تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

سنڌ حڪومت جو آءِ جي پوليس سان جھيڙو ڇو آھي؟

سنڌ ۾ شروع کان ھڪ فرسوده نظام تحت وڏيري، ڀوتار، رئيس، سردار، پير، مخدوم ۽ مافيا جي تر، راڄ ڀاڳ، علائقي، ضلعي، صوبي ۽ ملڪي سطح تي حڪمراني ڪرڻ جو وڏو ذريعو حد جو ايس ايڇ او، ڊي ايس پي ۽ ايس پي، چور، لوفر، ڌاڙيل، داداگير، ڪاٽڪو، پيشه ور ڏوھاري ۽ بشني رھيو آھي. ڇاڪاڻ ته ڏوھاري غريب، وچولي طبقي، ڪلارڪ، ڪاموري، واپاري جي گھر ۾ گھڙندا، چوري، ڌاڙا هڻندا، اغوا ڪندا، ڀتو وٺندا، ڪنھن کي قتل ڪندا، ڪنھن کان گاڏي ڦر ڪندا، ڪنھن جي زمين تي قبضو ڪندا. ماڻھو دانھن پوليس ڏانھن کڻي ويندا. ساڳئي نموني قبيلائي جهيڙا ٿيندا، ماڻھو قتل ٿيندا، ماڻھو فرياد کڻي پوليس وٽ پھچندا. پوليس وڏيري ڏانھن موڪليندي. جڏھن وڏيري وٽ ويندا ته ساڳيا ڏوھاري ۽ پوليس وڏيري جي اوطاق تي شھپر پيا وٽيندا. وڏيرو قتل جي واقعي ۾ پوليس کي روڪي ڇڏيندو. ايف آءِ آر نه داخل ڪيو، ٻئي ڌريون منھنجون آھن، آئون فيصلو ڪندس. ڪوڙيون ۽ بلائينڊ ايف آءِ آرز، ڏوھ ھڪڙو ڪري سڄي گھر ۽ ڳوٺ تي ڪيس داخل. ماڻھو پيا ڪورٽن ۾ لوڙين پوءِ وري خانگي جرڳا. لکين رپين جون ڏنڊ چٽيون. ماڻھو سڄي عمر پيا وڏيرن جي اوطاقن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽين. پوءِ الھ تلھ تباھ، نسل ختم ٿيو وڃي. غريب ۽ شريف ماڻھو اھو لقاءُ ڏسي بي وسي ۽ لاچاري ۾ وڏيري جي پيرن ۾ ڪري غلامي قبول ڪندو. ننڍو وڏيرو وڏي ڀوتار کي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وزير بڻائڻ جي ڏاڪڻ ٿي پوي ٿو. ڪيترا مثال موجود آھن. جيڪڏھن ايس ايس پي پنھنجي مرضي سان کڙپيل ايس ايڇ او رکي ٿو ۽ اھو آفيسر ٿوري عرصي دوران علائقي ۾ امن ڪرائي ڏوھارين کي جيل موڪلي يا کين علائقو ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿو ته سندس بدلي لاءِ آءِ جي ۽ وزيراعليٰ تائين ڳالھ پھچيو وڃي ۽ آفيسر بدلي يا لائين حاضر ٿيو وڃي. توڙي جو شھري ان آفيسر جي بدلي روڪرائڻ لاءِ ھڙتال ۽ احتجاج ڪن ٿا پر سرڪار نامدار کي اھليت ۽ ايمانداري بجاءِ ڪمداري ۽ ڪرپشن گھرجي.
ھن سسٽم کي ايس ايڇ او کان آءِ جي ٽيڪ ۽ سپورٽ گھرجي. ھڪڙو اھڙو پوليس جو دور آيو جو راؤ انوار، چوڌري اسلم، پير فريد جان سرھندي جھڙن رينڪر پوليس آفيسرن جي رات ھئي. مٿان وري غلام حيدر جمالي ۽ غلام قادر ٿيٻو جھڙا بالا آفيسر ھجن. دعا ڪيو جنرل راحيل شريف کي جنھن سنڌ پوليس تي ڏنڊو کنيو ۽ چور ۽ چورن جي سرپرست آفيسرن کي چونڊي ڪڍيو. ان وقت زرداري حڪومت چوي پئي ته سنڌ تي لشڪر ڪشي آھي. غلام حيدر جمالي غير قانوني پوليس ڀرتين کانسواءِ پوليس لاءِ خريد ڪيل اي پي سيز ۽ ھٿيارن ۾ اربين رپين جا گھپلا ڪيا. اھڙيون غير معياري اي پي سيز خريد ڪيون جن ۾ ھن وقت تائين ڊزن کان مٿي پوليس جوان شھيد ٿي چڪا آھن۔ وڏي سرڪار جي سفارش تي اي ڊي خواجا سنڌ پوليس جو آءِ جي مقرر ٿيو، جنھن کي پھريون ٽاسڪ اهو ڏنو ويو ته سڄي سنڌ جي آبادگارن کان پوليس معرفت ڪمند ڦري اومني جي شگرملن تي پھچايو۔اي ڊي خواجا اھو ڪم نه ڪيو. کيس سنڌ بدر ڪيو ويو پر عدالت جي حڪم ۽ مٿين جي آشيرواد سان ويٺو رھيو پر زرداري حڪومت کيس ڪم ڪرڻ نه ڏنو. مٿان وري نئون آءِ جي گھرايائون. سبب اھو ڏنو ويو ته اي ڊي خواجا 21 گريڊ جو آفيسر آھي. جڏھن 22 گريڊ جو آفيسر آيو ته وري ان به جائز حد تائين تابعداري ڪئي پر سنڌ حڪومت ته وري به چاھي پئي ته آءِ جي سنڌ سندس هر حڪم مڃي. ان کان اڳ سنڌ مان امير شيخ، خادم رند، ثناءُالله عباسي، نجف مرزا، رضوان احمد سميت ڪيترن پوليس آفيسرن کي سنڌ بدر ڪري سندن خدمتون وفاق حوالي ڪيون ويون. باقي جيڪي پوليس آفيسر تابعداري ڪن پيا جڏھن وفاق انھن کي سنڌ مان واپس گھرايو ته سنڌ حڪومت کين رليو ڪرڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ته سنڌ ۾ آفيسرن جي کوٽ آھي. ڪراچي پوليس ھڪ ڏوھاري ۽ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو جنھن اعتراف ڪيو ته سندس رابطا ۽ واسطا وزيراعليٰ سنڌ سان به آھن. اتان مڇرجي وزيراعليٰ آفيسر کي سنڌ بدر ڪيو ۽ پوليس تي پابندي ھنئي ته حڪومت جي اجازت کانسواءِ ڪوبه پريس کي موقف نه ڏيو. نيشنل ايڪشن پلان دوران اي ڊي خواجا ڪيترا دفعا ميڊيا آڏو رڙيون ڪيون ته پوليس نظام ارڙھين صدي جو پراڻو آھي ان ۾ اصلاحات آڻيو. ھن بار بار پئي چيو ته رينجرز تي اربين رپيا خرچ ٿين پيا پوليس جي فني، مالي، جسماني ۽ ذھني تربيت ڪريو ته جيئن ان کي جديد بڻائي دھشتگردي ۽ ڏوھارين جو مقابلو ڪري سگھجي پر سنڌ حڪومت الزام هيٺ آيل ميمبرن کي جيلن ۾ سھولتون، کين قانون کان بچائڻ،جيل کان اسيمبلي آڻڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري ڪري مسلسل مھينو اجلاس پئي ھلايا پر ڪا قانونسازي نه ڪئي. جيڪڏھن پوليس سڌارن جو بل پاس به ڪيو ته ساڳيو پوليس کي غلام بڻائڻ وارو بل آھي. پوليس لاءِ جديد ھٿيار، فارينزڪ ليبارٽري، تحقيقات لاءِ جديد اوزار، آن لائين ايف آءِ آر جي داخلا، ٿاڻن ۾ سھولتون، پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن جي جديد نظام جي قيام جي ضرورت آهي. ڪيترن ٿاڻن وٽ پنھنجي بلڊنگ نه آھي. اسڪول، اسپتالن ۽ ٻين سرڪاري کاتن جي بلڊنگس ۾ پوليس قبضا ڪري ٿاڻا قائم ڪيا آھن. پوليس موبائلن لاءِ ايندڙ تيل، اسٽيشنري ۽ ٻي سرڪاري بجيٽ ٿاڻن تائين پھچي ئي نٿي.
جنرل راحيل شريف جي دور کان شروع ٿيل آپريشن ۾ سنڌ جي شھري ۽ ٻھراڙي جي علائقن ۾ آپريشن دوران تقريبن 90 سيڪڙو شھري سياسي، لساني ۽ مذھبي دھشتگردي جي پاڙ پٽجي وئي. ساڳئي نموني سڄي سنڌ ۾ ننڍا وڏا ڏوھاري مارجي ويا يا ڏوھ ڇڏي ويا. ھن وقت مجموعي طور سنڌ ۾ امن آھي ۽ جتي ڏوھ ٿين ٿا ته اھي ضلعا جيئن شڪارپور، گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعا آھن جتي حڪومت پاڻ ڏوھن ۾ ملوث آھي، جنھن جو اظھار اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور رضوان احمد ڪيو.کيس ان ڏوھ ۾ بدلي ڪيو ويو. پ پ جي ڏھ سالن جي حڪومتي دور ۾ جنھن به آفيسر چيو نه مڃيو، ان کي صوبي بدر يا لائين حاضر ڪيو ويو. ڪافي ضلعا ايس ايس پي جي جاءِ تي پرائيويٽ ماڻھو ھلائين پيا جن کي پي ايس او جو نالو ڏنو ويو. ٿاڻي تي ايس ايڇ او ھڪڙو ۽ حڪم خانگي ماڻھن يا سندن واٺن جا ھلن پيا. پ پ جي ڏھن سالن ۾ مقرر پوليس آفيسرن جي جاچ ڪبي ته ڪافي ايس ايڇ او ۽ آءِ جي رينڪ جي آفيسرن جا اثاثا اربين رپين جا آھن.
اي ڊي خواجا کان ڪليم امام تائين ھر آءِ جي سان سنڌ حڪومت ٺھي ڇو نه ٿي؟ ھڪڙو وڏو سبب ٻه ڊزن کن ڪرپٽ ۽ ڏوھاري پوليس آفيسرن خلاف ثناءُالله عباسي واري رپورٽ به آھي، جيڪا مقتدر حلقن، نيب سميت عدالتن ۾ پيش ڪئي وئي، جنھن ۾ اڳوڻي پوليس سربراھ غلام حيدر جمالي جو نالو به آھي. ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم ۽ زرداري يا حڪمران پارٽي سان لاڳاپيل ماڻھن خلاف قتل، دھشتگردي، قبضي، ڀتي ۽ ٻين ڪيسن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽس يا ايف آءِ آرز آھن، جن ۾ عذير بلوچ، نثار مورائي، بلديه واقعو، 12 مئي يا ٻيو قتلام – جنھن جي جاچ جا اختيار حڪومت رينجرس يا پوليس کي نٿي ڏئي ۽ مٿان عدالتن جو دٻاءُ آھي ته ڪيسن تي ڪاروائي رپورٽ ڏيو. مٿان وفاقي سيڪيورٽي ادارن ۽ وفاقي حڪومت جو دٻاءُآھي. ھاڻ پوليس اچي ڦاٿي آھي، جنھن جو سڌو نزلو آءِ جي پوليس تي ڪري ٿو. ڪنھن به آفيسر جو ايتري دٻاءَ ۾ ڪم ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ نه آھي. سنڌ حڪومت چاھي ٿي ته ايندڙ مڪاني چونڊن کان اڳ پنهنجو آءِ جي پوليس مقرر ڪجي جيڪو ڏوھارين کي به ڍر ڏئي ۽ ٻڌ ڇوڙ ڪري داٻو بحال ڪري ته جيئن سندن ڦٽل اوطاقن جي رونق بحال ٿئي. اصل ۾ پوليس ڪو گھڻو ايماندار نه ٿي آھي پر سموري پراڻي نظام ھلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آھي. پر ڀوتارن جي بقا ان نظام ۾ آھي، جنھن جو برملا اظھار ڪن ٿا ته نظام کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏبو يا ارڙھين ترميم کي خطرو يا ان تي سودي بازي نه ٿيندي. سنڌحڪومت ڪھڙا به حيلا ھلائي پر سسٽم تبديل نه ٿيو ته ازخود ڊھي پوندو، جنھن کي مجبورن تبديل ڪرڻو پوندو. پ پ حڪومت نه ڪيو ته ٻيا اچي ڪندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *