تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌ کي خراب حڪمراني جي ٻوڏ لوڙهيندي!؟

سنڌ جو پاڻي سان ناتو پراڻو آهي. سنڌ جي ندي ۽ نئيون سنڌ کي سائو ستابو رکنديون پيون اچن، اهي سنڌ جي جيئندان جو وڏو وسيلو آهن. سنڌ جي ماڻهن کي انهن سان صدين کان پيار رهيو آهي، جنهن سان پيار هوندو آهي ته ان جون تڪليفون به گهڻو وقت ناهن رهنديون ۽ جڏهن ندي ۽ نئين جي تڪليف جو وقت وهامي ويندو آهي ته پوءِ سائي ڌرتي جي مرڪ سان سڀ سور به لڙهي ويندا آهن. سنڌوءَ ۾ پاڻي چاڙهه سان سنڌ جون زمينون خوراڪ ماڻينديون آهن ڪسارو ٿيل جر مٺو ٿيندو آهي ۽ ماڻهن وٽ اپت جا ڪيئي ذريعا پيدا ٿيندا آهن. برساتن سان به ڌرتي جي هنيانءَ تي ڇنڊو پوندو آهي ته اها به مهڪي ۽ ٻهڪي پوندي آهي. ٿر هجي يا بر، ٻيلا هجن يا ڪوهستان ڌرتي تي رنگ برنگي ويس ڍڪجي ويندا آهن. اهو 2020ع جو جون مهينو هيو جڏهن ملڪي موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي ته جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتون پونديون نتيجي ۾ شهرن ۾ برساتي ٻوڏ ايندي ان جو سبب معمول کان وڌ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي ويئي جيڪا ايوريج 140 ملي ميٽر کان مٿي هوندي. ساڳئي وقت دريائي ڪيچمينٽ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي. هاڻ پهرين حصي جي اڳڪٿي کي ڏسجي ته اها آگسٽ تائين درست ثابت ٿي آهي، جولاءِ ۾ چوماسي جون برساتون پيون ۽ آگسٽ ۾ به هلي رهيون آهن. انهن برساتن جا برابر هاڪاري فائدا آهن پر جيڪو سنڌ جي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن سان ٿي رهيو آهي اهو ڪو نئون مثال ناهي پر سوال اهو آهي ته سائنس جي تيز تر ترقي دوران اسان برسات کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، نواب شاهه، دادو جهڙا سنڌ جا شهر ٻڏي ٿا وڃن. ڇو؟ صرف نيڪاس جو نظام خراب هئڻ ڪري!
سنڌ جي ڳوٺن جي حالت ته ڌڻي جي آسري هوندي آهي پر جڏهن برساتون ملڪ جي پهاڙي حصن ۾ پونديون آهن ته اهو پاڻي پنهنجي فائدي لاءِ ڪتب آڻبو آهي. پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي قسمت ۾ اهو آيو ئي ناهي ته سرڪارون اهو لاڀ ماڻهن کي ڏيارڻ لاءِ ڪا رٿا بندي ڪن. هن وقت ڪاڇي ۾ نئين گاج سوڌو ٻيون نئيون وهي آيل آهن، مڃيوسين ته اهو قدرت جي طرفان آهي پر جڏهن قدرت انسان کي اهڙين برساتن ۽ آفتن جي اڳواٽ آگاهي جي سائنس يا لوڪ ڏاهپ وسيلي آگاهي جي صلاحيت ڏني آهي ته پوءِ اڳواٽ بندوبست ڇو نه ٿا ڪيا وڃن. انسان جي وس کان به وڌيڪ آفتون اينديون آهن پر ڏٺو اهو ويو آهي ته دنيا ۾ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون وقت کان اڳ ٿيندي نظر اينديون آهن ۽ نتيجي ۾ نقصان گهٽ ٿيندا آهن پر هتي ته رڳو نقصانن جي ڪاٿي مهل جاڳندي ڏٺو ويو آهي. بعد ۾ بندن جي مرمت ۽ ڊرين جي نقصانن جا پيسا جاري ٿيندي ٻڌبا آهن. هن وقت دادو ضلعي ۾ جيڪا برساتي ٻوڙان ٻوڙ ڪئي آهي ته سرڪار جي ڪجهه حلقن پاران اهو بيانيو جوڙيو پيو وڃي ته ”ڏکن پٺيان سک ايندا”، اهو چئي سمورين نااهلين کي به لوڙهيو پيو وڃي.
گاج جي گجگوڙ جا ته جيڪا انساني زندگي تي نتيجا اچڻا آهن اهي ته ايندا پر انهي سلسلي جو ٻيو حصو دريائي ٻوڏ جو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا هيل واقعي موسميات کاتي جون سموريون اڳڪٿيون درست ثابت ٿينديون؟ جي واقعي ايئن آهي ته پوءِ سنڌ سنڌو شينهن بادشاهه جي گجگوڙ لاءِ تيار رهي جيڪا سنڌ لاءِ ڪنهن به ريت ناڪاري ناهي. اهو سنڌ لاءِ بهترين آهي ته ان جو درياءَ موج ۾ هجي. پر سرڪار جي غفلت سنڌ لاءِ ڪا نئين مصيبت پيدا نه ڪري. اهو ڪيئن:
1.هلندڙ سال ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر رهي آهي جو مارچ ۾ به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ويندو رهيو آهي. پنجاب جي بيراجن وٽ پاڻي سٺو رهيو آهي جو هيل سي جي لنڪ ڪئنال ۾ گهڻي وقت تائين ٻه هزار ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي ناهي کنيو ويو. ان ڪري سنڌوءَ جي پيٽ ۾ پاڻي موجود رهيو آهي ۽ چاڙهه جي صورت ۾ لاسز نه هئڻ برابر هوندا.
2.سنڌوءَ ۾ پنجاب جي دريائن جو پاڻي پنجند وٽان اچي ٿو هيل پنجاب جي دريائن ۾ به پاڻي چڱو پيو آهي ۽ ان پاسي به لاسز ڪونه ٿيندا.
3.دريائن ۾ پاڻي وهڪرا هجڻ سبب پاڻي جي رڪاوٽ نه هوندي ۽ تک به متاثر نه ٿيندي.
4.ملڪ ۾ ۽ خاص طور سنڌ گذريل ويهن مهينن کان لاڳيتو ڪٿي نه ڪٿي برساتون پونديون رهيون آهن ۽ درياءَ ۾ وهڪرا رهيا آهن، ان ڪري جر به چارج ٿيل آهي.
5.بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي جي پهاڙن تي به برساتون پونديون رهيون آهن ۽ نئين توڙي چشمن جا دڳ به ٺهيا پيا آهن ۽ رڪاوٽون نه هئڻ برابر آهن.
6.ڪيچمينٽ ۾ برفباري به معمول کان وڌ پيل آهي ۽ اسڪردو وٽ هلندڙ مهيني گرمي پد به ٽيهه سينٽي گريڊ کان مٿي رهيو آهي ۽ اتي برسات جا لاڳيتا تيز اسپيل پيا ته پوءِ پاڻي جا وهڪرا وڌندا.
ان صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌوءَ ۾ 2010ع جيان ساڳي وقت وهڪرا شامل ٿي ويا ته پوءِ چاڙهه غيرمعمولي ٿي سگهي ٿو جي اڳتي پوئتي ٿيا ته پوءِ پاڻي خطري کان نه وڌندو. پر اهو سڀ ان سان مشروط آهي ته اڳڪٿين جو ٻيو مرحلو به درست ثابت ٿئي . ٻي ڳالهه ته خطرو درياءَ جو ناهي خطرو آبپاشي کاتي ۽ سنڌ جي انتظامن جو آهي جن پاران سواءِ پريس رليزن ۽ ڪجهه ميٽنگن جي ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو ويو. هلندڙ برسات سبب بندن جي قدرتي سوڪنگ ٿي آهي پر آبپاشي کاتي آبڪلاڻي کان اڳ ڪچي ۾ بندن تي ڇڻڪار جو ڪم شروع نه ڪرايو هو جيڪو روڻين جي ابتدائي خطري کي ٽاريندو آهي. جي خراب حڪمراني واري ٻوڏ کي ٻنجو آيو ته هن وقت برساتي ۽ دريائي ٻوڏ سنڌ لاءِ فائدي واري آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *