تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

سنڌ سان زيادتين جي تاريخ ۽ ون يونٽ

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ جي رهنمائن طرفان اها پڪ ڏياري وئي هئي ته ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ شامل ٿيندڙ صوبا (اڪايون) جيئن ته پنهنجي مرضي سان ملڪ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ته کين ڪابه تڪليف نه پهچائبي ۽ سندن جيڪي به حق آهن اهي کين برابر ملندا رهندا ۽ گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي. قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجن سڀني تقريرن ۾ بار بار اهڙيون ڳالهيون ڪيون ۽ اهڙا آسرا ۽ خاطريون ڏيارڻ تي سنڌ، پنجاب، سرحد (هاڻي خيبرپختونخوا) ۽ بلوچستان هن “آزاد” ٿيل ملڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
پاڪستان ٺهڻ سان ملڪ جي گادي ڪٿي ڪجي جو سوال شدت سان پيد اٿيو. انهيءَ لاءِ گهڻيون ئي رٿون آيون. ملڪ جا پنج صوبا هئا پر سڀني جي نظر وڃي سنڌ تي پئي ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ تي پر سنڌ قانون ساز اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪري متفق طور تي ان جي مخالفت ڪئي پر ملڪ (وفاق) جي آئين ساز اسيمبليءَ ان جي حمايت ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن جي مرضي خلاف ڪراچيءَ کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. هتي اهو ثابت ٿئي ٿو ته قائداعظم جي چيل ڳالهين ته صوبن جي ماڻهن سان ڪابه زيادتي ڪو نه ٿيندي جي خلاف اهو فيصلو ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان هڪ ئي ڌڪ سان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان ۽ سنڌي شعبو ختم ڪيو ويو ۽ لياقت علي خان محمد ايوب کهڙي سان ڇڙٻن سان ڳالهائيندي سنڌ جي گاديءَ کي جدا ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو. کهڙو صاحب ان وقت سنڌ جو وزيراعليٰ هئو ۽ کيس لياقت علي خان چيو ته سنڌ هتان نڪري ۽ وڃي پنهنجي گادي ٻئي هنڌ ٺاهي. مطلب چوڻ جو هي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ شروعات ايئن ٿي. جلد ئي ڪراچيءَ مان 500 سنڌي اسڪول پڻ بند ڪيا ويا. انهيءَ کانپوءِ ڪافي ناانصافيون ٿينديون رهيون . ڪراچيءَ جي جدائي کان پوءِ جلد ئي محمد ايوب کهڙي صاحب کي وزارت اعليٰ تان هٽايو ويو ڇو ته هن ڪراچي کي گادي بڻائڻ کان انڪار ڪيو هئو. سنڌ جي عام ۽ خاص سياستدانن دانشورن، اديبن، شاگردن کي انهيءَ فيصلي تي تمام گهڻي ڪاوڙ هئي.
لياقت علي خان ته سنڌ حڪومت جو مخالف هئو ۽ مٿان قائداعظم صاحب جي وفات ٿي وئي ۽ انهيءَ کانپوءِ بچيل قيادت کي لڙ ۾ مزو اچي ويو ۽ هنن ترقيءَ لاءِ رکيل پئسا سنڌ تي چڱي نموني خرچ نه ڪيا ۽ سنڌ جا اهم شهر ۽ ٻهراڙيون ايئن جو ايئن رهيون. انهيءَ وچ ۾ لياقت علي خان کي پڻ راولپنڊيءَ ۾ قتل ڪيو ويو ۽ پنجاب جي ليڊرشپ جي ٻيگهي مچي وئي.
ملڪ ۾ چار صوبا، مشرقي پاڪستان (بنگال) پنجاب، سنڌ ۽ سرحد هئا، انهن کانسواءِ ڪجهه ننڍيون رياستون هيون جن ۾ بلوچستان، خيرپور ميرس ۽ قلات ڊويزن هئا. جنرل ايوب خان ملڪ جي فوج جو سربراهه ٿيو ۽ اسڪندر مرزا (جيڪو بعد ۾ ملڪ جو صدر ٿيو ۽ ايوب خان مارشل لا مڙهي هن کي معزول ڪيو).
جنرل ايوب خان پنهنجي مشهور ڪتاب،“ فرينڊس ناٽ ماسٽرس” Friends not masters ۾ لکي ٿو ته هن جي ذهن ۾ ڪافي وقت کان اها ڳالهه هلي پئي ته مغربي پاڪستان جي صوبن ۽ رياستن کي ملائي ڇو نه هڪ صوبو بڻائجي. ان لاءِ هن 1954ع ۾ لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ رهي هڪ منصوبو ٺاهيو. بعد ۾ هن ملڪ جي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد خان، اسڪندر مرزا، ممتاز دولتانه، مشتاق گرماني، چوڌري محمد علي کي اعتماد ۾ ورتو ۽ اڳيان هلي پنجاب جي اها ليڊرشپ انهيءَ تي راضي ٿي. مطلب اهو هئو ته ملڪ ۾ ٻه صوبا هجن يعنيٰ برابري (parity) هجي. ڇو ته جنهن به ملڪ جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ڪو به اهڙو مسئلو ايندو هو ته گهڻي ڀاڱي مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان جا صوبا گڏ ٿي ويندا هئا ۽ پنجاب اڪيلو ٿي ويندو هئو. اچرج جي ڳالهه اها به آهي ته بنگال جا ٻه اهم رهنما حسين شهيد سهروردي ۽ محمد علي بوگرا به هنن سان گڏ هئا ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ حسين شهيد کي وزيراعظم ٿيڻو هئو ۽ پوءِ سهروردي ۽ بوگرا واري واري سان ٿوري ٿوري وقت لاءِ وزيراعظم ٿيندا رهيا.پنجاب جي ليڊرشپ خاص ڪري ميان ممتاز محمد خان دولتانه هڪ خفيه دستاويز (Secret Document) ٺاهيو ۽ اهو ننڍن صوبن جي سڀني اسيمبلين ۾ پڙهيو ويو جنهن جو مطلب اهو هئو ته ننڍن صوبن جا ماڻهو تڪليف ۾ نه ايندا پر حقيقت ۾ اهو دلبو هئو. 11 ڊسمبر 1954ع تي حيدرآباد درٻار حال ۾ ون يونٽ جو ٺهراءَ بحال ڪرايو ويو، جناب محمد ايوب کهڙو سنڌ جو وزيراعليٰ هئو، ان پنهنجي تقرير ۾ اهو چيو ته اسان کي هي ٺهراءُ پاس ڪرڻ گهرجي نه ته اسان تي (سنڌ) وڏو ظلم ٿيندو. اسيمبليءَ جي 102 ميمبرن مان 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ چئن ميمبرن جن ۾ عبدالحميد خان جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي (بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جو فرزند) ، شيخ خورشيد احمد ۽ پير الاهي بخش مخالفت ڪئي، جيتوڻيڪ پير الاهي بخش صاحب ڪراچيءَ کي گادي بڻائڻ لاءِ حق ۾ ووٽ ڏنو هئو ۽ کهڙي صاحب کي ووٽ نه ڏيڻ تان برطرف ڪيو ويو هئو.
14 آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ ان وقت صرف ٻه صوبا وڃي رهيا. پنجاب جي ليڊرشپ زور هئي، تڏهن ايوب خان ۽ فوج جي کين مدد هئي. حقيقت ۾ ڪراچي کي گادي ٺاهڻ وقت مرڪزي حڪومت سنڌ حڪومت کان ٽيهه ڪروڙ قرض ورتو ۽ 1955ع ۾ سنڌ پنهنجي 30 ڪروڙن جي بچت مغربي پاڪستان حڪومت جي حوالي ڪئي. ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ مغربي پاڪستان جي گادي لاهور ٿيو. ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف ٿي. صوبن جا مسئلا (جن کي سابق صوبا چيو ويندو هئو ۽ سنڌ کي سابق سنڌ) وڌڻ لڳا، شهرن ۽ ٻهراڙين جي ترقي رڪجڻ لڳي. 30ڪروڙ جو ڪوبه حساب ڪتاب ڪونه ڏنو ويو نڪو واپس ڪيا ويا. ڪراچيءَ کي گادي ٺاهڻ وقت مرڪزي حڪومت جيڪي سنڌ جون جايون جڳهيون، بنگلا، گهر، روڊ رستا، پليون، ورتيون هيون انهيءَ لاءِ پئسن ڏيڻ جو واعدو ڪيو هئو جيڪي هن مهل تائين نه مليا آهن.
جديد دنيا جي جڳ مشهور ٻن اقتصاديات جي ماهرن پال باران (Paul Baran) اينڊر گنڊر فرئنڪ (Andre Gunder Frank) جيڪي ٻئي ڏکڻ آمريڪا جا آهن، تمام وڏي اڀياس کانپوءِ اهو چيو اٿن ته جي ان قسم جون پاليسيون ٺاهبيون ۽ هڪڙي ئي ملڪ جا ٻيا وڏا صوبا يا ماڻهو ننڍن صوبن تي حڪومتون ڪندا ۽ اقتصادي طور سماجي طور ۽ سياسي طور سندن رت چوسيندا ته پوءِ اهو ملڪ يا صوبا تمام ڏکيائي سان ترقي ڪري سگهندا. مان سمجهان ٿو ته هي قصو به انهن جي نظرين جو حامل آهي ڇو ته سنڌ جي اصل بچت جي نڪتل پئسن اهڙي ترقي کي روڪي ڇڏيو آهي. جديد دور جي هڪ تاريخ دان ايئن ٽالبوٽ (Ian Talbot) جيڪو انگريز آهي پنهنجي نئين ڪتاب، پاڪستان جي نئين تاريخ (A new History of pakistan) ۾ لکيو آهي ته ون يونٽ وارن 15 سالن ۽ ايوب خان جي دور ۾ سنڌين کي پنهنجي ترقيءَ جو ڪو ڦل حاصل نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي نموني پنجاب جي دانشور پروفيسر عزيز الدين به رقم طراز آهي پنهنجن ڪتابن ۾ ته سنڌ سان ون يونٽ دور ۾ تمام گهڻيون زيادتيون ٿيون خاص ڪري نوڪرين ۾. هڪ ٻئي معاشتدان عديل احمد به اهڙو ئي ذڪر ڪيو آهي. اسان جي محترم دوست ۽ اعليٰ پائي جي آفيسر ۽ دانشور سائين فضل الله قريشي صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون” ۾ تمام وڏو ذڪر ڪيو آهي. ون يونٽ جي دور جو خاص ڪري سنڌ جي ترقي ڪيئن رڪي، نوڪرين جو حشر ڪهڙو ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو وغيره.
ون يونٽ 15 سال لاڳو رهيو ۽ پهرين جولاءِ 1970ع تي جنرل يحييٰ خان انهيءَ کي ٽوڙيو ۽ صوبا بحال ٿيا. انهيءَ دو ر۾ سنڌين وڌ ۾ وڌ جدوجهد ڪئي،۽ ٻين ننڍن صوبن ۽ شيخ مجيب جيڪو مشرقي پاڪستان جو رهنما هئو تمام گهڻو حصو ورتو . سنڌ جا اڪثريتي سياستدان ۽ انهن جن ٺاهيو سڀ گڏ جي وڃي ون يونٽ جي خلاف ٿيا ۽ ڪافي محنت کانپوءِ ون يونٽ ٽٽو.
ون يونٽ تي لکڻ لاءِ مواد ته تمام گهڻو موجود آهي ۽ هاڻي ته ون يونٽ کي ختم ٿئي به 50 ورهيه گذري چڪا آهن. 50 ورهيه ئي سنڌين جي حڪومت رهي آهي. اتي هڪ سوال ذهن ۾ اڀري اچي ٿو ته ون يونٽ ٺهيو ۽ ڇو ٺهيو؟ انهيءُ جا نقصان ته اسان مٿي ڳڻايا آهن، فائدا ڪهڙا ٿيا؟ ڇا سنڌي ماڻهن جي ترقي ٿي، تعليم وڌي، صحت بهتر ٿي؟ سنڌ جو وڏيرو جيڪو جتي هئو اتي ئي بيٺو آهي؟ ان سنڌي ماڻهن جي ڪا پوئواري يا پٺڀرائي ڪئي؟ ڪي اسڪول، اسپتالون، يا ٻيون ڪجهه سهولتون پيدا ڪيون؟ جيڪو اڄ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ڪي سال اڳ ان جو ڏاڏو، نانو يا والد صاحب ئي ميمبر هئا. ڇا ڪا تبديلي آئي؟
انهيءَ ۾ ته ڪو به شڪ ناهي ته وڏو ماڻهو، وڏي ڪرپٽ آفيسر جو اولاد، وڏي زميندار جو اولاد ته ٻاهران پڙهي آيو ۽ سڀ فائدا حاصل ڪيائين. پر غريب جو ڇا ٿيو، غريب هاريءَ جو ڇا ٿيو، غريب مزدور جو ڇا ٿيو؟ غريب سنڌيءَ جو ڇا ٿيو؟ ڇا سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون ترقي ڪري ويون؟ اڄ سنڌ جي غربت سرڪاري انگن اکرن مطابق 46 سيڪڙو آهي، شهرن ۾ روڊ رستا ناهن، گٽر کليل آهن، گند جا ڍير آهن. سنڌ جو پئسو ڪرپشن جي ور به چڙهي ٿو. سنڌ امير آهي، سچ ته جيڪڏهن اسان ۾ اهليت، ، قابليت ۽ سچائي پيدا ٿي وڃي ته سنڌ ايتري ته امير آهي جو اها هڪ يورپ جي ننڍي ملڪ سان برميچي سگهجي ٿي.
اڄ ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ 50 ورهيه پوءِ اسان کي ڌاريا اهو ٿا چون ته پاڪستان هنن ٺاهيو، سنڌ هنن ٺاهي، ڪراچي هو هندستان مان کڻي آيا ۽ ڪراچيءَ جو سڄو پئسو هو ڪمائي پيا ڏين، ڇا اسان وٽ انهيءَ جو ڪو جواب آهي؟ ڪراچي صدين کان سنڌ جو حصو رهي آهي ۽ امير ترين علائقو رهيو آهي. اڄ آءُ هن مضمون جي ذريعي سنڌ جي سڀني دانش سان ڀريل دوستن کي گذارش ڪندس ته انهيءَ سوالن تي سوچين ۽ ساڳئي وقت سنڌ حڪومت کي به اپيل ڪندس ته انهن سوالن جا جواب ڏين ۽ سنڌ جي هر شعبي جي ترقي لاءِ سوچين، ڪرپشن ختم ڪن ته سنڌ جو هر انسان خوشحالي ماڻي سگهي.
جڏهن 1847ع ۾ سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو ٿي هئي ته چارلس نيپئر جنهن انگريزين طرفان سنڌ فتح ڪئي هئي چيو هئو ته “ڪراچي تون اوڀر جي راڻي آهين، ۽ تون اها ترقي ڪندين جو دنيا ڏسندي ۽ منهن جي دل چاهي ٿي ته جي مون کي زندگي ملي ته مان واپس اچي تنهن جو اوج ڏسان”.
(نوٽ :اڄ ون يونٽ جي ٽٽڻ جو ڏينهن آهي )

Bookmark the permalink.

2 Responses to سنڌ سان زيادتين جي تاريخ ۽ ون يونٽ

  1. sikandar says:

    سائين تمام سٺو لکيو آهي توهان پر اسان وٽ ته حال هي آهي ته، “رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا.” جيڪڏهن هن وقت به وفاقي سرڪار جو رويو ڏٺو وڃي ته اهو جهڙو ڪلهه هو تهڙو اڄ آهي پر هر گذرندڙ ڏينهن سان ان ۾ شدت اچي ٿي ۽ اهو مضبوط کان مضبوط ٿيندو پيو وڃي. ٻئي طرف اسان وارا همراهه آهن جن کي صرف پنهنجي خانداني وقار ۽ نيڪ نامي جي پريشاني آهي. سنڌ جي حقن جي لاءِ هي ڪو مضبوط موقف رکن سا ڳالهه اڄ به نظر ڪانه ٿي اچي. هن جو مثال هي ڏيندس ته هنن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ نٿا پڙهن ۽ صرف ٻن ٻولين ۾ پڙهي رهيا آهن هڪ آهي اردو ۽ ٻي آهي انگريزي. سو هنن کي ڪهڙي ضرورت آهي سنڌي ٻولي لاءِ مٿو کسائڻ جي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان جيڪڏهن هي ايترا سچا هجن هان ته، سپر هائي وي تي اردو ۽ انگريزي سان گڏ سائن بورڊن تي سنڌي به لکرائڻ جي لاءِ سنڌ اسمبلي ۾ ڪو بل آڻين هان ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات جي مالڪي لاءِ ويڙهه ڪن هان پر ”ساڳا لاٽون ساڳا جگهه“ ۽ ”نه ڪس ڪنوار ۾ نه گهٽ گهوٽ ۾.“ سائين هن ملڪ ۾ سياست آهي ڪٿي. هن ملڪ کي ته بس هڪ انتظامي ڍانچو سمجهي هلايو پيو وڃي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان چاهه رکندڙ توهان جهڙا کوڙ ماڻهو آهن جيڪي وقت به وقت سنڌي قوم کي مستقبل جي انيڪ خطرن کان آگاهي ڏيندا رهن ٿا ۽ حڪمرانن کي به خبردار ڪندا رهن ٿا ته ٻيلي ڏاها ٿيو ڪجهه اک پٽيو ڪٿي ائين نه ٿئي سنڌ دنيا جي جنهن خطي ۾ موجود آهي اتي هڪ ٻيو اسرائيل ۽ هڪ ٻيو فلسطين ٺهي وڃي ۽ سپر هائي جي ٻنهي طرفين ڌڙا ڌڙ رهائشي رٿائن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ ۾ ئي سنڌين لاءِ جيئڻ جنجال بڻجي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *