تازا ترين
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

سنڌ اياز نه مرڻي آ!

1972ع جي ڳالهه آهي، آئون اٺ سال اسلاميه ڪاليج سکر ۾ علمي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 3 جنوري 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس. شايد ان ئي سال يعني 1972ع ۾ ٿر ۾ ڪارو ڏڪار آيو هو. مون پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪن دوستن کي چيو ته، “ٿري ويچارا مري رهيا آهن، سندن مال مري رهيو آهي مسڪينن جي مدد ڪريو، کين اتان لڏائي سپر هاءِ وي جي ٻنهن پاسن کان آباد ڪيو نه صرف ٿري پر سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو. هر ايم پي اي کي مجبور ڪيو وڃي ته هو پنهنجي علائقي جا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ ماڻهو ڪراچي آڻي کين آباد ڪري. جيڪي پڙهيل هجن تن کي تعليمي لياقت آهر نوڪريون ڏياريو. اڻ پڙهيل محنت مزدوري ڪندا.ڊکڻ، رازا ۽ ٻيا هنرمند پنهنجي هنرن وسيلي روزگار ڪمائيندا، جيڪي ڊرائيوري ڄاڻيندا هجن تن کي قسطن تي ٽيڪسيون وٺرائي ڏيو ته گاڏيون هلائي گذر سفر ڪن، مطلب ته گهڻي کان گهڻا ماڻهو ڪراچي ۾ آباد ڪيا وڃن ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪي هجرت ڪري ايندا آهن سي شروع ۾ مسڪين ۽ اپي پاپ هوندا آهن پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڌرتي ڌڻين کي تارا ڏيکاريندا آهن، تاريخ ۾ ان جو وڏو مثال موجود آهي، جنهن کي “مواخات” سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معني آهي ڪنهن کي ڀاءُ بڻائڻ. مڪي پاڪ مان جيڪي مسلمان هجرت ڪري مديني شريف ويا ته مديني وارن انهن جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون،کين پنهنجو ڀاءُ بڻايو، پنهنجي گھرن ۾ رهايو، پنهنجي ملڪيت مان حصو ڏنو، ايتري تائين جو جن کي ٻه زالون هيون تن هڪ کي طلاق ڏئي پنهنجي نئين ڀاءُ سان ان جي شادي ڪرائي پر پوءِ هوريان هوريان جڏهن مڪي جا مهاجر مضبوط ٿيا ته انصارن کي اکيون ڏيکارڻ لڳا، جيڪي نوڪريون هيون تن تي قبضو ڪري ويٺا. اصل ڌرتي ڌڻين کي معمولي پٽيوالي جهڙي نوڪري به نه ڏنائون، ساڻن وڏيون ناانصافيون ڪيائون. سنڌ ۾ به جڏهن مهاجر آيا ته سنڌين کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، هندن وارا خالي گهر کين ڏنائون. روزانو ديڳيون لهرائي سندن کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيائون. مون کي ياد آهي ته اسان جا سنڌي خوشيءَ مان هي گيت ڳائيندا هئا؛
“پناهگير پرديسي، ڀائر ڀلي آيا.”
مون 1972ع ۾ دوستن کي اها مهاجر ۽ انصار واري تاريخي حقيقت ٻڌائي هئي ۽ کين خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن اوهان ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو آباد ڪرڻ جي ڪا رٿا نه ڪئي ته هي ڀائر اوهان کي تارا ڏيکاريندا، اوهان وڏا ماڻهو آهيو، ڪراچي مان هليا ويندؤ پر هتي ڪراچي ۾ ڪيترائي مسڪين مارجي ويندا پر هنن منهنجي ڳالهه تي ڪو توجهه نه ڏنو. نيٺ هڪ ڏينهن ائين ئي ٿيو. پٺاڻن، پنجابين پلاننگ سان پنهنجا ماڻهو ڪراچي ۾ آباد ڪري پنهنجون ڪالونيون ٺاهيون، ويڙها وسايا ۽ مخالفن سان خوب مقابلا ڪري کين ٽوٽا چٻايا پر سنڌي ويچارا مهاجر آبادين ۾ بيواها ٿي ڪسجي ويا.
مون کي ياد آهي ته جڏهن جنرل ايوب خان جي حڪومت هئي ته هن مهاجرن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو. لالوکيت ۾ هڪ گهڻ ماڙ عمارت تعمير ڪئي وئي ۽ اهو پرگرام رٿيو ويو ته مهاجر ڀائرن کي ايوب خان پنهنجي هٿن سان دوڪانن جون چاٻيون ڏيندو. جڏهن ايوب خان ان پرگرام تحت مسڪين بيروزگار مهاجرن کي دوڪانن جون چاٻيون ڏيڻ آيو ته لالوکيت جي مهاجرن مٿس گندا آنا ۽ گندا ٽماٽا وسايا. ايوب خان هڪ غيرت مند انسان هو. هن پشاور وڃي پٺاڻن کي چيو ته، ”ڪراچي وڃو ۽ اتي وڃي محنت مزوري ڪري روزگار ڪمايو.” ڌڙا ڌڙ پٺاڻ ڪراچي اچڻ لڳا، ڪراچي ۾ رهندڙ پٺاڻن ڪن کي قسطن تي ٽيڪسيون وٺي ڏنيون، ڪن کي بوٽ پالش جو سامان وٺي ڏنو، ڪن کي محنت مزوري ته سان لڳرايو. ايوب خان وڏي دانائي سان مهاجرن سان پلاند ڪيو ۽ لکين پٺاڻن کي روزگار سان لڳايو.
پيپلز پارٽي نيڪ نيتيءَ سان مهاجرن ڏانهن ڀائپي وارو هٿ وڌايو، کين اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو، پر سندن مطالبا شيطان جي آنڊي وانگر وڌندا رهيا. پنهنجا مطلب پورا ڪري هو پيپلز پارٽي کان ڌار ٿيندا رهيا ڇو ته هو ڌُريان ئي ڌاريا هئا، تنهن ڪري مِٽ بڻجي نه سگهيا، ٻيو ته سندن من ۾ مدي هئي جيڪا نيٺ ظاهر ٿي پئي. نيٺ اهڙو وقت به اچي ويو جو پناهه وٺڻ وارن ديدهه دليري سان اعلان ڪيو ته، “پاڪستان پناهگيرن ٺاهيو آهي، سنڌين کي تهذيب اسان سيکاري آهي.” تاريخ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ڪوڙ ٿي سگهي ٿو.سندن خيال موجب محمد علي جناح يو پي مان آيو هو ۽ مهين جو دڙو هنن ديون کان دهليءَ مان کڻائي اچي ڏوڪري جي ڀرسان رکرايو. سندن مهرباني.
حقيقت هي آهي ته اسان جي حڪومت ڪراچي طرف ڪو خاص توجهه نه ڏنو، اهو شهر يتيم خانو بڻجي ويو. ڌارين جا ڪٽڪ ايندا رهيا. آبادي وڌندي رهي ته مسئلا به وڌندا رهيا. خطرناڪ هٿيار آيا، نشي پتي جو سامان آيو، الاجي ڇاڇا آيو، ڪنهن ان ڳالهه طرف غور ئي نه ڪيو ته روز هزارين ماڻهو ڪراچي اچن ٿا، ڪٿي رهن ٿا؟ ڪهڙو ڪاروبار ڪن ٿا؟ ان جي ڪا جاچ جوچ نه ڪئي وئي، ايئن اسان جي اٻوجهائي ۽ اڻ ڄاڻائي سبب خطرناڪ قسم جا ڏوهاري هٿيارن ۽ منشيات جا واپاري، خبر ناهي ته ٻيا ڪيترائي ڪڌو ڪاروبار ڪرڻ وارا ويڙها وسائي آستانا اڏي ويهي رهيا. اهو سلسلو اڃان جاري آهي، هينئر انهن مافيائن کي روڪڻ مشڪل آهي.
سنڌ مخالف ماڻهو جن جي سينن ۾ سازشون لڪل آهن سي وقت بوقت سازشون ڪندا رهيا آهن پر هر وقت کين ناڪامي نصيب ٿيندي رهي آهي. انهي سازشي ٽولي جي جيئن ته شروع کان ئي گندي ذهنيت رهي آهي، تنهن ڪري اهي سڄي ڪراچي ۾ گند اوڳاڇيندا رهيا. ايتري قدر جو ڪراچي جهڙي خوبصورت شهر کي گندو ڪري ڇڏيائون. هينئر انهي گند تي گندي سياست ڪري پاڻ کي گندو ڪري رهيا آهن. چون ٿا ڪراچي ۾ گند گهڻو ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت صفائي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، تنهن ڪري ڪراچي وفاق جي حوالي ڪئي وڃي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، ڪراچي ۾ ته صفائي ٿي ويندي پر گندي ذهنيت وارن جو گند ڪير صاف ڪندو؟
سازش ڪرڻ وارؤ! ياد رکو گند ڪچري جو بهانو بڻائي اوهان ڪراچي تي قبضو نه ٿا ڪري سگهو. “اين خيال است و محال است و جنون“ (اهو اوهان جو اجايو خيال آهي، ايئن ٿيڻ محال آهي، اها اوهان جي چريائپ آهي) اسان کان ڪي ڪوتاهيون ٿيون جيڪي اڄ ڀوڳي رهيا آهيون پر اوهان کي خواريءَ کان سوا ٻيو ڪجهه نه ملندو. سنڌ سدائين سلامت رهندي،
هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ
پر سنڌ اياز نه مرڻي آ

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *