تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

سنڌ بئراج ۽ هائيڊرالڪ ڪاموراشاهي جا ڪرتب

اها حقيقت آهي ته سڄي دنيا ۾ انساني تهذيب ۽ ثقافت جي تخليق دريائن، ڍنڍن ۽ پاڻيءَ جي قدرتي ذخيرن جي ڪنارن تي ٿي هئي. ان کانسواءِ انسانن جو گڏجي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ اڏڻ کان وٺي انساني معاشرا قائم ڪرڻ تائين جي سموري عمل جي پويان پاڻيءَ جو اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو آهي. ايستائين جو دنيا جي معروف ۽ قديم تهذيبن جو جنم پڻ دريائن ۽ پاڻين جي ڪنارن تي ٿيو هو. انهن قديم تهذيبن ۽ سلطنتن جو هن ڌرتيءَ تي جنم وٺڻ ۽ ترقي ڪري عروج تي پهچڻ ۾ پاڻي ۽ وڏي سطح تي آبپاشي سرشتي جو وڏوڪردار رهيو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته انهن سلطنتن ۽ تهذيبن جي زوال ۽ تباهه ٿيڻ جي پويان به دريائن کي ڪنٽرول ڪري وڏي پيماني تي آبپاشي نظام قائم ڪرڻ ئي هو. ان ڪري قديم زماني جي سلطنتن کان جديد دور جي رياستن پاڻ کي وڌ کان وڌ طاقتور بڻائڻ لاءِ دريائن ۽ پاڻيءَ جي قدرتي ذخيرن کي قابو ڪري دريائن جا رخ موڙي وڏي پيماني جو آبپاشي سرشتو تخليق ڪيو. قديمي سلطنتن ۽ جديد دور جي رياستن کي اهو سمورو عمل ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ انهن پيشيوراڻي عملي، سائنسدانن ۽ ٽيڪنيڪل بيوروڪريٽس ماڻهن کي پيدا ڪرڻو پيو، جيڪي اڳتي هلي هائيڊرالڪ بيوروڪريسيز يا واٽر بيوروڪريسي جي صورت اختيار ڪري ويا. اها حقيقت آهي ته دريائن ۽ پاڻيءَ جي قدرتي ذخيرن کي ترقي جي نالي ۾ تباهه ڪرڻ جي پويان واٽر بيوروڪريسي جو وڏو ۽ بنيادي ڪردار رهيو آهي.
ساڳئي نموني پاڪستان جي رياست هر دور ۾ هائيڊرالڪ بيوروڪريسي سان گڏجي پاڻي جي قدرتي ذخيرن ۽ سنڌو درياءَ جي سرشتي تي ڊيم ۽بئراج تعمير ڪري پاڻي جي فطري وهڪرن جا رخ موڙي وڏي پيماني تي آبپاشي نظام قائم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جي قدرتي ذخيرن جي وڏي سطح تي تباهي ٿي. دريائن جي پاڻي سان جڙيل سمورين حياتين ۽ درياءَ جي ماحوليات تي ان جا ناڪاري اثر ٿيا آهن.اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي وفاقي حڪومت هائيڊرالڪ بيوروڪريسي ذريعي سنڌو درياءَ جي فطري وهڪري تي پنهنجي بالادستي قائم ڪندي ڪندي اڄ ڌرتي ماءُ کي ان اسٽيج تي وڃي بيهاريو آهي، جتان واپسي جو رستو نظر نٿو اچي. هنن پاڻي وسيلن کي وڏي پيماني تي آبپاشي نظام ذريعي ايئن استعمال ڪيو آهي جو اڄ ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.اهڙي هٿ چراند سبب سنڌو درياءَ جي تازي پاڻيءَ جو انڊس ڊيلٽا ۾ قدرتي وهڪرو 99 سيڪڙو گهٽجي چڪو آهي، نتيجي ۾ سنڌو درياءُ 17 ننڍن وهڪرن بدران صرف هڪ وهڪروٿي وهڻ لڳو آهي.اها حقيقت آهي ته سنڌو درياءَ ۽ ڊيلٽا جي ايڏي وڏي تباهي کانپوءِ به پاڪستان جي هائيڊرالڪ بيوروڪريسي ۽ اسان جي قومي ميڊيا جي اها هاءِ گھوڙا جاري آهي ته درياءَ جي وهڪرن جو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع پيو ٿئي ان ڪري هن پاڳل درياءَ کي ناڪيليون وجهو ۽ سمورا ڊيم، بئراج ۽ ڪينال ٺاهيو ته جئين درياءَ جي پاڻي جو هڪڙو ڦڙو به سمنڊ ۾ وڃي نه سگھي. پاڪستان هائيڊرالڪ بيوروڪريسي سمجهي ٿي ته سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءَ جا رخ موڙڻ جي خلاف مزاحمت ڪندو ان ڪري واٽر بيوروڪريسي سنڌوءَ جي پوڇڙ ۾ سنڌ بئراج ٺاهڻ جو هڪ نئون ڪرتب ڏيکاري سنڌ جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اچو ته پوڇڙي ۾ رٿيل سنڌ بئراج جي منصوبي جو سماجي، ماحولياتي ۽ سياسي پسمنظر ۾ جائزو وٺون ته ان جي پويان هائيڊرالڪ بيوروڪريسي جا ڪهڙا ارادا آهن.
آئون اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته پاڪستان جي هائيڊرالڪ ڪريسي ماضي وانگر هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو هڪ نئون ڪرتب سنڌو درياءَ جي پوڇڙي ۾ سنڌ بئراج جي تعمير جو ڏيکاريو آهي. جنهن جي منظوري پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ بئراج رٿا ٺٽي کان 65 ڪلو ميٽر ڏکڻ، ڪراچي کان 130 ڪلو ميٽر اوڀر ۽ سمنڊ کان 45 ڪلو ميٽر ڏور تعمير ڪيو پيو وڃي. چيو پيو وڃي ته سنڌ بئراج ۾ 800 ارب گيلن يعني 2 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي. ان کانسواءِ سنڌ بئراج مان 75000 ايڪڙ بنجر زمين سيراب ٿيندي. هڪ لک ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ هر سال 25 ارب روپين جي آمدني ٿيندي. سنڌ بئراج جي تعمير تي 125 ارب روپيا خرچ ٿيندا. اهو بئراج ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي بنجر زمين کي آباد ڪندو. سنڌ بئراج جي اوچائي 40 فوٽ هوندي جنهن مان 84 ڪلو ميٽر ڊگهو هڪ ڪينال بئراج جي ساڄي پاسي کان گھوڙاٻاري کان ڌاٻيجي تائين ڪڍيو ويندو ۽ ان ڪينال مان ڪراچي کي روزانو 100 ملين گيلن پاڻي مهيا ڪيو ويندو. ٻيو ڪينال کاٻي پاسي کان ٿر تائين ڪڍيو ويندو. واپڊا چوي ٿي ته سنڌبئراج ڪوٽڙي کان 180 ڪلو ميٽر هيٺ ۽ سمنڊ کان 45 ڪلو ميٽر ڏور ٺاهيو ويندو. هائيڊرالڪ ڪريسي جي دعوا آهي ته سنڌ بئراج جي جاءِ کان ڪوٽڙي بئراج تائين 170 ڪلو ميٽر ايشياءَ جي هڪ ڊگهي ڍنڍ ٺاهي ويندي ۽ ان ۾ پورو سال پاڻي رهندو. اهي به اطلاع آهن ته سنڌ بئراج جي فزيبليٽي رپورٽ سيپٽمبر 2020ع تائين مڪمل ٿي ويندي. جڏهن ته تفصيلي انجينئرنگ ڊيزائن 2021ع تائين مڪمل ٿيندي. سنڌ بئراج جي تعمير جي ڪم جي شروعات جنوري 2022ع ۾ ٿيندي ۽ بئراج جي تعمير جو ڪم ڊسمبر 2024ع مڪمل ٿي ويندو.
هائيڊرالڪ بيورو ڪريسي پنهنجي مهان ڪرتبن جو مظاهرو ڪندي ٻڌائي ٿي ته اسان سنڌ بئراج ٺاهي سمنڊ جي قبضي يا چاڙهه کي روڪڻ لاءِ پورو سال ڊيلٽا کي پاڻي مهيا ڪنداسين. سنڌ بئراج کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ هڪ ڪمزور قسم جو دليل ڏيندي هن طرح چون ٿا ته 13 جولاءِ 2019ع درياءَ جو وهڪرو جاري ٿيو ۽ ٽن مهينن تائين 12 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سمنڊ ۾ هليو ويو ۽ اسان ان مان رڳو 2 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ٿا چاهيون،جيڪو وڌيڪ 9 مهينن لاءِ ڪم ايندو، جنهن مان اسان ڪريڪس کي ريچارج ڪنداسين.سنڌ بئراج جي ٺهڻ مان لڳي ٿو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت هڪڙي پيج تي نظر اچن پيون. واپڊا جي واٽر بيورو ڪريسي جي ڪرتبن مان ايئن لڳي ٿو ته سنڌ بئراج جي تعمير مان ڊيلٽا جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ ايستائين چون ٿا ته ان بئراج جي ٺهڻ سان موسمي تبديلي جي ڪري جيڪو سمنڊ اڳتي اچي پيو اهو به رڪجي ويندو. ان کانسواءِ انهن جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ بئراج مان زراعت ۽ ماهيگيري کي تمام گھڻو فائدو رسندو ۽ ملڪ به ترقي ڪندو.
آئون اهو واضح ڪندو هلان ته پاڪستان جي هائيڊرالڪ ڪريسي سامونڊي چاڙھه کي روڪڻ ۽ انڊس ڊيلٽا کي تباھه ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ڊيلٽا کي بحال ڪرڻ جو حل رڳو سنڌ بئراج ۾ ڳوليو آهي، جيڪومورڳو غلط، غير سائنسي ۽ غير فطري آهي بلڪه واپڊا جو اهو منصوبو ٺڳيءَ تي ٻڌل آهي.اها حقيقت آهي ته درياءَ جو جياپو ان جي آخري منزل تائين پهچڻ ۾ آهي ۽ ڊيلٽا جو برقرار رهڻ تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿو جڏهن درياءَ جا قدرتي وهڪرا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا. درياءَ کي اپ سٽريم ۾ ناڪيليون وجهو يا ڊائون اسٽريم ۾ڳالهھ ساڳي آهي، ٻئي عمل درياءَ ۽ ڊيلٽا لاءِ نقصانڪار آهن. سنڌ بئراج جي تعمير سان نه ڊيلٽا کي فائدو ٿيندو نه ئي ڊيلٽا جي ماڻهن کي ٿيندو.پر سنڌ بئراج ٺاهڻ جو اصل مقصد درياءَ جي قدرتي وهڪرن جو رخ موڙڻ آهي ته جيئن ٿورو گھڻو پاڻي ڊيلٽا ۾ وڃي ٿو اهو به نه وڃي سگھي.ڊيلٽا ۽ ڊيلٽا جي ماڻهن جي تباهي جو اصل ڪارڻ درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ نه ڇڏڻ جي ڪري ٿيو آهي.هاڻ هائيڊرالڪ بيورو ڪريسي سنڌ بئراج جي ڪرتب ذريعي ٻوڏ واري سيزن ۾ جيڪو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ان کي سنڌ بئراج ۾ قيد ڪرڻو آهي. پوڇڙ ۾ سنڌ بئراج ٺاهڻ سان فائدي بدران اڃان وڌيڪ ڊيلٽا کي نقصان رسندو.
آئون اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌ بئراج سان ڊيلٽا، ماڻهن ۽ ان جي ماحوليات کي وڌيڪ ڪهڙا نقصان ٿيندا.سڀ کان پهرين ته جيڪو ڊيلٽا لاءِ 35 ملين ايڪڙ فوٽ گھربل پاڻي ملڻ گھرجي اهو بلڪل نٿو ڇڏيو وڃي ايستائين جو 91 ٺاهه موجب 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي به نٿو ڇڏيو وڃي.هاڻ ڪالونيل سوچ رکندڙ هائيڊرالڪ بيوروڪريسي سنڌ جي ماڻهن کي هرکائڻ ۽ مائل ڪرڻ لاءِ ڊائون اسٽريم ۾ جيڪو نالي ماتر پاڻي وڃي ٿواهو به بئراج جي نالي تي بند ڪرڻ چاهي ٿي. اهو به درياءَ جو پاڻي جڏهن ٻوڏ ايندي تڏهن ويندو آهي نه ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ واري پئي اڏامي پر اها به حقيقت آهي ته هاڻ ته ڪوٽڙي کان مٿي به درياءَ ۾ پاڻي نه هوندو آهي. پوءِ سنڌ بئراج لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا ڇو ته بئراج پاڻي روڪيندو آهي، پاڻي پيدا نه ڪندو آهي. ٻي ڳالھه ته سنڌ بئراج لاءِ جيڪا جاءِ رٿي وئي آهي اها جاءِ درياءَ جي پيٽ ۾ هڪ ايشياءَ جي ڊگھي مصنوعي ڍنڍ ٺاهڻ جي لاءِ مناسب نه آهي ڇو ته بئراج جي ٻنهي پاسن کان زرعي زمينون سم جي ڪري تباھه ٿي وينديون. ان کانسواءِ بئراج واري جاءِ تي سمنڊ جي ويرن جو زور تمام گھڻو وڌي ويندو ڇو ته درياءَ جي وهڪرن جو ڊيلٽا ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ جي ڪري سمنڊ درياءَ جي اندران جهرڪ ڪراس ڪري چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سمنڊ کي مٿي اچڻ کان رڳو سنڌوءَ جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪرڻ سان ئي روڪي سگھجي ٿو.جيڪڏهن اوهان سنڌ بئراج ٺاهي سمنڊ کي درياءَ جي اندر اچڻ کان روڪيندا ته سمنڊ وري ٻئي پاسي کان نمودار ٿي گس ٺاهيندو ۽ علائقا تباھه ڪندو. سنڌوءَ جو پنهنجي آخري منزل سمنڊ تائين نه پهچڻ جي ڪري سنڌ جو پلو مڇي اڳ ئي وڏي پيماني تي گھٽجي چڪي آهي ۽ سنڌ بئراج سان مورڳو ئي ختم ٿي ويندو.ان کانسواءِ سنڌ بئراج ڪري جيڪو تمام وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو اهو هي آهي ته مها ٻوڏ ۾ سنڌ بئراج جي برسٽ ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو جنهن جي ڪري ڊيلٽا جي علائقن ۾ وڏي تباهي اچي سگھي ٿي ۽ اهو تجربو 2010ع واري ٻوڏ جي صورت ۾ ٿي چڪو آهي جڏهن سجاول وٽان درياءَ جو بند ٽٽو جنهن ڪري سجاول کان وٺي بدين تائين وڏي تباهي ٿي هئي.
آئون پنهنجي ڳالهه کي سهيڙيندي اهو ضرور چوندس ته سنڌ بئراج ٺاهڻ سان نه ته ڊيلٽا بحال ٿي سگھي ٿو نه ئي بچي سگھي ٿو. اها به حقيقت آهي ته اهو رٿيل بئراج ڪنهن به حوالي سان سمنڊ جي قبضي يا چاڙهه کي نٿو روڪي سگھي ۽ نه ئي اهو ان جي لاءِ ٺاهيو پيو وڃي پر سنڌ بئراج ٺاهڻ جي پويان پاڪستان جي هائيڊرالڪ بيوروڪريسي جي ڪالونيل سوچ لڪل آهي ته سنڌوءَ وهڪرا ڪنهن به صورت ۾ سمنڊ ۽ ڊيلٽا ۾ وڃي نه سگھن. پوءِ ان جي لاءِ درياءَ جي منڍ واري علائقي ۾ ڊيم ٺاهي درياءَ جا رخ موڙڻا پيا ته موڙجن ۽ ان جي لاءِ درياءَ جي پوڇڙي واري علائقي ۾ بئراج ٺاهڻا پيا ته به ٺاهجن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سنڌ جا چونڊيل نمائيندا ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي سنڌ بئراج سميت سمورن ڊيمن۽ هائيڊرالڪ بيوروڪريسي جي ان ڪالونيل سوچ جي خلاف پنهنجو ڀرپور آواز اٿارين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *