تازا ترين
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

سنڌ حڪومت جون دعوائون ڌوڙ ڪندڙ برسات…!!

جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت پاران اهي دعوائون ڪندي ٿڪاوٽ به محسوس نه ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ چوماسي جي برساتن کان اڳواٽ ئي اپاءُ ورتا ويا آهن پر شهر ۾ پيل ڪالهوڪي برسات حڪومتي دعوائن کي پٽ پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. شهر ۾ وڌ کان وڌ برسات گلشن حديد ۾ پئي آهي جتي 86 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح صدر، ڪياماڙي، بلديا ٽائون، نيپا چورنگي، شانتي نگر، سرجاني ٽائون، اتحاد ٽائون، قيوم آباد، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سميت ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات جو زبردست وسڪارو ٿيو ، جنهن ڪري
شهر جا ڪيترائي علائقا ۽ مک شاهراهون درياھ جي وهڪرن جو ڏيک ڏئي رهيون هيون. نيو ڪراچي ۽ گلستان جوهر وارن علائقن ۾ ته زندگي جو وهنوار ئي مفلوج بڻجي ويو، پاڻي يونيورسٽي روڊ، جوهر موڙ، صفوران چورنگي، سماما چورنگي، نيپا چورنگي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي مين گيٽ اڳيان ڇوليون هڻندو رهيو. ان دوران پاڻي ۾ گاڏين جو اڌ حصو مڪمل طور ٻڏل رهيو، جنهن ڪري ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون، گاڏيون بيهجڻ سبب ٽريفڪ نظام به درهم برهم ٿي ويو. اهڙي طرح شاهراھه فيصل شهر جي اها شاهراھه آهي جيڪا بند ٿي وڃي ته سموري شهر جي ٽريفڪ تي خطرناڪ اثر پوندو آهي. ڪالهه به ايئن ئي ٿيو، شاهراھه فيصل تي بلوچ پل، ڊرگ روڊ ۽ ڪارساز توڙي نرسري وٽ پاڻي جو تلاءُ جمع ٿيل هو، جنهن ڪري سوين گاڏيون بيٺل رهيون. شير شاھ جي پراچا چوڪ، حبيب بينڪ چورنگي، لياقت آباد، بلديا ٽائون 3 نمبر ۽ سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر واري روڊ کي به برساتي پاڻي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن ڪري شهرين روڊن کي کڏا هڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي نيڪال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، ان سموري صورتحال باوجود مڪاني ادارن واري کاتي جا اهي عملدار به نظر نه آيا جن جي کاتي ۾ اعليٰ اختيارين پاران برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، نه ئي وري ڪي ايم سي اختيارين جي ڪا اهڙي چر پر نظر آئي جنهن مان سکڻو اندازو ئي لڳائي سگھجي ته انتظاميا سجاڳ آهي..!
ڪالهه واري برسات شايد انتظاميا کي پڌرو ڪرڻ آئي هئي. ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو پاڻي نيڪال ڪرڻ واري ڪم ۾ لڳل هو، ته ڪٿي وري ماڻهو ڦاٿل گاڏين کي ڌڪا ڏئي انتظاميا لاءِ اهو پيغام ڇڏي رهيا هئا ته هاڻي هنن کي حڪومتن يا ادارن مان ڪا اميد ئي ناهي! هاڻي هر ڪم پاڻ کي ئي ڪرڻو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت پاران چوماسي برساتن جي اڳڪٿي کان پوءِ هنگامي بنيادن تي جهڙي طرح پريس ڪانفرنسون ۽ شهر جي برساتي نالن جا دورا پئي ڪيا تڏهن محسوس اهو پئي ٿيو ته هاڻي حڪومت ماضي جي ڀيٽ ۾ گھڻي سنجيده آهي، پر اهو تاثر بلڪل ان جي ابتڙ نڪتو. شهر ۾ مجموعي طور تي 38 برساتي نالا آهن جن تي وڏي بجيٽ به خرچ ڪئي وئي آهي ته افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته جتان صوبائي وزير ناصر شاھه ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر صفائي مهم جي شروعات ڪئي اهو برساتي نالو به محمود آباد وٽان بند ٿيل آهي، جتان پاڻي جو گذر نه ٿو ٿئي. سنڌ جي گادي واري شهر ۾ برسات بعد جهڙي نموني وڏي ٻوڏ نظر اچي رهي هئي اهو نه صرف مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين، پر سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي اختيارين لاءِ وڏو سوال آهي، سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي اختيارين کي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ڪيل ڪم ۽ خرچن جا سمورا تفصيل پڌرا ڪرڻ گھرجن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *