي ان ڪري بدامني ٿي رهي آهي، پوليس کي پنهنجي ماتحت ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار 4 ڀيرا نه رڳو پوليس قانون ۾ ترميمون ڪيون پر پبلڪ سيفٽي ڪميشن ٺاهي اها به دعويٰ ڪئي وئي ته هاڻي پوليس به عوام جي چونڊيل حڪومت آڏو جوابداه آهي. پهرين ٻه چار ڏينهن ۾ ته تڪڙيون تڪڙيون گڏجاڻيون ڪري ان وقت جي حڪومت مخالف آءِ جي ڪليم امام تي دٻاءُ وڌا ويا پر جيئن ئي ڪليم امام هٽيو ۽ موجوده آءِ جي مشتاق مهر چارج سنڀالي ته ڄڻ سنڌ حڪومت مٿان سمورو بار لهي ويو ان حد تائين ته کپرو ۽ نئون ڪوٽ شهر ۾ پوليس ڪوڙن مقابلن ذريعي نوجوان ماريا، ڄامشورو ۾ پوليس کوسن جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٿڃ پياڪ ٻارن ۽ پيرن اگهاڙين عورتن کي به ڌاڙيلن وانگر پوليس وينن ۾ واڙي عدالتن تائين پهچايو پر موجوده حڪومت جي ڪن تي ڄڻ جونءَ ئي نه سري ڪنهن به وزير ڪا به پريس ڪانفرنس نه ڪئي، ويندي مذمتي بيان جاري ڪرڻ جيتري زحمت به نه ڪئي.
محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ڄڻ ته سنڌ حڪومت جو سمورو زور سنڌ جي ماڻهن کي امن ڏيڻ نه پر ان وقت جي آءِ جي ڪليم امام کي ئي هٽائڻ هو. جيئن ئي ڪليم امام هٽيو آهي سنڌ ۾ جنهن بدامني جي لهر ڪر کنيو آهي ان سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پريشان ڪري ڇڏيو آهي، روز جون اخبارون پڙهي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اسان واپس ان دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون جڏهن شام ٿيندي ئي سنڌ جا روڊ ڌاڙيلن حوالي ٿي ويندا هئا. چور گهوٻاٽا کڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندا هئا، نه ڪنهن غريب جي گهر ۾ سڄي رلي ڇڏيندا هئا نه ڪو ٺڪر ٿانو ڇڏيندا هئا، ويندي سٺا ڪڪڙ به چوري ڪري ويندا هئا، چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچي چڪا هئا، سنڌ جا مختلف علائقا جيئن هن وقت وڏيرن وٽ ورهايل آهن تيئن انهن ڏينهن ۾ ڌاڙيل ۽ چورن وٽ ورهايل هئا، پر پوءِ جڏهن وقت جي حڪومتن اکيون کوليون ته جڳ جهان ڏٺو، جيڪي ڌاڙيل ڀريل بازارن ۾ مڇون وٽي، فني خان ٿي پيا گهمندا هئا انهن کي ٻيلن ۾ به لڪڻ جي جاءِ نه پئي ملي جيستائين وقت جي حڪومت جي سچائي هئي يا انهن چاهيو ٿئي ته سنڌ جا ماڻهو بدامني جي باهه ۾ سڙي سڙي هاڻي ٿڪجي پيا آهن کين ٿورو سک جو ساهه ملڻ کپي تيستائين سنڌ ۾ امن رهيو پر وقت سان گڏ اهو امن ڄڻ عارضي هو. هاڻ ٻيهر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بدامني جون دونهيون دکي رهيون آهن، ظاهري طور ڀلي اهي ڌاڙيل ڪنهن هڪ ماڻهو کي اغوا ڪري ڀنگ وٺندا هجن يا لوفر پستول تاڻي ڪنهن دڪاندار کان ڀتو وٺندا هجن يا وري ڪو چور آڌي رات جو لوڙها لتاڙي ڪنهن غريب جي در تان ٻڪري چوري ڪندو هجي پر اهي واقعا مجموعي طور ان شهر يا علائقي جي سڄي معاشي ۽ سماجي زندگي تي اثر وجهندا آهن. ڌاڙيلن جي هڪڙي واقعي کانپوءِ ماڻهو رات جو خوف ۾ سفر ڪرڻ بند ڪندا آهن، عزت ڀريو شريف ماڻهو رات جو پنهنجي ٻني ٻاري تي ناهي نڪرندو، گڏوگڏ علائقا خوف ۾ به وٺجي ويندا آهن. سنڌ سرڪار کي سياسي بيان بازين، وفاقي سرڪار جي غلطين ڳولڻ واري انتهائي ضروري ڪم مان ٿورو واندو ٿي هفتي کن جون اخبارون پڙهي سنڌ اندر وڌيل بدامني تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مون کي ياد آهي ته ماضي ۾ هر مهيني يا گهٽ ۾ گهٽ 2 مهينن اندر امن امان جي حوالي سان هڪ اڌ اجلاس ضرور ٿيندو هو جنهن ۾ سنڌ جو گهرو کاتو ۽ پوليس کاتو پنهنجون پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائيندا هئا ته مهيني اندر سنڌ مان ڪيترا موٽر سائيڪل چوري ٿيا، ڪيتريون ڪارون چوري ٿيون ، ڪيترائي ماڻهو ڀنگ ڀري آزاد ٿيا، ڪيترا ماڻهو ٽارگٽ ڪلنگ ۽ ڪيترا ماڻهو ذاتي دشمني ۾ مارجي ويا پر هاڻ ذري گهٽ اڌ سال گذري چڪو آهي امن امان جو خصوصي اجلاس ته ڇا پر ڪابينا جي ڪنهن اجلاس ۾ امن امان جي ڳالهه ايجنڊا ۾ ئي شامل ناهي هوندي. نه رڳو اغوا، ڦر، چوريون ۽ ڀتا خوري جا واقعا وڌيا آهن پر سنڌ اندر عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جا اهڙا ته دردناڪ واقعا شروع ٿيا آهن جو ٻڌندي ئي ماڻهو جا لڱ ڪانڊارجيو وڃن. سنڌ ۾ گهرو کاتو ڄڻ گهري ننڊ ۾ ستل آهي، پبلڪ سيفٽي ڪميشن صرف پگهارون کڻڻ ۽ سول سوسائٽي کي خوش ڪرڻ ۾ مصرف آهي اتي وري عورتن جي ڀلائي وارو کاتو، عورتن ۽ ٻارن بابت جڙيل ڪميشنون سرڪار جا ڪروڙين رپيا ڳڙڪائڻ باجود ڪنهن هڪ به ڪيس جي پوئيواري نه ٿيون ڪن جتي ٻارن ۽ عورتن خلاف تشدد جو ڪو واقعو ٿيو هجي.
جڏهن سرڪار جي سمورن ادارن کي ڪنهن ماٺ جي مهر لڳندي، ڪنهن هڪ آءِ جي سان ذاتي جهيڙي ۾ اڀ ڏاڙيندڙ ڀڀڪيون ڪبيون، هڪ مهيني اندر وزيراعظم کي چار چار خط لکي اها ڳڻتي يا دانهن ڪبي ته فلاڻي آفيسر جي موجودگي ۾ سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي پئي اهو آفيسر هٽيو ته سنڌ امن جي هندوري ۾ لڏندي ۽ وري جڏهن اهو آفيسر هٽي وڃي پنهنجا من پسند آفيسر اچي وڃن ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو ڄڻ ڪيڙا مڪوڙا ٿيو پون، ڀلي روڊن تي لٽجن ڦرجن اغوا ٿين سندن جان ۽ مال 24 ڪلاڪ خطري ۾ هجي ۽ سرڪار کي ماٺ جي مهر لڳل هجي ته ماڻهو ضرور سوال ڪندا. سنڌ سرڪار کي فوري طور امن امان جي حوالي سان هڪڙو اجلاس سڏائڻ گهرجي، سڄي سنڌ ۾ جيڪي لاڏلا ۽ من پسند پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن انهن کان اهو ضرور پڇجي ته سندن ضلعن ۾ هي جيڪي ڏوهاري اوچتو ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن جن پرامن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي انهن کي ڪنهن جي پٺ ڀرائي حاصل آهي، گڏوگڏ ننڊ ستل عورتن واري کاتي، عورتن ۽ ٻارن لاءِ اٽي تي چٽي بڻيل ڪميشنن کي به ننڊ مان اٿاري سنڌ اندر بدامني ۽ تشدد جي واقعن کي روڪڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *