تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ جا ٻار ڪيستائين ڀوڳيندا؟

ملڪ ۾ جڏهن کان ڪورونا جو وائرس ڪاهي پيو آهي تڏهن کان ڪيترن ئي مسئلن ملڪ جي هر عمر جي شهري کي وڪوڙي ورتو آهي، هڪ پاسي بيروزگاري وڌي وئي آهي ته ٻئي پاسي ڪورونا کانسواءِ باقي بيمارين جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ علاج به اڻلڀ ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ ته عورتن ۽ ٻيو ٻارڙن ڀوڳيو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس 26 فيبروري تي ظاهر ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪيسن ۾ تيزي آئي ۽ مارچ کان پوري صوبي ۾ سڀ ڪجهه ٺپ ٿي ويو، جتي عام واهپي جون شيون اڻلڀ ٿي ويون، مارڪيٽون بند رهيون ۽ عوام پريشاني ۾ پئي ڀوڳيو، اتي اهي ٻار پڻ پريشان رهيا، جن کي دنيا ۾ آئي ڪو گهڻو وقت نه ٿيو هو، نه ئي انهن کي ڪورونا سميت ڪنهن وبا جي ڪا خبر هئي، اهي ٻار جن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ لاءِ جيڪي ٽڪا لڳڻا هئا، اهي ٽڪا لڳائڻ وارو عملو ٽن مهينن تائين گم رهيو، جن اسپتالن ۾ حفاظتي ٽڪن وارا سينٽر قائم ٿيل هئا اتي تالا لڳي ويا ۽ تازي ڄاول ٻار سميت پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي بيمارين کان بچاءُ لاءِ لڳندڙ ٽڪا نه لڳي سگهيا.
پوليو جي مهم متاثر ٿي، نتيجي ۾ اهي بيماريون وڌڻ لڳيون، ان حوالي سان پهرين جنوري 30 جون تائين جيڪي پنهنجي اخبار کي رڳو هڪ ئي مرض نمونيا جا انگ اکر مليا آهن، انهن مطابق 6 مهينن دوران ڪراچي ۾ 6 هزار 670، بدين ضلعي ۾ 15 هزار 632، دادو ضلعي ۾ 16 هزار 649. حيدرآباد ۾ 5 هزار 841، سجاول ۾ 4 هزار 229، ڄامشوري ضلعي ۾ 10 هزار 893، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 6 هزار 72، ٺٽي ضلعي ۾ 6 هزار 86، مٽياري ۾ 5 هزار 717، ٽنڊي محمد خان ۾ 5 هزار 830، جيڪب آباد ۾ 5 هزار 268، لاڙڪاڻي ۾ 5 هزار 254، شڪارپور ۾ 4 هزار 205، قمبر ۾ 5 هزار 913، ڪشمور ۾ 6 هزار 978، ميرپور خاص ۾ 13 هزار 250، خيرپور ۾ 32 هزار 921 ۽ نوشهروفيروز ۾ 16 هزار 742 ڪيس سامهون آيا آهن، اهڙي طرح شهيد بينظير ضلعي اندر 6 مهينن دوران 19 هزار 417، سکر ضلعي ۾ 11 هزار 244، گھوٽڪي ۾ 22 هزار 703، ميرپور خاص ۾ 13 هزار 250 ۽ سانگھڙ ۾ 23 هزار 504، ٿرپارڪر ۾ 21 هزار 357 ۽ عمرڪوٽ ۾ 16 هزار 655 ٻار نمونيا جي مرض ۾ مبتلا ٿيا آهن. مجموعي طور تي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارا هڪ لک 73 هزار 273 ٻار ۽ پنجن سالن کان مٿي ڄمار وارا 80 هزار 13 ٻار نمونيا سبب مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيا. جتي ٽن مهينن تائين ويڪسين نه ٿي سگهي اتي ٽن کان چئن مهين تائين اسپتالن ۾ مريضن جي اچ وڃ به گهٽ رهي، ڪيترائي اهڙا ٻار جيڪي نمونيا ۾ وڪوڙيل هوندا ته انهن کي ڪنهن ديسي ٽوٽڪي ذريعي علاج ڏئي يا وري ڪنهن خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر کي ڏيکاري علاج ڪرايو ويو هوندو،
جيڪي سرڪاري اسپتالن ۾ رپورٽ نه ٿي سگهيا هوندا انهن جو انگ به انهن ٻارن کان ٻيڻو هوندو، جڏهن ته انهن ٻارن ۾ ڪيترن جي حياتي بچي سگهي ۽ ڪيترن جي حياتي نه بچي سگهي انهي جا انگ اکر انتظاميا جاري ناهن ڪيا. جيتوڻيڪ هي هڪڙي بيماري نمونيا آهي، جنهن جا رڳو 6 مهينن ۾ اٽڪل اڍائي لک ٻار متاثر ٿيا، پر ويڪسين نه ٿيڻ سبب جيڪي متاثر ٿيا آهن، انهن جو پتو ته ايندڙ مهيني تائين پئجي ويندو، جڏهن انتظاميا انهن جا انگ اکر جاري ڪندي، ساڳي ريت پوليو جي مرض ۾ به اضافو ٿيو، ڪيترائي معصوم ٻار هميشه لاءِ اپاهج بڻجي ويا، کرٽيو، هيپاٽائيٽس، جهٽڪن ۽ ٻين بيمارين جا متاثر ٻار ڪيترا آهن، اهي انگ به انتظاميا کي جاري ڪرڻ گهرجن ، 6 مهينن جي نمونيا ڪيسن بابت جڏهن صحت کاتي جي سيڪريٽري کان پڇا ڪئي وئي ته هن کي ان حوالي سان ڪا به ڄاڻ نه هئي ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊي جي صحت جو نمبر ڏيندي، ساڻس رابطي لاءِ چيو ، جڏهن صحت کاتي جي ڊي جي کان پڇيو ويو ته ان ڏس ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو چوڻ هو ته 6 مهينن دوران 2 لک 53 هزار 286 ٻارن کي نمونيا ٿيڻ ڪو غير معمولي انگ ناهي، اهو تعداد گذريل ٽن سالن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، سنڌ سرڪار رڳو ٻارن ۾ نمونيا جي بيڪٽريا نيمو ڪوڪل کي روڪڻ لاءِ ويڪسين ڪندي آهي،
باقي نمونيا جا کوڙ قسم آهن، نمونيا دوران ڦڦڙن جي سوڄي ٿيندي آهي، سٺي ڳالهه اها آهي جو هن ڀيري اهي ٻار وقت سر اسپتالن ۾ پهتا، جتي علاج ٿيڻ بعد اهي صحتياب ٿي موٽي ويا، اڳ ۾ ڳوٺن مان ٻارن کي اسپتالن تائين آندو ئي نه ويندو هو، اسان جي ڪوشش آهي ته انهي انگ کي به گهٽايون، انهي لاءِ آگاهي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، صحت کاتي جي هيلٿ ايجوڪيشن پروگرام ۾ نمونيا کان بچاءُ بابت به مهم هلندڙ آهي. يقينن انتظاميا لاءِ اهو انگ ڪو وڏو انگ نه هوندو، ايئن جيئن اسپتالن ۾ موجود ڊاڪٽرن جي آڏو ڪنهن به انسان جو موت اهميت ناهي رکندو، پر انهي فوتي جي وارثن تان ڇا گذرندي آهي، اهو ته رڳو اهي ئي محسوس ڪن ٿا، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته انتظامي بي ڌياني چئجي يا قوم جي بدبختي چئجي جو هتي انتظاميا آڏو عوامي اهنجن جي ڪا اهميت ئي ناهي، ڪيترائي حادثا ۽ واقعا ٿين ٿا پر ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي، سماجي بي حسي ۽ ستم ظريفي جي انهي عمل کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته اختيارين کي به اهو احساس ڏياريو وڃي ته هر انساني پنهنجي رت جي رشتن لاءِ اهميت رکي ٿو،
انهي ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وبا ڪهڙي به هجي مسئلو ڪيڏو به وڏو هجي، پر ٻارن جي صحت بابت جيڪي سرڪاري سطح تي شروع ڪيل منصوبا آهن، انهن تي عمل يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اسان جي مستقبل جا معمار هن ملڪ جي باغ ۾ گلاب جي گلن جا ٽڙندا رهن ۽ حڪومت سطح تي اها پاليسي جوڙي وڃي ته هر سرڪاري ملازم جي خاندان جو علاج سرڪاري اسپتالن ۾ ٿيندو ۽ سندن ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا ته پوءِ صحت ۽ تعليم وارن کاتن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *