تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ جي زراعت کي پهتل نقصان جو پوراءُ ڪيئن ٿيندو؟

سنڌ ۾ هاڻوڪين برساتن سبب پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال جيڪو نقصان ڪيو سو ڪيو پر جيڪو ڪاپاري ڌڪ زرعي معيشت ۽ زراعت کي لڳو آهي اهو اندازي کان تمام گهڻو آهي،جنهن جو ازالو ڪرڻ ته شايد ممڪن ئي نه هجي پر جيڪي آبادگار ،هاري ۽ ننڍا زميندار متاثر ٿيا آهن انهن کي بحالي ۾ به سال لڳي ويندا اهو به تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن حڪومت سندن بحالي ۾ مددگار ٿيڻ لاءِ اڳيان ايندي.
سنڌ زرعي صوبو هئڻ ڪري ان جي اڪثريتي آبادي جو دارومدار زراعت سان آهي ۽ ان زراعت جي ترقي سبب صوبي جي ڪاروبار۽ واپار تي به مثبت اثر ٿئي ٿو،پر هن ڀيري جي برساتن ۾ شايد ئي ڪو اهڙو علائقو هجي جيڪو متاثر ٿيڻ کان رهجي ويو هجي،سنڌ حڪومت به 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي.اسان وٽ مسئلو اهو آهي ته جڏهن به ڪو بحران ،ڪا آفت يا ڪو نقصان ٿيندو آهي ته سڀ کان وڌيڪ متاثر اهو زرعي شعبو ئي ٿيندو آهي پر جڏهن ازالي جو وقت ايندو آهي ته انهي کي سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيو ويندو آهي،هڪ ته زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو انهي انداز ۾ منظم نه هوندا آهن جنهن انداز ۾ ڪاروباري يا واپاري طبقو منظم ۽ متحرڪ هوندو آهي،جنهن جي ڪري اقتداري ايوانن کان وٺي ميڊيا ۽ پروپئگنڊا جي ٻين ذريعن تائين انهن جو آواز پهچي نه ٿو سگهي، جنهن جو تازو مثال ڪجهه مهينا اڳ ڪورونا جي وبا سبب آيل بحران آهي جنهن جو اثر زندگي سان لاڳاپيل هر شعبي تي پيو پر حڪومتي سطح تي رڳو ڪاروباري طبقي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو . ساڳئي طرح هنن برساتن ۾ ايترو نقصان ڪاروبار ۽ واپار کي نه پهتو آهي جيترو نقصان زراعت کي ٿيو آهي پر اڃان تائين نه وفاقي حڪومت نه ئي صوبائي حڪومت انهن لاءِ ڪو اعلان ڪيو آهي نه ئي ڪنهن نقصان جي سروي لاءِ ٽيمن کي متحرڪ ڪيو آهي ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته زراعت ۽ زرعي معيشت کي هن برساتن ڪيترو نقصان پهچايو آهي.اسان وٽ حڪمران سدائين اهو سمجهندا رهيا آهن ته ٻوڏ يا برسات ۾ ماڻهن کي رڳو ٻاهر ڪڍڻو آهي ۽ ڪنهن ڪئمپ يا ٽينٽ ۾ ويهاري هڪ يا ٻه ويلو ماني پهچائڻي آهي جيڪو ڪم به صحيح نموني ادا نه ڪيو ويندو آهي باقي جيڪو زراعت کي نقصان سبب سندن سڄي عمر جي موڙي ٻڏي ويندي آهي ان جو ازالو ڪرڻ ڄڻ حڪومت جي ذميواري ئي ناهي،ڍل آبياني کان وٺي بجلي ۽ ٻيا ٽيڪس آبادگارن کان اوڳاڙيا ويندا آهن ۽ زرعي معيشت ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي پر ان شعبي کي نقصان پهچڻ وقت حڪومت انهن کان لاتعلق ٿي ويندي آهي.وڌ ۾ وڌ اهو ڪيو ويندو آهي ته رڳو ان علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڍل ۽ آبيانو معاف ڪيو ويندو آهي جيڪو ڪنهن به ريت انهي آبادگار کي پهتل نقصان جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي.هاڻي به بيٺل فصل تباهه ٿي ويا ، پوکيل ٻيجارو لڙهي ويو، فصلن جي آسري آبادگارن جيڪي ٻج ۽ ڀاڻ اوڌر يا وياج تي کنيا انهي جا قرضي ٿي ويا، انهي کانسواءِ پاڻي بيهڻ ڪري مهينن تائين اها زمينن پوکي لائق نه رهندي، جنهن ڪري انهن آبادگارن وٽ زمين جي پوکي لاءِ انتظار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي .
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت طرفان رڳو ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ ڪافي ناهي حڪومت کي اڳتي اچي آبادگارن جي مٿين مسئلن کي سامهون رکي انهن جي بحالي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن ،بئنڪن جي قرضن جي معافي کان وٺي زمينن جي ٻيهر پوکي لاءِ بنا وياج نوان قرض ڏيڻ سميت ٻئي معاشي پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي رڳو ڍل ۽ آبياني جي معافي سان آبادگارن جي نقصان جو ازالو ٿيڻ ممڪن ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *