تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

سنڌ پوليس کي صوفي ٿيڻ گهرجي، ٻيو ڇا!؟

اهو نٿو چئي سگهجي ته ڊي ايس پي رائو شفيع الله پوليس جو آخري شهيد آهي، ڇاڪاڻ جو فرض خاطر جان ڏيڻ وارن جوانن جي ڪمي ناهي پر وس ڪئي اهڙي شهادت جي رائيگان وڃڻ بعد پوليس جو جوان مقابلي ۾ حصو وٺڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڀيرا سوچيندو، الا توهار ڪري آپريشن ۾ حصو وٺڻ بجاءِ ويٺو انتظار ئي ڪندو ته ڪڏهن ٿا اسان جا وڏا راڄوڻي ڪن، پوليس هاڻي راڄوڻي جي ئي ريت وڌي آهي، ايئن ٿو لڳي اڳتي اها ريت هلندي پوليس جي قانون لاڳو ڪرڻ واري رٽ نه رهندي.
قانون هٿ ۾ کڻڻ وارا هٿ ملائڻ جهڙا ٿي پيا آهن، وڏيرن کي وچ ۾ آڻي ويهي ڳالهيون ڪرڻ جهڙا معتبر ٿي پيا آهن، هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا مقابلو ڪري مارڻ جهڙا ناهن رهيا، ڌاڙيل ڌاڙو هڻن يا ماڻهو اغوا ڪن، وس وارا آهن. پوليس مقابلو ڪرڻ جهڙي ناهي، هوءَ هاڻي وس وارن جي وس هيٺ ڪم ڪندي، امن توڙي مغوين جي بازيابي جهان خانن جي تعاون سان ٿيندي، موٽ ۾ جيڪو طئه ٿئي اهو ٿيندو. اول ته تڪڙ ڪري آپريشن ڪيو ڪانه ويندو پر جي رائو شفيع جهڙي ڪنهن تڪڙ ڪئي ته پنهنجي قدم جو پاڻ ذميوار هوندو، پوليس جو هن سان متفق هجڻ ضروري ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ڳڙهي تيغو وارو آپريشن روڪي اهو اڻ اعلانيه طور طئه ڪيو ويو آهي.
تڏهن چيم ته انهيءَ تلخ تجربي کانپوءِ ڪهڙو آفيسر تڪڙ ڪندو ۽ اغوا جي واردات تي پوليس جي نفري وٺي ڪچي ۾ لهي ويندو ۽ توقع ڪندو ته پويان پوري علائقي جي پوليس ايندي ۽ ڌاڙيلن کي ڊڪائي ڊڪائي مارينداسين، هاڻي هو اهڙي سورهيائي نه ڪندو. وس وارن ڀوتارن کان لڪي لڪي ساهه کڻندو پر جيڪو هونئن همت ساريندو هو، سو رائو شفيع الله جو انجام ۽ ننڌڻڪائي ڏسي اهڙيءَ تان لهي ويندو، چوندو جڏهن هيٺ مٿي ٺهيو ڪرڻ جو جهان ٺهيو پيو آ ته مون کي ڪهڙي پئي آ جو سندي ڳچي ڳچ ڪريان، يڪدم پاڻ کي رائو شفيع الله جي جاءِ تي رکندو ۽ پنهنجن ٻارن کي هن جي ٻارن جي جاءِ تي روئيندي تصور ڪندو، وڌيڪ ڀاڙي کيس اهو تصور ڪندو.
پوليس وارن جا پوليس واري جي شهادت نه بلڪه شهيد جي لاوارثي ڇرڪ ڪڍي ڇڏيا آهن، هو آپريشن ڪرڻ تي پريشان نه هئا، پر آپريشن روڪڻ تي مايوس آهن، فرض جي ادائيگي ۾ رڪاوٽ هنن جي جيءَ کي جهوري وڌيو آهي، فرض تي جان ڏيڻ ۽ شهادت جي ضايع وڃڻ تي ويسوڙي ۾ پئجي ويا آهن. هو جيڪي پنهنجو سورهيه پٽ سمجهي پنهنجن شهزادن جو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سندن ڪيريئر سمجهندا هئا، اهي ههڙو حال ڏسي پنهنجي اولاد کي هن شعبي کان ئي جهليندا، اهو ته ٺهيو پر ڪو سپاهي به شهيد ڪوٽا تي پنهنجي پٽ جي ڀرتي جي حق ۾ نه هوندو. آئون اها فرض شناس پوليس وارن جي ڳالهه ٿو ڪريان، باقي ڪارين رڍن جي ته ڳالهه ئي ناهي، انهن جا اڳي کان وڌيڪ وارا نيارا هوندا، ارمان ان حالت جو آ، جنهن ۾ پوليس پنهنجي فرض کان پري ٿيندي پئي وڃي.
خاص طور تي چڪ واري ڪچي ۽ ڳڙهي تيغو واري ڪچي ۾ پوليس جي ناڪام آپريشنز ۽ جاني نقصان پوليس جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا آهن، چون ٿا ته پوليس کي ڌاڙيلن ايترو ناهي ماريو، جيترو پنهنجي اعليٰ ۽ بالا اختيارين ماريو آهي، هنن کي گولين ايترو ناهي گهايو جيڪو وڏن جي يو ٽرنن ۽ “پوين پيرن” زخمي ڪري وڌو آهي، بندوقن کان وڌيڪ فيصلن وارا فائر جان کسيندڙ ثابت ٿيا آهن، بنا تياري جي واردات واري هنڌ موڪلي پوءِ نه پڇڻ ۽ مارائي ڪري پوئتي موٽائڻ سان پوليس وڌيڪ مري ٿي، پوليس لاشن ڪرڻ کان وڌيڪ مورال ڪرڻ سان مري ٿي. هوءَ فورس آهي، هٿيارن کسجڻ کان وڌيڪ اختيار کسجڻ سان مري ٿي. آفيسر جي ناجائزين سان نه پر پوليس هڪ ٽڪي ٽين پئسي جي وڏيري جي امر جو بندو بڻائڻ سان اُڦٽ مري ٿي. هو جن کي ٻانهن کان وٺي هٿڪڙيون هڻندي هئي اهي جڏهن شهپر وٽي ڪم ٿا چون ۽ آفيسرن جي مجبور ڪرڻ تي ڪرڻا ٿا پون، پوليس اهڙي ذلالتن تي مري پوي ٿي، پوليس کي هٿ سان مارايو ٿو وڃي، هيئن به ته هونئن به، ڏوهارين خلاف آپريشن روڪائڻ بدران پوليس خلاف پوليس جي مالڪن جي اهڙي آپريشن کي روڪڻ جي ضرورت آهي.
مغويءَ جي بازيابي جڏهن ڀُنگ يا سوديبازيءَ سان ئي ممڪن آهي ته پوءِ اسلحو ۽ بارود ته ڪنهن ڪم جا ئي نه ٿيا. ٿاڻا، چوڪيون، دفتر، بڪتربند گاڏيون ۽ بجيٽون سڀ بيڪار ٿيون، بس رڳو ضلعي ۽ تعلقي ليول تي هڪ ڊيل سينٽر هجي، اتي ڳالهيون ٿين، ڏنو پٽ ڇڏي جو! الا الا خير سلا،!! باقي هو غريبن کي ستائڻ ۽ مسڪينن کي مارڻ وارو پنهنجو ڪم پوليس جاري رکي، ان ۾ هوشيار به آهي ته ڪامياب به آهي، ان ڪم ۾ ڪو وڏيرو ننڍيرو به رڪاوٽ نه بڻبو اٿس، اهو ئي ڪم آزاديءَ سان ڪندي آ. ان ڪارڪردگيءَ ۾ ڪوتاهي به نٿي ڪري، بلڪه هن جي اُتي بهادري ۽ پهلواني ڏسي گمان ٿيندو آهي ته هو ڌاڙيلن سان واهه جو وڙهندا، هاڻي جڏهن هوڏي نٿا وڙهي سگهن ته هيڏي ئي وڙهن، واندا ڇو ويهن، ستائڻ لاءِ ساري سنڌ پئي آ، مارڻ لاءِ سارو لوڪ آهي، پوليس جو ڌنڌو هلندو پيو !!
وقت اچي ويو آ ته ڌاڙيلن سان منهن ڏيڻ لاءِ ٻي ڪا ڪائونٽر فورس ٺاهي وڃي يا خاڪي وردي وارن کي اضافي ذميواري ڏئي ڪاري وردي وارن کي انهيءَ جهنجٽ مان آجو ڪيو وڃي، يا ڏوهن جي قانوني گنجائش ڪڍي وڃي، ڪيئن به ڪيو وڃي، پوليس کي آجو ڪيو وڃي، ان تي وس وارن کي هوءَ پنهنجا گناهگار هٿ کڻي دعا ڪندي، پوليس کان هونئن ئي پنهنجي ڪم تان هٿ کڻايو ويو آهي، رڳو رسمي اعلان رهجي ويو آهي ته پوليس ڪنهن به ڏوهاري سان مقابلو نه ڪندي، عملي طور اهڙو ئي ڪم ڪيو ويو آهي. هي جيڪو آپريشن روڪي مغوين کي ڊيل ذريعي آزاد ڪرايو ويو آهي، هاڻي انهيءَ ڊيل واري ڪم کي ڊپارٽمينٽ واري حيثيت ڏيڻ گهرجي، ان ۾ حجاب ڇا جو، مغوين جو موٽڻ سان ڪم. لوڪ فنڪار کي ڌاڙيلن جي چنبي مان اهڙي طرح ڇڏائي حقيقت ۾ بندوق جي استعمال کي بيڪار ثابت ڪيو ويو آهي، پوليس جي اعليٰ عملدارن کي وڏي وقت کانپوءِ ٺهي آئي آ، هنن اٽڪل سان مغوي به موٽايا آهن، گوليون به بچايون آهن، جانيون به بچايون آهن، بس رڳو ايترو ٿيو آ ته قانون جي ناهي، هاڻي رِٽ رڳو ڌاڙيلن جي قائم ٿي آهي، جنهن به چيو اهو ٺيڪ چيو آ ته اهو آپريشن ڌاڙيلن جي خلاف پوليس جو نه، پوليس جي خلاف ڌاڙيلن جو هو.
جي اها ئي ڳالهه آ ته پوءِ پنهنجي سنڌ جي پوليس کي صفا صوفي ٿيڻ گهرجي، ڪاري وردي گيڙو ٿي وڃي، پينٽ شرٽ بجاءِ افلي پاتي وڃي، ڇا جو رعب، ڪهڙو ڏر، بس حيدر حيدر ٿي وڃي، بندوق سان نه ڪرائي سگهي، پوليس هٿ ٻڌي امن ڪرائيندي، جوڳي ٿي مرليون وڄائيندي، جوڳي جيئن نانگ ڳوليندا آهن، هي اغوا ٿيل ڳوليندي جهر جهنگ گهمندي، ڌاڙيلن جي در لنگهي ويندي پر مغوي موٽائيندي. جي اها ئي صلاح ته پوءِ طريقا کوڙ آهن، پوليس وڏيرن، وس وارن جي هيٺاهين ته هونئن ئي وٺي ٿي پر قوم جو هرو ڀرو خرچ ڪري ڇڏي ٿي. راڳي ويراڳي ٿي ڌاڙيلن جي دل وٺندي، وڏيرن جي دل وندرائيندي، دل دنبورو ۽ من مڻيو ڪندي، پاڻهيءَ ريجهائي رام ڪندي، مجال آ، جو ڌاڙيل مغوي نه موٽائي ڏين، ڳائي ڳائي ڳالهه کي ٺاهيندي، پوليس پاڻ جگر جلال ٿيندي، ان ڪم ۾ ڪمال ٿيندي!
مان سمجهان ٿو ته جن آپريشن روڪيو آ ۽ جن روڪرايو آهي، اهي اهڙي متبادل تي ضرور سوچيندا هوندا نه ته ههڙن هاڃن کانپوءِ به آپريشن کي روڪي ڇڏڻ جو ڪو تڪ ئي نٿو ٺهي، ڪو منطق ڪونهي ته وس، اختيار، اسلحي ۽ بجيٽ جي باوجود پنهنجي هٿيارن کي اڇلي ڇڏجي ۽ ڌاڙيلن جي هٿ ۾ هٿيار موجود رهن. هو پنهنجو ڪم جاري رکن پر پوليس مصلحت جو شڪار ٿي وڃي. باقي آءِ جي صاحب وري وڏي تياري سان آپريشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪرڻ ڏيوس، آءِ جيءَ جي پنهنجي مجبوري!



Bookmark the permalink.

One Response to سنڌ پوليس کي صوفي ٿيڻ گهرجي، ٻيو ڇا!؟

  1. Aijaz ahmed unar says:

    Saen zaberdast article,bilkul sahi tha chao jadhin muqablo nahy karnno ta poe pesan jo ziyan chho kajy.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *