تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ سان هر معاملي ۾ زيادتي

چوڻي آهي ته جنھن معاشري ۾ انصاف نه هوندو اهو معاشرو گهڻي دير تائين هلي نه سگهندو، شايد اڄ اهڙو ئي حال اسانجي ملڪ ۾ آهي جتي انصاف صرف ڏاڍي کي ملي
ٿو. اھڙي صورتحال تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله اڪثر ڪري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندو رهيو آهي، چيف جسٽس اطهر من الله واضع لفظن ۾ چيو آهي ته اسانجي ملڪ ۾ انصاف طاقتور کي ملي ٿو ڪنهن غريب کي انصاف نٿو ملي، پر اسانجي ملڪ جي عدالتن ۾ ڪجهه عجيب ئي ٿيندو رهيو آهي، ڪجهه طاقتور اهڙا آهن جن جي عدالتن ۾ ٻڌي نٿي وڃي ۽ ڪجهه اهڙا آهن جن جي ڪري آئين ۽ قانون مطابق جڙيل عدالتن کي منڍ کان ختم ڪرايو ڇڏين…
جيڪڏهن پڙهڻ وارن جي ذهنن ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري يا سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو اچي ٿو ته هو طاقتور آهن، انهن کي اهو جواب ڏئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن طاقتور هجن ها ته هر هفتي عدالتن ۾ پيشيون ڀوڳيندا نه وتن ها. شايد انهن کي به اندازو ٿي چڪو آهي ته پيسو پنهنجي جاءِ تي عدالتن ۾ طاقت ۽ حڪومت به ڪم نٿي اچي. ٻئي طرف ڳالھه ڪجي نواز شريف جي ته شايد هو عدالت جي انهن طاقتور جوابدارن منجهان آهي جنهن کي پاڪستان ۾ قيد دوران جان جو خطرو هيو پر جيئن عدالتي نرمي کانپوءِ کيس ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملي ته هن پرڏيهه ۾ هڪ ڏينهن به علاج ناهي ڪرايو لنڊن جي ٿڌي موسم جا مزا ماڻي پيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ گهرن ۾ نظربند آهن.
اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي سنگين غداري ڪيس جو مثال به سامهون آهي ته خصوصي عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي پر لاهور هاءِ ڪورٽ ان سزا کي ختم ڪرڻ سميت ان عدالت جي جوڙ جڪ کي غير آئيني قرار ڏنو.هي ڪجهه اهڙا مثال هئا جيڪي عدالتن جي قانون واري ڪتابن ۾ ڇپجي چڪا آهن انهن تي قانون جي ڄاڻ رکندڙ چون ٿا ته عدالتون ڏاڍي جي لٺ کي ٻه منهن جيان آهن، انهن جي اڳيان آئين ۽ قانون جي ڪا حيثيت ناهي جڏهن ته جيلن ۾ غريب قيدي مري کپي وڃن ٿا پر انهن کي علاج جي سهولت ملڪ ۾ به نٿي ملي پر طاقتور جي طاقت آڏو انصاف جا ادارا به ڪڇي نٿا سگهن.
سياست پنهنجي جاءِ تي پر پيپلز پارٽي وارن جو عدالت ۾ پيش ٿيڻ ان ڳالھه کي ثابت ڪري ٿو ته هنن هميشه آئين ۽ قانون کي عزت ڏني هميشه عدالتن ۾ پيش ٿي پنهنجو دفاع ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي اهڙي سوچ تي هاڻي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ماڻهن جي سوچ ۾ تبديلي اچي رهي آهي ته پيپلز پارٽي ئي شايد هن ملڪ جي انهن پارٽين منجهان هڪ پارٽي آهي جيڪا آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي پر جيڪڏهن انهن جي سياسي ميدان ۾ عمل کي جاچجي ته شايد ان جي ابتڙ آهي. هڪ ناليواري قانوندان مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي عدالتن ۾ 2016ع کان هن وقت تائين ٿيل ججن جي ڀرتين خلاف درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي جنهن جي خبر هلائڻ لاءِ اقتدار ڌڻين کي ڪوششون ڪرڻيون پيون ۽ اها خبر هلائي وئي ته درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اندر عدالتن ۾ جيڪي به مقرريون ٿيون سي غلط آهن جيڪڏهن ان درخواست جي استدعا کي قبول به ڪجي ته ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرريون درست آهن، ڇا انهن جي مقررين ۾ ذاتي يا سياسي مفادن جو ٽڪراءُ نٿو ظاهر ڪري سگهجي، ان قانوندان مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ به مقرريون سياسي بنيادن تي ٿيون آهن جنهن جو مثال جج ارشد ملڪ آهي جنهن کي وڏي سوچ سمجهه سان اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج مقرر ڪرايو ويو اها ٻي ڳالھه آھي ته ھن سياسي آقائن کي خوش نه ڪيو جنهن سبب هڪ وزير اعظم کي سزا ٿي اها سزا به ڪنهن ڪم جي ناهي ڇاڪاڻ جو هو ملڪ کان ٻاهر آزادي سان گهمي رهيو آهي.
اهي اهڙا سبب آهن جن کي سامھون رکجي ته ايئن ٿو لڳي ته شايد سنڌ ۾ سڀ ڪجهه خراب آهي باقي هر صوبي ۾ سڀ ڪجهه صحيح آهي، عدالتن پاران اهڙا عمل روڪيا نه ويا ته جيئن اسلام آباد جو با شعور ماڻهو اهو سوچي رهيو آهي ته سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي پوءِ اها سوچ هر صوبي ۾ پيدا ٿيندي، اھڙي سوچ پيدا ٿيڻ کان پهريان سياست کان مٿانهون ٿي سوچي ملڪ جي مستقبل لاءِ فيصلا ڪرڻا پوندا…..

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *