تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌ حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش

قصو قومي اسيمبلي ۾ علي زيدي جي تقرير کان شروع ٿيو، جنهن ۾ علي زيدي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا نالا کڻي مٿن الزام هڻندو رهيو، جنهن جي تقرير دوران ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان ويندي تحريڪ انصاف جي وفاقي وزيرن تائين سڀ علي زيدي جي تقرير سان سهمت نظر اچي رهيا هئا، ايتري قدر جو وفاقي وزير اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چئي رهيا هئا ته سندن وقت به علي زيدي کي ڏنو وڃي ته جيئن علي زيدي وڌيڪ ڳالهائي سگهي، ان ڏينهن پهريون ڀيرو سيد نويد قمر کي ايترو جذباتي ٿيندي ڏٺو ويو جو هو پنهنجو ڪوٽ لاهي علي زيدي ڏانهن وڌندي چوڻ لڳو ته جي وڙهڻو اٿئي ته اچي وڙهه، ان ڏينهن تي اسپيڪر علي زيدي جي تقرير کانپوءِ پهريان ئي قادر پٽيل کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنو پر جيئن ئي پ پ پ جي قادر پٽيل ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي. اهو قصو ان وقت ايترو گهڻو محسوس نه ٿي رهيو هو پر جڏهن قصو علي زيدي جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ واري ماحول تائين اچي پهتو آهي، تڏهن محسوس ٿي رهيو آهي ته علي زيدي جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب پي ٽي آءِ سرڪار جو طئه ٿيل معاملو هو، قادر پٽيل جي مائيڪ بند ڪرائڻ به طئه شده ايجنڊا جو حصو هو، اهڙي ئي دٻاءُ جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت کي جي آءِ ٽي رپورٽون پڌريون ڪرڻيون پئجي ويون، ان سڄي مامري ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ سرڪار علي زيدي کي قومي اسيمبلي جي فلور تي ڳالهرائي سنڌ حڪومت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ ۾ ان حد تائين ڪامياب ٿي وئي جو سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي رپورٽون پاڻ پڌريون ڪرڻ جو اعلان ڪيو. گذريل ڏينهن جڏهن اسلام آباد ۾ مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو تڏهن هن پاڻ اعتراف ڪيو ته علي زيدي جي تقرير کانپوءِ جي آءِ ٽي رپورٽون پڌريون ڪرڻ جو دٻاءُ آيو. بهرحال ان سڄي صورتحال کانپوءِ علي زيدي جتي پنهنجي پهرين مرحلي ۾ جي آءِ ٽي رپورٽون پڌريون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اتي علي زيدي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيندي نظر نٿو اچي. پيپلز پارٽي جو پهريان ئي موقف اهو هو ته ڪا به جي آءِ ٽي سامهون اچڻ سان انهن ملزمن کي فائدو ٿيندو جيڪي جي آءِ ٽي جي اندر ڏوهاري ثابت ٿي رهيا هوندا پر ڇو ته جي آءِ ٽي کي ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي جي پنهنجي مٿان الزام اچي رهيا هئا، تنهن ڪري پيپلز پارٽي اهڙي جي آءِ ٽي کي منظر تي آڻي ڇڏيو آهي. هينئر پيپلز پارٽي تي دٻاءُ ڇو نه آهي يا علي زيدي تي وڌيڪ دٻاءُ ڇو آهي؟ اهو ان ڪري جو پيپلز پارٽي عذير بلوچ کان وٺي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تائين سڀني کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهي آهي، جڏهن ته بلديه فيڪٽري واري مامري ۾ پيپلز پارٽي جو نه پر ايم ڪيو ايم جو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته علي زيدي عذير بلوچ واري جي آءِ ٽي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن مٿان الزام هڻڻ جي باوجود جي ڊي اي وارن ۽ ايم ڪيو ايم وارن سان گڏ ڇو ويٺا آهيو جهڙن سوالن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان کان علاوه علي زيدي جي مٿان اهو دٻاءُ به آهي ته جيڪا جي آءِ ٽي هن قومي اسيمبلي کان وٺي پريس ڪانفرنسن ۾ ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏي آهي، اهڙي جي آءِ ٽي جي پٺيان ڪير آهي؟ علي زيدي جڏهن پاڻ چوي ٿو ته ڪو شخص موٽر سائيڪل تي اچي سندس چوڪيدار کي رات جي وقت ۾ اهڙو خاڪي لفافو دروازي تي ڏئي ويو هو جنهن ۾ اهڙي جي آءِ ٽي جي رپورٽ هئي ته علي زيدي جي اهڙي بيان جي نتيجي ۾ ئي سندس پيش ڪيل جي آءِ ٽي جي ڪريڊيبلٽي تي سوال اٿن ٿا ته ڇا ڪو شخص رات جي وقت ۾ موٽر سائيڪل تي چڙهي ڪنهن کي به گهر جي دروازي تي خاڪي لفافو ڏئي وڃي ته ڇا اهو ڪنهن به شخص خلاف الزامن جو ٺوس ثبوت ٿي سگهي ٿو؟ ٻيو اهو موٽر سائيڪل تي ايندڙ شخص ڪير به هجي پر جيڪا به سچي يا ڪوڙي رپورٽ علي زيدي کي ملي آهي ان تي قومي ادارن جي ميمبرن جون صحيحون آهن، اهڙا دستاويز ڪير رات جي وقت ۾ ڪيئن چوڪيدار جي حوالي ڪري سگهي ٿو، سوال اهي به اٿيا آهن ته علي زيدي سنڌ حڪومت مٿان الزام لڳائڻ جي بجاءِ يا سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ کان پهريان ئي وفاقي حڪومت جو وفاقي وزير هئڻ باوجود پنهنجي حڪومت کي پاڻ ايئن ڇو نٿو چوي ته انهن چئن قومي ادارن جي ميمبرن کي گهرائي تحقيقات ڪريو ته سندن صحيحون درست آهن يا نه؟ علي زيدي جڏهن سنڌ حڪومت کي سڀ ڪجهه ثابت ڪريو جهڙو “نوٽيس” اماڻي ٿو تڏهن علي زيدي پنهنجي حڪومت کي به نروار ڪندي نظر اچي ٿو.
ساڳئي وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي مسئلي تي پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جي وچ تي به اها لڪير نڪتل آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪنهن جو هو، ڇو جو جي آءِ ٽي واري وقت کان اڳ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو تعلق نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اهم شخصيت طور ٿيندو هو پر هو آصف علي زرداري جو به ويجهو ترين دوست هو، ساڳئي وقت سنڌ جو هوم منسٽر به ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هو، هاڻي جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا عذير بلوچ کي هينئر تائين پنهنجو ٻچو قرار ڏئي ٿو ته پوءِ اهو مسئلو پيپلز پارٽي کان وڌيڪ عمران سرڪار لاءِ مسئلو بڻيل آهي ته هو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا واري مامري کي ڪهڙي پاسي رکي، ان ڪري علي زيدي نه رڳو جي آءِ ٽي جي رپورٽ وارو اهم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نٿو اچي پر گهڻو اڳتي هلي شايد پي ٽي آءِ سرڪار علي زيدي جي معاملي کان به گهڻو پاڻ کي پري ڪري وڃي.
سوال اهي به پيدا ٿيا آهن ته آخر جي آءِ ٽي رپورٽون هن وقت سامهون آڻڻ جي پٺيان ماجرا ڇا آهي، علي زيدي کي ميدان ۾ آڻڻ جو مقصد ڇا آهي؟ هڪ ته بلاول ڀٽو زرداري مختلف سياسي اڳواڻن سان گڏجي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان هن ئي هفتي ڪري چڪو هو ان کان علاوه عمران خان جا اتحادي عمران سرڪار کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ عمران خان پاڻ ئي مائنس فارمولا جو ذڪر به ساڳي ئي اسيمبلي جي فلور تي ڪري چڪو هو، ان ڪري پيپلز پارٽي کي يا مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ پارٽين کي پوئتي ڌڪڻ واري پاليسي جو ذڪر به هر هنڌ موجود هو، ان ڪري جنهن به اڳواڻ يا صحافي سان ملاقات ۾ جي آءِ ٽي جو ذڪر ڪريو ته اهڙا اڳواڻ يا صحافي سوال جي جواب ۾ سوال ڪندي ئي نظر اچن ٿا ته ڇا اهڙا انٽرويو يا اهڙا الزام پهريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيا آهن، مطلب ته هي ڪهاڻي ڪا نئين ڪهاڻي ناهي، ايتري قدر جو نبيل گبول جهڙا پ پ اڳواڻ اهو دليل ڏيندي به نظر اچن ٿا ته عذير بلوچ جي گرفتاري سندس معلومات جو نتيجو آهي مطلب ته نبيل گبول ئي ٻڌايو هو ته عذير بلوچ ايران ۾ يا ايراني پاسپورٽ تي ڪيئن رهي ٿو، ان ڪري پيپلز پارٽي جي کاتي ۾ عذير بلوچ کان لاتعلقي جا گهڻا جواز پيدا ٿي ويا آهن، ٻي پاسي علي زيدي پراڻين فوٽيجز جي آسري عذير بلوچ کي پيپلز پارٽي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيندي نظر نٿو اچي، جڏهن ته ساڳي وقت نه رڳو بلاول ڀٽو اي پي سي گهرائڻ واري تحرڪ ۾ عمران سرڪار جي خاتمي جو مطالبو ڪندي نظر اچي ٿو پر وفاق ۽ صوبن جي وچ تي 18هين ترميم کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ جي رقم وارو مامرو به ڪيترن ئي ڏينهن کان بحث هيٺ رهندو آيو آهي، پيپلز پارٽي يا سنڌ حڪومت وفاق سان ان مامري تي به ساڳي پيج تي نظر نٿي اچي، جنهن ڪري ئي هي جي آءِ ٽي جون رپورٽون پيپلز پارٽي يا سنڌ حڪومت کي پوئتي ڌڪڻ جو بنياد بڻجي سگهن ٿيون پر مراد علي شاهه پيپلز پارٽي کي مائنس ڪرڻ يا 18هين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ ترميم ڪرڻ جي حق ۾ نظر نٿو اچي، هڪ پاسي عمران خان قومي اسيمبلي جي فلور تي چوي ٿو ته جيڪڏهن مان اڄ هنن کي اين آر او ڏئي ڇڏيان ته منهنجي خلاف سمورو دٻاءُ ختم ٿي ويندو، ٻئي پاسي پيپلز پارٽي يا سنڌ حڪومت سان تعلق رکندڙ اڳواڻ چون ٿا ته جيڪڏهن اسان 18هين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ تي نرمي ڏيکاريون ته سمورا مامرا ختم ٿي ويندا، هاڻي اهو ڪيئن اعتبار ڪجي ته موقف ڪنهن جو درست آهي، اين آر او وفاقي حڪومت گهري رهي آهي يا اين آر او سنڌ حڪومت گهري رهي آهي؟ اهو اهڙو سوال آهي جيڪو اصل جي آءِ ٽي ڪهڙي آهي جيان جواب جي انتظار ۾ آهي، جيستائين تعلق عذير بلوچ جي امن ڪاميٽي ڪنهن جوڙي جو آهي ته ڇا ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي فلور تي اهي اعلان ڪنهن نه ٻڌا آهن ته ايم ڪيو ايم ڪنهن جوڙي يا پرويز مشرف جي ڪتاب ان دي لائن آف فائر ۾ ڪنهن پرويز مشرف جو اهو جملو ناهي پڙهيو ته مسلم ليگ ق کي هنن ڪيئن ٺاهيو، تنهن ڪري سياسي پارٽيون هجن يا وري ڪراچي ۾ انساني خون جي ڪهاڻي هجي اها ڪا به نئين ڳالهه ناهي جو جي آءِ ٽي جي بنياد تي انهن مٿان نتيجا خيز ڪيس هلڻ شروع ٿين، جيڪڏهن ائين هجي ها ته رڳو جي آءِ ٽي عذير بلوچ واري يا بلديه فيڪٽري کان ويندي نثار مورائي واري جي آءِ ٽي ئي نه آهي پر لاهور ماڊل ٽائون، ايبٽ آباد ڪميشن کان ويندي کنڊ ڪميشن تائين ڪيتريون ئي رپورٽون آهن جن تي هميشه سوال اٿندا رهيا آهن. ان ڪري اهم سوال اهو آهي ته اهي ڪير آهن جيڪي رات جي وقت ۾ خاڪي لفافن ۾ وفاقي وزيرن کي سندن گهرن جي چوڪيدارن معرفت قومي رازن واريون رپورٽون ڏئي هليا وڃن ٿا، جنهن تي قومي حساس ادارن جي اهلڪارن جون صحيحون ٿيل آهن، تنهن ڪري هي هاڻي مامرو پيپلز پارٽي يا علي زيدي جو نه پر انهن کان به گهڻو اڳتي جي تحقيقات جو مامرو بڻجي ويو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *