تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سنڌ حڪومت بابت اٿاريل سپريم ڪورٽ جا سوال!

پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي 12 سال جو عرصو گذرڻ باوجود اڄ به سنڌ جو عوام پاڻي، بجلي، روڊ رستن، صحت ۽ تعليم سميت هر بنيادي سهولت کان وانجهيل آهي، اهو سوال اڄ ڪلهه هر ڪنهن جي وات تي آهي ته سنڌ جو گادي وارو شهر سڀ کان وڌيڪ روينيو ملڪ کي ڏيندو آهي پر ان کي بدلي ۾ ڪجهه به ناهي ملندو ۽ ڪراچي واسين جي ٽيڪس جو پئسو به انهن تي خرچ ناهي ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي توڙي گڊ گورننس جون دعوائون تڏهن ڌوڙ ٿي ويون جڏهن ڪراچي ڄائو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪراچي ۾ حددخلين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي عوام سان ناجائزين وارن معاملن تي ڪيسن جون ٻڌڻيون ڪري رهيو هو. چيف جسٽس کي سنڌ سرڪار پاران آگاهي ڏني وئي ته اسان حددخلين خلاف ڪارروائيون لاءِ وڃون ٿا ته اتي امن امان جو مسئلو پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو اسان کي مارڻ لاءِ اچن ٿا. جنهن تي سپريم ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ته ڪيو پر ان ڪورٽ روم ۾ موجود هر ماڻهو جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿيو ته ڇا هي سنڌ حڪومت جا نمائندا آهن، جڏهن هي نالن مٿان حددخليون نه ٿا هٽرائي سگهن ته عوام جا مسئلا ڪيئن حل ڪندا؟ ان دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هي آهي حڪومت جي رٽ، ڇا صرف هيليڪاپٽر تي چڙهي ۽ هوا ۾ چڪر لڳائڻ بعد واپس اچي ويهڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا آهن، عوام کي بنيادي سهولتون ڪير فراهم ڪندو؟ اها ڪنهن جي ذميواري آهي؟ چيف جسٽس چيو ته ڇا ايئن حڪمراني ٿيندي آهي ته شهرين کي سهولتن کان محروم رکيو وڃي؟ سنڌ سرڪار عوام لاءِ هن وقت تائين ڪجهه ناهي ڪيو. ان دوران جسٽس فيصل عرب به ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئون به هن صوبي جو رهواسي آهيان، ڇا ٻاهرين ملڪن ۾ به ماڻهو پاڻي، بجلي ۽ ٻين سهولتن لاءِ عدالتن جو در کڙڪائيندا آهن،؟ صوبي ۾ نه عوام کي پاڻي ڏنو پيو وڃي، نه بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، صحت، تعليم جون سهولتون ته پوءِ جي ڳالهه آهن. سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي ناڪام قرار ڏيندي چيو ته توهان کي ڪيترو عرصو ٿيو آهي حڪمراني ڪندي پر هن وقت تائين ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪو به ڪم ڪرائي نه سگهيا آهيو، توهان صرف عوام جي پئسي مان مزا ماڻي رهيا آهيو، توهان جا وزير وڏين وڏين گاڏين ۾ پروٽوڪول سان گڏ فوٽو سيشن ڪرائيندا ٿا وتن، ڪم جو پڇيو وڃي ٿو ته امن امان جو بهانو بڻايو وڃي ٿو، ڇا حڪومتون ايئن ڪم ڪنديون آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته آهي ڪير جيڪو صوبي ۾ ڪم ڪري؟ هتي ڪير به ڪراچي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ حڪومت هجي يا لوڪل باڊيز ڪو به ڪم نه پيو ڪري. عدالت سڳوري مان جڏهن اهڙا سخت سوال اٿن ته عوام سان ڪهڙي حالت هوندي ان جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو، اتي هڪ ڳالهه اها به ڪندو هلان ته چيف جسٽس ڪراچي جو آهي ۽ هو ڪراچي جي مسئلن کان به بهتر طريقي سان واقف آهي، چيف جسٽس جي ٻڌڻي دوران جيڪا باڊي لينگويج هئي ان مان به اهو لڳي پيو ته جسٽس گلزار احمد جڏهن پنهنجو ننڍپڻ ڪراچي ۾ گذاريو ۽ ڪراچي جي روڊن رستن توڙي گهٽين کي هن جيئن پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڏٺو ته هو يقينن اهو چاهي پيو ته ڪراچي جيئن پهريان ڪشادو، ڪچري کان پاڪ، روڊ رستا صاف جيئن پهريان روشنين جو شهر هئو ساڳيو ٿي وڃي. يقينن چيف جسٽس ڪراچي جي بهتري چاهي ٿو پر وقت گذرڻ سان ڪراچي ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيو آهي، ڪراچي اهو ساڳيو ته نه ٿو ٿي سگهي پر ڪراچي ۾ حددخليون، گند ڪچري ۽ شهرين کي بنيادي سهولتون ضرور فراهم ٿي سگهن ٿيون. ڪراچي ۾ بجلي به هڪ سنگين معاملو ٿي ويو آهي عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي ڇنڊ پٽڻ سان گڏ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سان فوتگي جو ڪيس به ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته هاڻ هڪڙي منٽ لاءِ به بجلي بند ٿئي ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ۽ ڪو بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿئي ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. يقينن عدالت ته حڪم ڏنا آهن پر ان تي عمل ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي، ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *