تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سنڌ يونيورسٽي،ڪرپشن يا ٻي ڪا ڪهاڻي؟

ڏيڍ سال اڳ جڏهن اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي پاران سنڌ حڪومت وٽ جمع ڪرايل انڪوائري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ غيرقانوني ٺيڪا ڏيڻ سان گڏ سياسي ماڻهن کي سرڪاري زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ۽ جعلي ڀرتيون پڻ ڪيون ويون آهن ان کان علاوه غلط پروموشنز ٿيڻ کان وٺي گاڏين جي خريداري تائين مختلف مدن ۾ 71 ڪروڙن کان مٿي جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي وڏي وزير رپورٽ جي آڌار تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت کي فوري طور هٽائي چارج پرو وائيس چانسلر صديق ڪلهوڙو حوالي ڪري ڇڏي هئي، پر فتح محمد برفت سنڌ هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر وٺي ٻيهر وي سي جو عهدو سنڀالي ويهي رهيو. توڙي جو عام اک سان ڏسندڙ عام ماڻهو ۽ ڪاغذي رپورٽن آڌار تي تجزيا ڪندڙ صحافي 71 ڪروڙن جي ميگا ڪرپشن جي معاملي تي زور ڏئي رهيا آهن پر وي سي خلاف سوڙهي ٿيل گهيري پٺيان اصل ڪهاڻي ڪا ٻي ئي لڳي رهي آهي. اهم ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اها ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي يونيورسٽي اندر ڀرتيون ٿيڻ واري معاملي تان جن کي هن وقت جعلي سڏيو وڃي ٿو پر اصل ۾ انهن ڀرتين ۾ انهن اهم ماڻهن جو ڪوبه حصو پتي نه رکيو ويو هو جن فتح برفت کي وي سي ڪرائڻ لاءِ سفارشون ڪيون هيون نه رڳو برفت جا سفارشي نوڪرين جي سيٽن ۾ ڪوٽا نه ڏيڻ تان ڪاوڙيل هئا پر ضلعي جا ٻيا اهم اسٽيڪ هولڊر جيڪي سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو جا انتهائي ويجها ماڻهو سمجهيا وڃن ٿا سي پڻ مٿس ڏمرجي پيا. اهو ئي نه پر چوڻ وارا چون ٿا ته برفت کي هٽائڻ جو فيصلو تڏهن ئي ٿي چڪو هو جڏهن نوڪرين جي ورهاست ۾ کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو پر ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ضرورت هئي مٿس ڪرپشن ثابت ڪرڻ جي جنهن لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي کي ميدان ۾ لاٿو ويو. ٻئي طرف وي سي فتح برفت ڪرسي جي نشي ۾ اهڙيون ته اکيون پوري ڇڏيون جو هن وقت جڏهن سندس مدي جو وقت به ذري گهٽ اچي پورو ٿيو آهي تڏهن سندس ڪوبه حمايتي يا همدرد نظر نٿو اچي، ٻين لفظن ۾ ته استادن توڙي شاگردن کان وٺي سنڌ يونيورسٽي سان دلچسپي رکندڙ ذري گهٽ سڀ ماڻهو سندس وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن وقت هاءِ ڪورٽ پاران وائيس چانسلر برفت کي ڏنل اسٽي ختم ٿيڻ بعد ٻيهر وزيراعليٰ سنڌ پاران ڪيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ قانون واري وزارت جي سفارشن جي روشني ۾ اينٽي ڪرپشن ڄامشورو مٿس سندس ساٿين سميت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن جي ڇاپن جي نتيجي ۾ پهريون شڪار ٿيل جيولاجي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر راجا ڏاهر کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڊزن کن آفيسرن ٻڌجڻ کان اڳ واريون ضمانتون ڪرائي ورتيون آهن، ضمانتون ڪرائڻ لاءِ آفيسرن جا ٽولا ڪورٽن جي اڳيان پٺيان چڪر کائي رهيا آهن. وڏن عهدن وارو هڪ ننڍو ٽولو ڪراچي جي ڪورٽ ۾ به وڃي نڪتو جتي وي سي برفت کي به ٻڌجڻ کان روڪڻ وارو حڪم نامو جاري ٿي چڪو آهي. عرفانه ملاح جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل اسسٽنٽ پروفيسر راجا ڏاهر ٽرانسپورٽ ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو هو، پر 2017 ع ۾ جڏهن ٽرانسپورٽ جا ٺيڪا ڏيڻ وارن پنن تي راجا ڏاهر جون ڪوڙيون صحيحون ڪيون پئي ويون ان وقت هو چين ولايت ۾ ويٺل هو.ٻئي طرف وي سي برفت کي هٽائڻ وارين خبرن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي شپ حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ ڳجھه ڳوھ ۾ ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *