تازا ترين
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

سنڌ جو سڃاڻ ڇا ٿو سوچي؟

سنڌ جو سڃاڻ هر اهو فرد آهي جيڪو پنهنجي ذات کان سواءِ قوم جي سماجي ۽ سياسي مسئلن تي سوچي ٿو ۽ ڪنهن حد تائين راءِ به رکي ٿو. هونئن ته ملڪي حالتن تي هر هڪ فرد سوچيندو ۽ راءِ ڏيندو آهي پر سڃاڻ فرد پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ گھڻي ڀاڱي سنجيده ۽ عقلي تجزيو رکندو آهي تنهن ڪري پاڻ صرف دانشورن کي سڃاڻ فرد نٿا سمجھون پر انهيءَ سان گڏوگڏ تمام گھڻن سمجهدار (جن ۾ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل اچي وڃي ٿا) ۽ بردباري ڪردار رکندڙ فرد به شامل سمجهون ٿا.تنهنڪري اهڙن سڃاڻ فردن جو تعداد تمام گھڻو ۽ دائرو وسيع آهي، اهو سمجھڻ تمام آسان ۽ سولو ٿيندو ته جيڪڏهن سنڌ جي سڃاڻ حلقي ۾ ايندڙ اڌ برابر به پنهنجو سماجي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪن ته سنڌ جون حالتون تمام گھڻيون تبديل ٿي وينديون ڇو ته تمام حالتن جي تبديلي جو دارومدار سماجي طبقن جي سياسي ڪردار سان جڙيل آهي انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو مونجھارو ناهي ته اسان جن کي سڃاڻ فرد سمجھون ٿا اهي پاڻ به هيءُ سمجهن ٿا ته سماجي بهتري جو تعلق سياسي ڪردار سان آهي پر سنڌ ۾ هن وقت تائين منظم يا گڏيل اڪثريت سان سڃاڻ فردن جو ڪردار سياسي عمل ۾ اڀري ناهي سگھيو. انهيءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ڇا سياسي جماعتن جو ڪردار انهن فردن کان پري رهندو اچي ٿو يا دانسته طور تي تمام سياسي جماعتون اهڙن فردن کان پاڻ کي آجو رکن ٿيون ڇو ته سندن قيادت ڪنهن به صورت ۾ پارٽيءَ جي آڏو پاڻ کي جوابده نٿي سمجهي ۽ نه سمجهڻ جي لاءِ تيار آهي. سنڌ جي سڃاڻ حلقي جي هڪ وڏي اڪثريت اها ڪمي محسوس ڪئي آهي ته سنڌ ۾ اهڙي ڪا به سياسي جماعت يا گروھه عمل ۾ ناهي اچي سگھيو جيڪو انهيءَ حلقي کي پاڻ سان جوڙي ۽ جدوجهد ۾ آڻي.
جيڪڏهن اسين به ظاهر تجزيو ڪنداسين ته اسان اها تنقيد سڃاڻ حلقي تي ڪنداسين ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڇو نٿو ڪري تنهن ڪري ڏوھهه انهن جو ناهي جيڪي سياست ڪن ٿا پر ڪمي خود سماجي شعور رکندڙ انهن فردن ۾ آهي جيڪي گھڻي ڪجھه ڪرڻ جي صلاحيت رکڻ جي باوجود ڪجھه نٿا ڪن. مثال هيءُ سوال به اهم آهي ته جيڪڏهن سياسي جماعتون خوددار بي ضرر ۽ سمجهدار فردن کي پنهنجي مٿان ٻوجھه ٿيون سمجهن ته اهي باشعورفرد جيڪي ڇڙوڇڙ هجڻ جي باوجود انهن جي گھڻي اڪثريت ننڍن ننڍن گروھن ۾ موجود آهي مثال وڪيل ، ڊاڪٽر ، استاد ۽ ڪاروباري گروھه جن ۾ ڪافي حد تائين گروهي ڳانڍاپو آهي پر هو پنهنجي مخصوص گروهن مفادن کان سواءِ سماجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن، جيڪڏهن سياسي جماعتون انهن کي اسپيس نٿيون ڏين ته سماجي ڪم کان انهن کي ڪير به روڪي نٿو سگھي،ته پوءِ آخر ايئن ڇو آهي ته انهن جو سماجي ڪردار اهڙو ناهي جنهن کي اسين مثال بڻائي سگھون. هروڀرو اسان انهن تي اها تنقيد به نٿا ڪريون ته ذڪر ڪندڙ گروهن جو سماجي ڪردار بلڪل ناهي،
ٿورو گھڻو انفرادي حيثيت ۾ يا ڪجھه فردن جي پاڻ ۾ ڳنڍجي اهڙو ڪردار ضرور آهي جنهن کي سماجي ڀلائي يا خدمت جو نالو ڏئي سگھجي. پر اسان کي هيءُ به آڏو رکڻ گھرجي ته انهن گروهن جو جڏهن گروهي مفاد ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو ته هو تمام گهڻو سرگرم ايندي نظر اچن ٿا ملڪ جي وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جا مثال اسان جي اڳيان موجود آهن ۽ ساڳئي طرح واپاري طبقي جو ڪردار به وقتن به وقتن منظم صورت سان اڳيان اچي ٿو ٽيڪس وصولي يا رجسٽريشن ڪرڻ جي سوال تي پوري ملڪ جا واپاري منظم طريقي سان گڏ ٿيندي نظر ايندا آهن يا ڀتاخوريءَ جي خلاف واپاري خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ سخت احتجاج ڪندي وڌي ٿا اچن پر اهي سڀ جو سڀ پاڻ کان سواءِ ٿيندڙ سماجي ظلم تي خاموش نظر ايندا.مون کي ياد ٿو اچي شڪارپور جي جيم خانه ۾ شڪارپور ٽريڊرز جي اليڪشن کان پوءِ انهن جي حلف برداري جي تقريب ٿي هئي جتي مون کي به ڳالهائڻ جي لاءِ اسٽيج تي سڏ ڪيائون مان کين روايتي جملن کان پوءِ واپارين کان هيءُ سوال ڪيو هو ته جيڪڏهن اوهان جي موٽر سائيڪل چوري ٿي ٿئي ته توهان سڄي بازار بند ٿا ڪرايو ڪنهن واپاريءَ سان ڪنهن اداري جي اڻبڻت بڻجي ٿي ته سڄي شهر جو ڪاروبار به بند ٿيندي ڏٺو آهي. پر جڏهن شهر جي ڪنهن مظلوم شهريءَ جو بيرحمانا قتل ٿو ٿئي ۽ هو پنهنجو ٺيڪ طرح سان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ احتجاج ٿا ڪن يا قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٿا ڪن ته انهن جي احتجاج ۾ اوهان شريڪ ٿيڻ جي لاءِ تيار ناهيو ڇا واپاري يونين جو اهو ڪردار آهي؟
مون کي ياد ٿو اچي ته ان کان پوءِ واپارين جي گھڻن فردنه انهيءَ تنقيد کي کليءَ دل سان قبول ڪيو هو پر اڳواڻن کي اها ڳالھ نه وڻي هئي. ۽ نه وري سياسي پارٽين جي اهڙن اڳواڻن کي اهو پسند ايندو جيڪي پنهنجي طاقت جي نمائش لاءِ لوفرن جو چڱون خاصو ٽولو کڻي گھمن ٿا. انهن کي اهو پوري طرح سان خوف ٿيندو آهي ته جيڪڏهن واپاري ۽ ٻيون تنظيمون سماج جي ڇڙوڇڙ فردن جي مسئلن تي اڳتي وڌنديون ته نه رڳو لوفرن کي لغام ايندو پر اهو منظم عمل هنن جي ڪرپٽ سياست کي وڌيڪ تڪليف ڏيندو. رڳو مثال اهو نٿا ڏيون ته واپاري تنظيمون سماجي ڪردار ادا نٿيون ڪن پر هن ملڪ جا وڪيل جيڪي تمام گھڻا منظم ۽ سرگرم گروھن ۾موجود آهن انهن جو به سماجي ڪردار اهڙوئي نظر اچي ٿو.اهڙي طرح ڊاڪٽر ۽ ٻيون تنظيمون جن ۾ آبادگارن سان گڏوگڏ استاد تنظيمون به شامل آهن اهي به سماج جي اندر ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ تي خاموش تماشائي آهن. مثال لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور قتل ڪيسن ۾ ام رباب جنهن جرئت ۽ همٿ سان چانڊين جي سردار کي گھيراءُ ڪيو آهي ۽ پنهنجي مقتولن جي انصاف لاءِ جيترو اڳتي وڌندي جدوجهد ڪري پئي انهيءَ سان ساٿ ڏيڻ جي لاءِ ذڪر ٿيندڙ گروھه نظر نٿا اچن. ها اهو ضرور اسان کي نظر ايندو آهي ته ڪيترائي انفرادي طور تي فرد اهڙن ظلمن خلاف اڳتي وڌي ايندا آهن. اسان کي ان ورجائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي ته سياسي جماعتن جي ايجنڊا ۾ اهو سڀ ڪجھه آهي ئي نه جنهن جو ذڪر ڪريون پيا. ها خاندان ۽ مظلومن پاران جڏهن جدوجهد ميڊيا جي سهاري تي اڳتي وڌي ٿي وڃي ته پوءِ روايتي فوٽو سيشن ۽ مذمتي بيان اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.
آخر انهن گروهن جو سماجي ڪردار ڇو نٿو جڙي مثال شڪارپور جي لاءِ مشهور آهي ته شڪارپور جي پوري شهر جي تعليم صحت ۽ روڊ رستن سان گڏ نالين جي جوڙ جڪ ۽ ترقي واپاري طبقي پنهنجي چندي مان ڪئي نه رڳو ايترو پر شهر جو امن مثالي ۽ ماڊل هو انهيءَ لاءِ هڪ تجزيو هي ڪيو ويندو آهي ته ان وقت جا واپاري تمام گھڻا همدرد ۽ عوام دوست هئا. مون کي انهيءَ تجزيي سان هر وقت پر گھڻي ڀاڱي اختلاف رهيو آهي. مسئلو اهو ناهي ته ماضيءَ جا اهي واپاري (جن جي اڪثريت هندو مذهب سان تعلق رکندي هئي) عوام دوست ۽ فلاحي نظريو رکندڙ هئا ۽ هاڻي انهن جي وڃڻ کان پوءِ واپارين ۾ اهو احساس ختم ٿي ويو آهي.
ايئن بلڪل ناهي اڄ به ملڪ جي تمام گھڻن اسپتالن کي بنيادي فنڊنگ واپاري طبقي جي ملندي آهي شڪارپور ۾ انهن جي منظم صورت انهيءَ ڪري نظر آئي جو پٺاڻن جي حاڪميت واري دور ۾ هتان جي واپارين ڪابل سان هيءُ معاهدو ڪيو هو ته اوهان هيترا پيسا فڪس وٺو باقي شهر جو پورو انتظام اسان واپارين جي حوالي ڪيو پٺاڻ ان تي آساني سان راضي ٿي ويا هئا يعني شهر جو انتظام جڏهن واپارين کي مليو ته پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي شهر تعمير ٿيڻ ڏانهن وڌڻ لڳو. واپاري فلاحيت جو جذبو محدود پيماني تي رکندو آهي پر منظم صورت تڏهن ايندي آهي جڏهن ان کي انتظامي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو. انقلاب فرانس کان پوءِ پوري بورجوازي سياست جو نقشو ۽ تاريخ اسان جي اڳيان موجود آهي پاڻ ان جو ورجاءُ نٿا ڪريون.مختصر بحث کي سهيڙيندي پاڻ هي نتيجو آسانيءَ سان ڪڍي سگھون ٿا ته سنڌ جي سڃاڻ فردن جو ڪردار سماجي مسئلن ۾ انهيءَ جي ڪري آهي ته انهن جو سياسي ڪردار ڪمزرو آهي يا ٻين لفظن ۾ پاڻ هي نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته جيستائين سڃاڻ فردن جو سياسي ڪردار نه جڙندو تيستائين سنڌ جو مستقبل اونداهي غار مان ٻاهر نڪري نٿو سگھي ۽ اهو ڪردار تڏهن ادا ٿيندو جڏهن سنڌ ۾ هڪ بهتر سياسي جماعت يا گروھه وجود ۾ اچي. پاڻ هي به نٿا چئون ته اسان وٽ مڪمل طور تي ڀينگ آهي نه بلڪل به ڪيترائي ننڍا ننڍا گروھه يا سرڪل موجود آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي هلڪي ۾ ٿورو گھڻو ڪم ڪن ٿا پر اهو عمل ايترو ننڍڙو ۽ ڪمزور آهي جو سنڌ جو سماج انهيءَ جي انسپائريشن کان تمام گھڻو ڪٽيل ۽ پاسيرو آهي. هن وقت اسان کي هي به ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته سنڌي سماج پوري جو پورو سڃاڻ کان وٺي عام فرد تائين ايترو بهادر ۽ بي ڊپو آهي جو هن ماضيءَ جي تاريخ ۾ اهڙا سياسي فيصلا ڪيا جن سان تاريخ جو پورو رخ بدلجي سگھجي پيو.خاص ڪري 1988 جي اليڪشن ڳڻائي سگھجي ٿي مطلب هي نڪري ٿو ته سنڌ ۾ سڃاڻ فردن جي ڪا به ڪمي ناهي ۽ نه وري سماج ۾ بزدلي آهي ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سڃاڻ فرد سماج جي منظم طريقي سان سياسي ڌارا جوڙي نئين جدوجهد جو آغاز ڪجي روايتي عوام دشمن سياست جنهن اهڙي ماحول کي جوڙڻ ناهي ڏنو ۽ وقتن به وقتن انهيءَ جي حوصلا شڪني ڪئي آهي انهيءَ کي شڪست ڏجي ته جيئن اسين پنهنجي ايندڙ نسل جو مستقبل بهتر بنيادن تي ۽ منظم اصولن تي جوڙي سگھون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *